owais tauheed

طالبان جي اڳواڻ احسان الله جو فرار، حقيقتون ۽ ڏندڪٿائون

اويس توحيد چونڊمواد ليکڪ

اويس توحيد

منهنجي احسان الله احسان سان ٻارنهن سال اڳ افغانستان جي سرحدي علائقي ڪنڙ ۽ نگرهار لڳ ۽ پاڪستان جي علائقن باجوڙ ۽ خيبر ۾ ٿي هُئي. ان وقت احسان الله احسان پنهنجو اصلي نالو لياقت علي  قبيلو صفي استعمال ڪندو هو. ان کان ڪافي سال بعد هُن ان وقت مون کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون هيون جڏهن مون طالبان جي امير حڪيم الله محسود کي هڪ ٽي وي چينل تي ” مارجي ويل“ چوڻ شروع ڪيو هو، بجاءِ ” شهيد“ چوڻ جي. مون کي چڱي طرح سان ياد آهي ته ان وقت هُن چيو هو،  توهان اسان جي “مارجي ويل” ساٿين کي “شهيد” ڇو نه ٿا چئو“.  احسان الله احسان سان ان وقت انتهائي تلخ ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ هُن مون کي ڌمڪي ڏيندي چيو، ” مان تنهنجي نرٽ ۾ چار گوليون هڻي توکي ماري ڇڏيندس”.

ان بعد احسان الله احسان ويڙهاڪن جي دنيا ۾ داخل ٿي ويو ۽ انهن جي تربيت جا فرض سرانجام ڏيڻ لڳو ۽ طالبان جي امير عبدالولي جو ترجمان ٿي ويو جيڪو خالد خراسانيءَ جي نالي سان مشهور هو.  هو روانيءَ سان اردو، پشتو، فارسي، عربي ۽ انگريزي ڳالهائي سگهندو هو ۽ تعليم يافته هو. ان بعد هو پاڪستاني طالبان جي امير حڪيم محسود جو ترجمان ٿي ويو ۽ بيت الله محسوس جي مارجي وڃڻ بعد هو  ويڙهاڪن جي سربراهه ٿي ويو.

احسان الله احسان صحافين جي هڪ گروپ سان جنهن مان به هوس ڳالهائيندي چيو ته، ” مان وڪيل ٿيڻ پئي چاهيو پر قسمت مون کي هتي آندو آهي“، هُن طالبان جي ميڊيا سيل کي انتهائي فعال بڻايو ۽ طالبان جي پروپيگنڊا کي مؤثر ڪيو، ان جي ئي سربراهيءَ ۾ طالبان جا گيت جاري ٿيندا هيا، ماڻهن جا سر قلم ڪرڻ جا وڊيون رڪارڊ ٿيندا هيا، مختصر فلمون ٺاهي جاري ڪيون وينديون هيو، مقامي صحافي ٻڌائيندا هيا ته ڪهڙي نموني نه هُو پڙهيل لکيل نوجوانن کي رسين ۾ ٻڌندو هو.

هُن پنهنجي آفيس کي ڪلاشنڪوف سان سينگاري رکيو هو ۽ ڪمپيوٽرز پڻ رکيا هيا، هُن يونيورسٽيءَ جي شاگردن کي اهي هدايتون جاري ڪيون هيون ته هو ميڊيا کي اسڪين ڪن خاص ڪري سي اين اين ۽ الجزيره کي ، اهو حڪيم الله محسود ئي هيو جنهن کيس صلاح ڏني ته هو احسان الله احسان جو نالو اختيار ڪري ، ڇو جو طالبان جي حلقي ۾ اها ڳالهه عام آهي ته 1996ع  ۾ جنهن پهرين مجاهد ڪابل کي فتح ڪري افغانستان جي صدر نجيب الله کي ٽريفڪ سنگنل تي ڦاهيءَ چاڙهيو هو  ان جو نالو احسان الله احسان هو.

