عاصمه شيرازي
زمانو چال هلي ويو ۽ چال به انهن سان هلي ويو جيڪي هر چال کي ڍال فراهم ڪندا هيا، چال به اهڙي غضب جي جو نه اڳين کي خبر پئي ۽ نه ئي وري پوين کي خبر پئي، خواهشون مفادن کي جنم ڏينديون آهن ۽ وري مفاد سمجهوتن کي جنم ڏيندا آهن، جيستائين مفاد گڏيل هيا تيستائين صفحو به هڪ هيو ۽ ان تي لکيل تحرير به هڪ هئي.
گذريل ٽن سالن ۾ ڇا، ڇا نه ٿيو آهي، صحافت هُجي يا سياست، معيشت هُجي يا معاشرت، اقتدار هُجي يا انداز هُجي ڪنهن به شعبي کي درگذر نه ڪيو ويو. هڪ هڪ ڪري تحرير ۽ تقرير تي پابندي لڳائي وئي، انهن ٽن سالن ۾ هڪڙو وقت اهڙو به آيو جڏهن پارليامينٽ ۾ مخالف ڌر جي ٻن اڳين بينچن تي ويهندڙ اڳواڻن کي جيلن ۾ بند ڪيو ويو.
انهن ٽن سالن ۾ احتساب جو نعرو هنيو ويو ۽ ايجنڊا هُئي انصاف ڪرڻ … پر هن وقت تائين اها سڌ پئجي نه سگهي آهي ته نيب جي ڪيسن جو ڇا ٿيو ؟ اهڙي مجموعي صورتحال جو ٻيو رخ ڏيکاريندڙ صحافين کي لفافا صحافي، بدعنوان ۽ ڪرپٽ سميت خبر نه آهي ڇا، ڇا چيو ويو ۽ ڪهڙن ڪهڙن لقبن سان نوازيو ويو، سوشل ميڊيا ۾ تنقيد ڪندڙن خلاف ڊس انفارميشن جي مهم هلائي وئي جيڪا اڄ تائين جاري آهي.
گذريل هفتي احتساب جو بيانيو هڪ آرڊيننس جي صورت ۾ دفن ٿي ويو ته ان جي دفن ٿيڻ بعد ئي وري ”هڪ صفحي تي آهيون“ بيانئي تحت عمارت جوڙيندڙ اداري خلا ف خاموشيءَ سان مهم جو ئيڪيو ويو. ٻئي طرف تحمل به داد لائق آهي، اها ڪوشش جيڪڏهن جو آغاز ڪنهن سياسي جماعت ڪئي هُجي ها ته ان کي ميمو ۽ ڊان ليڪس کان وڌيڪ سخت صورتحال کي منهن ڏيڻو پئجي وڃي ها.
آرمي چيف جي عهدي ۾ واڌ جي نوٽيفڪيشن جي معاملي تي دنيا ۾ ٿوري بدنامي ٿي هُئي پر هاڻي واري نوٽيفڪيشن ذريعي ته اداري کي ئي شرمندگيءَ جو باعث بنائڻ جي ڪوشش قرار ڏنو پيو وڃي. هاڻوڪين مقررين ۽ بدلين جي صورتحال ته گذريل ڪيترن ئي مهينن کان جڙيل هُئي، اها ڳالهه ته طئه هُئي ته بدلي ٿيندي پر اهڙو ڪهڙو فيصلو ٿيو جيڪو ٿيڻ بعد ئي تڪرار جي ور چڙهي ويو، جو اسلام آباد جي ڊرائنگ رومز ۾ ” تبديليءَ“ جي افواهن حقيقت جو روپ اختيار ڪري ورتو.
اهو معاملو ته حل ٿيڻو ئي هيو، اداري جي اندر جي ضابطي کي ته ڪنهن به طور تي نه ته ٽوڙي ٽڪر ٽڪر ڪرڻو هو ۽ نه ئي ادارو پنهنجا معاملا اهڙن هٿن ۾ ڏئي ٿي سگهيو جنهن کي اداري پاڻ جوڙيو ۽ پيدا ڪيو هُجي، هاڻي آخرڪار ڇا ٿيندو؟، ڇا اڳين وزيراعظمن وانگر هن وزيراعظم کي به ٽف ٽائم ڏنو ويندو يا وري ان جي خلاف به ڪنهن ميمو ۽ ڊان ليڪس جهڙي ڪرامت ڪئي ويندي.؟.
ياد رهي ته موجوده سيٽ اپ رانديگرن جو آهي، پوءِ ڇا ٿيو جيڪڏهن اهي پرفارم ڪري نه ٿا سگهن، هو صادق ۽ امين به آهن ۽ انهن ڪرپٽ عنصرن خلاف جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي اهو ٻئي ڪنهن به نه ڪيو آهي.” هڪ صفحي تي آهيون“ جي اوٽ ۾ جهڙي نموني ملڪ جي مفادن کي پنهنجي ذاتي حساب ڪتاب ۾ چڪتو ڪيو ويو، ان جو به ڪو مثال نه ٿو ملي.
رانديگر هر شيءِ کي خدا حافظ چئي سگهي ٿو پر راند کي نه، مزي جي ڳالهه اها آهي ته جن امير المومنين بڻايو انهن کي ئي وري خالد بن وليد جو مثال ڏنو پئي ويو، بااثر حلقا پنهنجي ٽيم کي رياست مدينه جي تناظر ۾ مذهبي ڪارڊ جي لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن، باخبر ماڻهن کي هوشيار رهڻ گهرجي ته ايندڙ وقت ۾ ان جو ڀرپور نموني مظاهرو به ٿي سگهي ٿو.
کلاڙيءَ کي خبر آهي ته آخري ميچ جي آخري بال تائين کيڏڻو آهي، ان لاءِ هو ڪنهن حد تائين به وڃي سگهي ٿو. هن دفعي مقابلو ” طاقتور اليون“ ۽ ”بااثر اليون“ جي وچ ۾ آهي، اهڙي صورتحال ۾ اهو مرحلو انتهائي دلچسپ آهي ته ڪهڙي عمل جو ڪنهن تي ڪهڙو اثر پوندو، اهڙي صورتحال جو مظهر ايندڙ وقت تي ڇڏيل آهي.