ابراھيم ڪنڀر
ٻن اھم سياسي معاملن تي سڙٻاٽ، سس ڦس ۽ ڪجھ قدر سرگرميون جاري آھن، ھڪ صدارتي نظام آھي ٻيو سرائيڪي صوبو آھي. صدارتي نظام جي حوالي سان مختلف اخبارن ۾ مضمون، رياستي نگراني ۾ ھلندڙ ميڊيائي چئنلنز تي اشتھاري مھم وغيرہ جاري آھن،ھن کان اڳ ۾ بہ وزيراعظم جي پسنديدہ سياستدان عطاالرحمان جھڙا ماڻھو صدارتي نظام جي حق ۾ ھڪ کان وڌيڪ مضمون لکي چڪا آھن ۽ مختلف اخبارون ساڳين مضمونن کي ھڪ کان وڌيڪ ڀيرا اھي مضمون ڇاپي چڪيون آھن. ھاڻ وري ڏينھن ڏٺي جو الوٽ، برباش نظر ايندڙ جمھوريت جي چاھيندڙن کي گولي ھڻي انھي گولي جا پئسا بہ مقتول جي گهر وارن کان ڀرائڻ جي ڳالھ ڪن ٿا، اھي يا انھن جھڙا نام نھاد تجزئي نگار بہ صدارتي نظام جي شان فضليت جا قصيدا پڙھندا رھيا آھن.اھي سڀ جا سڀ جمھوريت دشمن ھڪ منصوبابندي تحت پيدا ڪيا ويا.
عوام کان خوفزدہ قوتون ھميشا عوام کي جمھوريت، آئين ۽ سياست کان بيزار ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رھنديون آيون آھن، جن ھٿن انھي ڪم جو ٺيڪو کنيو اھي ڪنھن قدر ڪامياب ٿي چڪا آھن، ھاڻ ھن ملڪ ۾ ھڪڙو لڏو اسلامي نظام يا خلافت چاھي ٿو، ٻيو اھو لڏو آھي جيڪو ملڪ اندر صدارتي نظام جي ناڪام تجربن بلڪہ تباھين کانپوءِ بہ ساڳيو مطالبو ورجائي ٿو.خلافت واري نظام جي لاءِ بغاوتون ۽ انھن باغين کي نالي ماتر سزائون بہ رڪارڊ تي موجود آھن، سپريم ڪورٽ ۾ چار ڏينھن ھڪ انھي قسم جو ڪيس ھو جنھن ۾ ٻن سزا کاڌل عملدارن ڪورٽ سڳوري کي عرض ڪيو تہ اسان 26 سالن کان انصاف جي لاءِ ذليل ٿي رھيا آھيون مھرباني ڪريو اسان جو ڪيس ٻڌو، انھن ٻنھي حضراتن تي ٻيو ڪو الزام نہ ھو بس چونڊيل حڪومت جي خلاف بغاوت جو الزام ھو جن کي ڪورٽ مارشل ذريعي ڪجھ سالن جي سزا ملي،اھا سزا ختم ڪرائڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ جا چڪر ڪاٽي رھيا آھن، ٻئي معاملا اھم انھي جي ڪري آھن،ھتي سدائين ڪجھ وقت کانپوءِ صدارتي نظام جي راڳڻي ڳائي ويندي آھي، اھا بہ سڀني کي خبر آھي تہ ھن ملڪ ۾ چار ڀيرا صدارتي نظام رھيو آھي، صدارتي نظام آمريڪي صدارتي نظام نہ پر اھڙو نظام رھيو آھي جنھن ۾ طاقت جو محور صدر مملڪت رھيو آھي، اسان وٽ رڳو صدارتي نظام نہ پر فوجي صدارتي نظام رھيو آھي، اھڙو مضبوط نظام جنھن ۾ ملڪي سربراھ جي وات مان نڪتل ھر اکر قانون بڻجي ويندو رھيو آھي، اسان جون عدالتون سڳوريون اھڙن فوجي صدرن کي آئين ۾ ترميم جا غير آئيني اختيار بہ ڏئي چڪيون آھن پر انھي جي باوجود اھي تجربا ناڪام ٿيا، رڳو ناڪام ئي نہ ٿيا پر انھن تجربن ۾ ڪڏھن ملڪ جو علائقو،ڪڏھن صوبو ھٿ مان ويو ھليو.