حڪيم محسود الله جي دور  ۾ هن جو  مرڪز ميران شاهه ۾ هوندو هو ، هو ان وقت قبائلي علائقي ۾ ازبڪستان ۽ چيچينيا سميت پرڏيهي ويڙهاڪن ۽ القائده وچ ۾ ڪوآرڊينيٽر مقرر ٿيو. ان وقت هُن سندن وچ ۾ رابطن جو ڪم ڪيو ان وقت هو آمريڪا جي ڊرون حملن ڪري ذهني مونجهاري جو شڪار هيو . هُن جا اسما بن لادن جي پُٽ حمزه بن لادن سان پڻ ويجها رابطه هيا.

جڏهن اتر وزيرستان ۾ فوجي آپريشن شروع ڪيو ويو ته هو پنهنجي اڳواڻ ساٿي عمر خراسانيءَ سان گڏ افغانستان فرار ٿي ويو  ان وقت هُن پاڪستاني طالبان سان پنهنجا رابطاختم ڪري عمر خراسانيءَ سان گڏجي پنهنجو الڳ گروپ جميعت الحرار نالي جوڙيو، جنهن ڪيترن ئي دهشت گرد ڪارروايون جون ذميواريون قبول ڪيون.

اهڙي طالبان اڳواڻ جڏهن ٽي سال اڳ پشاور ۾ هٿيار ڦٽا ڪيا ته کيس پنهنجي ڪٽب سان رهڻ ڏنو ويو، کيس انٽرنيٽ ۽ موبائل فون جي سهولت به مهيا ڪيل هُئي جڏهن ته هُن کي پنهنجي ٻي زال مان ٻار پڻ پيدا ٿيا.  قبائلي علائقي جي هڪ صحافيءَ جو چوڻ آهي ته احسان الله احسان سان منهنجي هڪ مهينو اڳ ان وقت ڳالهه ٻولهه ٿي هُئي جڏهن مان پشاور پريس ڪلب  جي هڪ موسيقيءَ جي پروگرام ۾ شريڪ هوس، ان وقت هڪ دوست مون کي پنهنجي فون ڏيندي چيو ته ڪو توهان سان ڳالهائڻ گهري ٿو، جڏهن مون فون ڪن تي رکيو ته مون کي احسان الله احسان جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، مان سندس آواز سٺي نموني سڃاڻان، هو چئي رهيو هو تون پاپ موسيقي پيو ٻڌين توکي ته انقلابي گيت ٻڌڻ گهرجن ۽ انقلابي شاعري پڙهڻ گهرجي.

احسان الله احسان هڪ دفعو وري ڀڄي ويو آهي، جڏهن ته فوجي ۽ سويلين اختياريون سندس فرار ٿيڻ متعلق خاموش آهن، هڪ نامعلوم ذريعي جو چوڻ آهي ته احسان الله احسان هڪ حساس انٽيليجنس آپريشن دوران فرار ٿي ويو آهي. انتهائي فوجي ۽ محفوظ حراست مان احساس الله احسان جي فرار ٿيڻ وري ڪيترن ئي سوالن ۽ سازشي نظرين کي جنم ڏنو آهي.

جڏهن ته احسان الله احسان فرار ٿيڻ بعد وري هڪ نئون ٽيوٽر اڪائونٽ تي اچي ويو آهي ته جيئن هو وري نيئن سر پنهنجا رابطا جوڙي سگهي، احسان الله احسان  جي فرار ٿيڻ بعد آرمي پبلڪ اسڪول جي سانحي ۾ شهيد ٿيندڙ ٻارڙن جا والدين انتهائي غم ۽ غصي ۾ آهن جن جي ٻارڙن کي بيگناهه ۽ انتهائي بي درديءَ سان قتل ڪري انهن کي سڄي زندگيءَ جو ڏک ڏنو ويو، هو پڇڻ چاهين ٿا ته “ احسان الله احسان، ڪيئن فرار ٿي ويو”.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے