ابراھيم ڪنڀر
ضمني چونڊن جو نتيجو سامھون اچي ويو آھي، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي 11 تڪن تي ضمني چونڊون ٿيون، قومي اسيمبلي جي ستن تڪن ۾ عمران خان اميدوار ھو جنھن مان رڳو سنڌ مان حڪيم بلوچ کيس شڪست ڏئي سگھيو جڏھن تہ پنجاب ،ڪي پي ڪي ۽ سنڌ جي گادي ڪراچي ۾ ڪورنگي واري سيٽ تان بہ عمران خان پنھنجي سيٽ کٽي آيو، بظاھر ھڪ ئي وقت قومي اسيمبلي جون ڇھ سيٽون کٽڻ ڪنھن بہ ملڪي سياستدان جي لاءِ وڏو رڪارڊ آھي، عمران خان رڪارڊ ٽوڙيو آھي، ضمني چونڊن ۾ عمران خان ڪامياب ٿيو آھي انھي حقيقت کي تسليم ڪرڻو پوندو، انھي شي کي بہ مڃڻو پوندو تہ جنھن سياسي جماعت کي مخالف جماعتن کان پلاند وٺڻ جي لاءِ تاتي پالي وڏو ڪري اقتدار تي ويھاريو ويو ھو اھا جماعت پنھنجي خالقن جا پير ڇڪڻ، کين رسوا ۽ بي توقير ڪرڻ واري بيانئي تحت اليڪشن بہ کٽي رھي آھي، جلسا جلوس بہ ڪري رھي آھي، عمران خان جا ڀاڳ ڀلا آھن جو ھڪ سگھاري اداري کي دفاعي پوزيشن تي آڻي بيھاري ڇڏيو آھي، ماڻھن کي ڀڙڪائڻ کان وٺي ادارن جي سربراھ خلاف بدزباني تائين ھر ڪم ڪرڻ جي باوجود کيس سموريون گهربل سھوليتون موجود آھن، عمران خان جيڪا پوزيشن ھاڻ ورتي آھي اھا پوزيشن جيڪڏھن 2018ع جي چونڊن کان اڳ وٺي ھا يا وري حڪومت ۾ ھوندي ھو سياست مخالف ضيائي مائينڊ سيٽ کان ڪم وٺڻ بدران جمھوري نظام، آئين ۽ پارليمنٽ جي مضبوطي سان گڏ سگھارن ادارن کي آئين جو پابند بنائڻ واري سياست ڪري ھا تہ شايد اڃان بہ وڌيڪ ڪامياب ٿئي ھا. پر اڄ جي حقيقت اھا آھي تہ عمران خان ضمني چونڊن ۾ ھڪ فرد جي حيثيت ۾ وڏي ڪاميابي ماڻي آھي جيڪا سندس مخالف جماعتن يا فردن کي تسليم ڪرڻي پوندي، ضمني چونڊن جي روشني ۾ عمران خان جي روش، روئي، سياست، ٻين سياسي جماعتن جي مستقبل، حڪومتي صورتحال، سگھارن ادارن جي پوزيشن، صوبائي حڪومتن جي مدد، اليڪشن ڪميشن جي ڪردار،سموري صورتحال جو مختصر جائزو وٺڻ ضروري آھي.
ھن سموري صورتحال ۾ پھريون سوال عمراني سياست تي اٿي ٿو،عمران خان سمورن خالي تڪن تي پاڻ بيھڻ جو اعلان ڇو ڪيو؟ ڇا عمران خان آئين تحت ھلندڙ پارلياماني جمھوري نظام مان مطعمن آھي؟ ڇا عمران خان ملڪ اندر سياسي جمھوريت ڏيڻ چاھي ٿو؟ ڇا عمران خان آئين جي بالادستي ۽ پارليمينٽ جي خودمختياري جو خواھشمند آھي؟ انھن سمورن سوالن جو ھڪ ئي جواب آھي، عمران خان پنھنجي ذات ۾ پاڻ ئي جمھوريت پسند ناھي ھونئن تہ اھو مرض سمورين سياسي پارٽين اندر آھي ھر پارٽي جو سربراھ پنھنجي اندر مطلق العنان آھي، پر عمران خان ۾ وري ضد، انا،م سھپي، پاڻ پڏائڻ، عقل ڪل ھجڻ واريون سموريون واڌو وصفون آھن، سمورن خالي تڪن تي پنھنجي پارٽي مان ڪنھن بہ اميدوار کي بيھارڻ بدران پاڻ بيھڻ جي پويان انھي پرفيڪشن ، مقبول معروف ھجڻ، امين صادق ھجڻ واري خوشفھمي جو عمل دخل ھو ٻيو عمران خان کي خبر ھئي تہ ٻيو ڪو بہ اميدوار ھوندو تہ فين فالوونگ وارو چڪر نہ ھلي سگھندو، مزي جي ڳالھ اھا تہ پاڻ کي نظرياتي نظرياتي ڪري نہ ٿڪجندڙ عمران خان جي ڪنھن ترجمان، عھديدار يا ڪارڪن خانصاحب کي اھو نہ چيو تہ سڀني تڪن تي تون اڪيلو ڇو؟ ڇا سڀاڻي جيڪي عام چونڊون ٿينديون انھي ۾ 272 جنرل سيٽن تي اڪيلو عمران خان ئي اميدوار ھوندو، ھن ڀيري عمران خان درست سمجھيو ھو تہ ھن پارٽي اندر ھن کان وڌيڪ اھل، قابل، لائق فائق ڪو اميدوار ناھي، ٿي سگھي ٿو تہ کيس انھن خالي تڪن ۾ ٻي اميدوار جي صورت ۾ شڪست نظر اچي رھي، انھي جي ڪري ھن فيصلو ڪيو تہ سمورن تڪن تي ھو پاڻ بيھندو.پنھنجي پارٽي جي ماڻھن جي ڀروسو ڪرڻ، شڪست جي خوف يا ٻي ڪنھن بہ سبب جي ڪري عمران خان اليڪشن ۾ بيٺو اليڪشن کٽي بہ ويو پر ھاڻ ڇا ٿيندو اھو سوال اڃان وڌيڪ اھم آھي انھي سوال جي جواب ۾ عمران خان جي پارلياماني جمھوري نظام بابت سنجيدگي جي پاسن تي بہ غور ڪنداسين.
ھڪ ڳالھ ذھن ۾ رکڻ ضروري آھي تہ عمران خان يا سندس پارٽي پارليمنٽ جو بائڪاٽ ڪري رکيو آھي، اھو ھن کان اڳ 2014ع جي ڌرڻي دوران بہ ٿيو نيٺ کين پارليمنٽ اندر واپس ٿيڻو پيو، ھاڻ بہ جيڪڏھن ضمني اليڪشن جي نتيجن جي زور تي ادارن کي بليڪ ميل ڪري بارگينگ پوزيشن ۾ نہ آڻي سگھيو تہ انھي جو امڪان وڌيڪ آھي تہ تحريڪ انصاف پارليمنٽ اندر واپس اچي.عمران خان ھن وقت بہ قومي اسيمبلي جو ميمبر آھي، ميمبر ھوندي ھو ستن تڪن تي ايم اين اي طور بيٺو ۽ ڇھن تڪن تي کٽي ويو. انھي جي پويان ڪا راڪيٽ سائنس يا سياسي فسلسفو لڪيل ناھي، عمران خان ملڪ اندر ھر حال ۾ سياسي انتشار، بي استحڪامي، افراتفري چاھي ٿو، ضمني چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو مطلب پارلياماني نظام سان محبت ناھي پر اصل ۾ انھي نظام کي ناڪام ڪرڻ يا بحراني ڪيفيت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش آھي، ھاڻ ٿيندو ڇا جو جن ڇھن تڪن تان کٽيو آھي انھن ڇھن تڪن تي وري چونڊ ٿيندي، انھي جون ٻہ صورتون آھن پھرين تہ قومي اسيمبلي ۾ ھن وقت عمران خان ميانوالي واري تڪ جو ايم اين اي آھي، جيڪڏھن سندس انھي سيٽ جي استعيفي منظور ٿئي ٿي تہ انھن ڇھن تڪن مان ڪو ھڪ تڪ رکي انھي جي لاءِ قومي اسيمبلي ۾ وڃي حلف کڻڻو پوندو، يا وري پراڻي تڪ تي ايم اين اي برقرار رھي ڇھن ئي تڪن تان وري استعيفي ڏيڻي پوندي انھي صورت ۾ اليڪشن ڪميشن کي وري ڇھن تڪن کي خالي قرار ڏئي ضمني چونڊن جو اعلان ڪرڻو پوندو، انھن چونڊن ۾ ڪامياب ٿي عمران خان ڪجھ ادارن کان عوامي طاقت جي تاثر جي بنياد تي رعايت وٺڻ، ٻيھر کيس اقتدار تي ويھارڻ يا وري بارگينگ ڪرڻ جي لاءِ ڳالھين تي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، مطلب تہ ھن جو جمھوريت، آئين جي حڪمراني، پارليمنٽ يا قانوني جي حڪمراني سان ڪجھ اچي نہ وڃي ھو پنھنجو رستو صاف ڪرڻ يا وري اقتدار کان الڳ ٿيڻ واري عمل جو پلاند ڪرڻ چاھي ٿو.
ضمني چونڊن جو ٻيو پاسو اھو آھي تہ عمران خان سگھارن ادارن کي تنقيد جو نشانو بنائي جيڪو وقتي بيانيو ٺاھيو انھي جي بنياد تي کيس ووٽ پيو آھي انھي بيانئي کي وقتي طور ادارا ھضم ڪن تہ ڪري وڃن پر مستقل طور اھا ڳالھ ھاضمي کان ٻاھر آھي، ڇاڪاڻ جو جنھن رستي تي عمران خان ھلي رھيو آھي اجتماعي سياسي بنيادن تي اھو کڻي ملڪ جي مفاد ۾ بہ ھجي پر ھن ملڪ ۾ ائين ڪڏھن ٿيو ناھي جو انھي حقيقت کي تسليم ڪيو وڃي ھي تہ بيانيو آھي پر حقيقي صورتحال آھي جو ادارا انھي قسم جو بيان ٻڌڻ بہ پسند ناھن ڪندا، شھباز گل يا سينيٽر اعظم سواتي جو مثال سامھون آھن انھن جا بيان ھئا انھن مٿان ڪيس داخل ڪيا ويا، عمران خان کي وقتي طور کڻي اھا سھوليت مليل آھي جو مٿس ڪا سختي ناھي، ڪيس، پيشيون، ضمانتون ٺيڪ آھن پر اڃان بہ اھو سمجھيو پيو وڃي تہ جن ادارن جي خلاف عمران خان ڳالھائي ماڻھن کي ڀڙڪائي رھيو آھي انھن ادارن مان کيس سپورٽ ملي رھي آھي ٻي صورت ۾ ڪنھن جي مجال ناھي جو ائين کلي عام ٻانھن لوڏي ھلندو وتي.جيستائين عمران خان جو نواز ليگ، عوامي نيشنل پارٽي يا حڪومتي اتحاد کي شڪست ڏيڻ جو سوال آھي تہ حڪمران اتحاد پنھنجي وقتي ڪرسي خاطر انھي بيانئي تان ھٿ کڻي ڇڏيو آھي انھي جي ڪري ايندڙ اليڪشن ۾ انھن سياسي پارٽين کي وري نئين سر تياري ڪرڻي پوندي، ھن اليڪشن سان نواز ليگ جي اھا غلط فھمي بہ دور ٿيڻ گهرجي تہ پنجاب سندن ڳڙھ ئي رھڻو آھي،جيڪي ادارا سياسي جماعتن کي مختلف صوبن مان ختم ڪرڻ جو پلان جوڙي رھيا ھئا انھن پھرين پنجاب مان پيپلز پارٽي جي تڏا ويڙھ ڪرائي، ٻيو وارو نواز ليگ جو اچڻو ھو جيڪو اچي چڪو آھي، نواز ليگ کي وقتي اقتدار جو نقصان ضمني چونڊن جي صورت ۾ ٿيو آھي جو راڻا ثنااللہ جي گهر جي پولنگ بہ نواز ليگ ھارائي وئي، نواز ليگ سان ٻيو مسئلو ھو تہ ضمني چونڊن کي غلط فھمي جي بنياد تي سنجيدہ بہ نہ ورتو، سندس اميدوار بہ ڪي اھڙا چڱا نہ ھئا، ضمني چونڊون کٽڻ جي لاءِ نواز ليگ وٽ ڪو خاص پروگرام بہ نہ ھو.ھتي اھو بيان ڪرڻ بہ ضروري آھي تہ پنجاب يا ڪي پي ڪي ۾ صوبائي سرڪاري مشينري جو اليڪشن جي آخري گهڙي تائين استعمال بہ ھڪ فيڪٽر ھو جنھن تحريڪ انصاف کي فائدو ڏنو آھي.