اسان وٽ ھڪ حلقو اھڙو آھي جيڪو ملڪ ۾ ڪجھ روڊ رستن، ڊيمن، صنعتن کي تعمير کي ملڪ جي ترقي سان ڀيٽ ڏي ٿو، انھي حلقي ۾ اسان جو موجودہ وزيراعظم بہ شامل آھي، انھي حلقي جو خيال آھي تہ جنرل ايوب خان کڻي جو ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو پر ھن جي دور ۾ وڏي ترقي ٿي، انھن جي خيال موجب ھن ملڪ جي ترقي جو سونھون جنرل ايوب خان ھو جنرل ايوب خان بيشڪ روڊ، رستا، ڊيم صنعتون، زراعت کي ھٿي وٺرائي پر ھن جمھوريت جي پاڙ پٽي، نظام کي الٽو ڪري ڇڏيو، ملڪ ۾ ون مين رول قائم ڪيو، وڏيرڪي بيٺڪيت قائم ڪري پنھنجي اقتدار کي ڊيگھ ڏني، سموري ملڪ کي وڏيرن، جاگيردارن، سرمائيدارن، ملڪن جي ليز تي ڏئي ڇڏيو، جنرل ايوب جي صدارتي نظام جي ڪھڙي ڪھڙي ڀلائي تي ڳالھائجي، ون يونٽ قائم ڪري سنڌ سميت تاريخي صوبن جي اصل سڃاڻپ ختم ڪئي، ملڪ جا درياھ وڪڻي ڇڏيا، بنگلاديش ۾ نفرتن جا ٻج پوکيا، صوبن کي وفاقي نظام کان پري ڌڪڻ جي لاءِ عملي طور قدم کنيا، صنتعون،روڊ،ڊيم وغيرہ ڪنھن جي ترقي جا جز ٿي سگھن ٿا، پر جڏھن بنيادي حق ختم ڪري انسانن کي غلامن جي زندگي گذارڻ تي مجبور ڪجي، شھرين کان اظھار جي آزادي جو حق کسي وٺجي،سياسي نظام کي اٿلائي پٿلائي انھي جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏجن، جمھوريت جي بنيادن کي لوڏي ڇڏجي تہ روڊ رستن جي تعمير واري ترقي ڪھڙي ڪم جي؟جنھن صدر کي ملڪ جي ايندڙ پنجاھ سالن ۾ پاڻي جي ضرورتن جي خبر نہ پوي، جنھن صدر کي پنھنجي ملڪ جي حصي جي جذبن، احساسن جو قدر جو ھجي جيڪو پنھنجي ملڪ جي ھڪ صوبي کي نفرت جي نگاھ سان ڏسندو ھجي اھو ڪاٿو نہ لڳائي سگھي تہ اھا نفرت ھن ملڪ کي ٽوڙي ويندي انھي صدارتي نظام کي ڪامياب نظام ڪئين ڪوٺجي؟
جنرل ايوب، جنرل يحييِ خان،جنرل ضياالحق کان ويندي جنرل پرويز مشرف تائين سڀ صدر ھئا، يعني انھن صدر محترمن ھن ملڪ ۾ سويلين حڪمرانن کان وڏو عرصو حڪومت ڪئي آھي انھي دوران ملڪ ۾ ڪھڙي ترقي ٿي، سوشل ميڊيا تي انھن صدرن جي ترقي جا راز کليا پيا آھن انھي تي بحث جاري آھي، ھڪ صدر درياھ وڪرو ڪيا، ٻي صدر ملڪ کي ٽوڙيو، ٽي صدر يعني جنرل ضياالحق ڪھڙا قھر ۽ ڪيس ڪيا؟