ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي معاملا ڏکيا ضرور آهن پر ڪنٽرول ۾ آهن ثابت ڪري سگهان ٿو ته مُلڪ ڊيفالٽ نه ڪندو.
ڪراچي ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي تقريب کي خطاب دوران اسحاق ڊار چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت ايس اي سي تي ڌيان نه ڏنو، سستي سياست لاءِ ملڪ کي نقصان پهچايو پيو وڃي ۽ مُلڪ جي ڊيفالٽ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، ماڻهن کي خوف وڪوڙي ويو آهي ڪير ڊالر تي ڪير سون خريدي رهيو آهي، سياسي مقصدن لاءِ اهڙيون ڳالهيون نه ڪرڻ صحيح ناهي.
هن چيو ته سنگين مسئلا آهن پر اسان کي ان جو حل ڪڍڻو آهي، اسان کي ڪنهن کي انتقام جو نشانو ناهي بڻائڻو، ملڪي معيشت کي ٺيڪ ڪرڻو آهي، ثابت ڪري سگهان ٿو ته پاڪستان ڊيفالٽ نه ڪندو ۽ اسان مدد لاءِ پئرس ڪلب نه وينداسين، ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ پاڪستان جي پوزيشن واضح ٿي ويندي، مان ملڪي مسئلا حل ڪري رهيو آهيان، هي ماضي جو پاڪستان ناهي، مُلڪ ڇو ڊيفالٽ ڪندو.
سندس چوڻ هو ته 2013ع ۾ به چيو ويو هو ته پاڪستان ڇهن مهينن اندر ڊيفالٽ ڪري ويندو، ڊڪٽيٽر آءِ ايم ايف جو پروگرام پورو نه ڪري سگهيا، ن ليگ آءِ ايم ايف جو پروگرام ڪيو هو.
اسحاق ڊار چيو ته معيشت تي تجربا ٿيا ۽ مان ان جو جوابدار نه آهيان، ڊالر جي پاڙيسري ملڪ اسمگلنگ هڪ وڏو مسئلو آهي، اسان کي ڊالر، ڪڻڪ ۽ ڀاڻ جي اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ قدم کڻڻا پوندا.