نواز ليگ، عوامي نيشنل پارٽي يا جي يو آئي سميت حڪمران اتحاد کي سنجيدگي سان سوچڻو پوندو تہ ايندڙ عام اليڪشن ۾ ھنن کي ڪھڙي حڪمت عملي تيار ڪرڻي آھي، ڪھڙو بيانيو ڏيڻو آھي انھي کان وڌيڪ حڪومت جي آزمائش عوامي رليف ھوندي، ڪي عوامي فلاحي منصوبا ھوندا ساڳي ريت موجودہ ريت جنھن پرو اسٽبلشمنٽ روش تي حڪمراني ڪري رھيا آھن انھي تي اڳيان ھلي اليڪشن ۾ نٿا وڃي سگھن، ھنن ضمني چونڊن ۾ وڏو نقصان نواز ليگ جو ٿيو آھي جنھن گهر جون سيٽون وڃايون آھن،نواز ليگ کي ضمني چونڊن کي ٽيسٽ ڪيس طور کڻڻو پوندو، ٻيو اھم سوال تہ اليڪشن ڪميشن پنھنجي بھترين ڪارڪردگي ڏيکاريندي شفاف چونڊون ڪرايون آھن، عمران خان کي انھن نتيجن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن تي ڪو اعتراض نہ ڪرڻ گهرجي، پر ھن جي پراڻي عادت آھي تہ ھو اليڪشن ڪميشن کي بخش نہ ڪندو ھن جي زبان ۽ عمل کان ڪو ادارو ناھي بچيل انھي جي ڪري ٻہ ٽي ڏينھن رکي ھو اليڪشن ڪميشن جي لاءِ پنھنجو ساڳيو انداز اختيار ڪندو، جيڪڏھن ھن وقت سندس راءِ اليڪشن ڪميشن جي لاءِ تبديل ٿي آھي تہ توشا خانا ڪيس جي فيصلي، منع ٿيل فنڊنگ ڪيس جي فيصلي جي ممڪن طور خلاف اچڻ تي عمران خان کي پنھنجي راءِ تبديل نہ ڪرڻ گهرجي،
حڪومت وٽ سوچڻ جي لاءِ اھا شي آھي تہ عمران خان جي ڇھن سيٽن جي طاقت جنھن جو نظام تي ڪو اثر ناھي پوڻو يا وري انھن نتيجن جي بنياد تي ٻي ڪنھن اداري جي پوندڙ دٻاءُ کي قبول ڪرڻ بدران پنھنجا مھانگائي بيروزگاري جي خاتمي،معشيت جي بھتري، گهربل قانونسازي سميت سمورا ٽاسڪ پورا ڪري مقرر مدي تي اليڪشن ڪرائن جو اعلان ورجائي،حڪومت ڪنھن اداري يا فرد جي آڏو سرينڊر ڪرڻ بدران پنھنجا آئيني قانوني اختيار استعمال ڪري، پارليمنٽ کي خودمختيار بنائي، وزيراعظم کي اھم عھدي جي مقرري جي حوالي سان پنھنجا آئيني اختيار بنا ڪنھن دٻاءُ جي استعمال ڪرڻ گهرجن.حڪومت ھاڻ کان ڪوشش ڪري تہ جيڪي ادارا نيوٽرل ٿيڻ جي ڳالھ ڪري رھيا آھن انھن کان عملي طور ثبوت گهري تہ اھي نيوٽرل ٿيا آھن تہ سياسي ماحول کي ھن حد تائين پھچندڙ ڪردارن کي وائکو پنھنجي صفن مان سياسي ماڻھن جي خلاف ضابطي جي ڪارروائي ڪن، عمران خان جھڙي ڪمزور رانديگر کي تاتي پالي وڏو ڪندڙن جي لاءِ بہ فڪر جي ڳالھ آھي تہ سياسي مداخلت جا نتيجا اھڙا بہ ملي سگھن ٿا جيڪي عمران خان اداري جي بي توقيري ڪري ڏئي رھيو آھي انھي جي ڪري آئندہ عمران خان ٽائيپ وزيراعظم ٺاھڻ جي فيڪٽري بند ٿيڻ گهرجي.