،انھي کانپوءِ پرويز مشرف “ کي ڪير ٿو وساري سگھي، سنڌ جي ڳلي ۾ ھن ايم ڪيو ايم کي جھڙي ريت سگھارو ڪري فٽ ڪري کيس اڻٽر قرار ڏئي سنڌ سان جيڪا سڄڻائپ ڪئي،اھي سڀ ڦٽ اڄ بہ تازا آھن.جيڪڏھن صدارتي نظام جي ھن مھم پويان عمران خان يا سندس سوشل ميڊيائي ٽرولرز آھن تہ پوءِ ھو پنھنجي چئن سالن جي ناڪامي جو کلي عام اعتراف ڪري رھيو آھي،عمران خان صاحب کي رڳو صدارتي نظام نہ پر ڪڏھن چين جو ڪميونسٽ نظام، ڪڏھن سعودي عرب جو بادشاھاڻو نظام تہ ڪڏھن رجب طيب ارودعان وارو ترڪي جو نظام بہ وڻي ٿو.وس ۾ ھجي تہ سڀني جو ڪچومبر پاڪستان ۾ لاڳو ڪري.حاڪم سڳورن پاڪستان کان ٻاھرين نظامن جي تہ سدائين واکاڻ ڪئي آھي پر ڪڏھن انھن جي واتان پارليماني جمھوريت جي واکاڻ نہ ٻڌي آھي.صدارتي نظام جي شان فضيليت سان وري ڪڏھن تفصيل سان لکبو پر في الحال پرڏيھي وزير، ملتاني پير شاھ محمود قريشي جي سرائيڪي صوبي جي ڪوششن ۽ سرگرمين تي اچون ٿا.
پرڏيھي وزير شاھ محمود قريشي جي ڪوششن تي اچون ٿا، سينيٽ ۾ تقرير ڪندي پرڏيھي وزير اپوزيشن کان مدد طلب ڪئي، قريشي صاحب اپوزيشن ليڊر ۽ سياسي پارٽين جي قيادت کي خط لکي شاھ محمود قريشي ڏکڻ پنجاب صوبي جي لاءِ ڪاغذي ڪوششن جي شروعات ڪري چڪو آھي. سرائيڪي صوبو تحريڪ انصاف جي منشور جو حصو ھجڻ سان گڏ اولين ترجيح رھيو آھي حڪومت جي پھرين ھڪ سئو ڏينھن اندر تحريڪ انصاف کي جيڪي ٻيا ڪم ڪرڻا ھئا انھن ۾ سرائيڪي صوبو بہ ٺاھڻو ھو، ھڪ سئو ڏينھن تہ ڇا پر 1300 ڏينھن کان مٿي حڪومت ڪرڻ جي باوجود حڪومت سرائيڪين کي پنھنجو صوبو ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي،، انھي کي ڪيموفليج ڪرڻ جي لاءِ ملتان، بھاولپور ۾ الڳ سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ھاڻ سرائيڪي بيلٽ جا ماڻھو دانھين پيا تہ اسان ملتان وڃون ٿا تہ چيو وڃي ٿو تہ بھاولپور وڃو، اتي وارا ملتان موڪلين ٿا، ملتان وارا وري آخر ۾ تخت لاھور ڏانھن ڌڪين ٿا.
اقتداري مزا وٺندي تحريڪ انصاف کي سرائيڪي صوبو ياد نہ آيو، پر ھاڻ اوچتو ڪئين ياد آيو؟ انھي جا ڪيترائي پاسا آھن، ممڪن آھي تہ عام چونڊون ويجھيون ھجن انھي جي ڪري ملتان جي پير کي وري پنھنجي سيٽ پڪي ڪرڻ خاطر اھا سياسي چال ھلڻي ھجي، اھو بہ ممڪن آھي تہ مقتدر حلقن وٽان کيس گرين سنگل مليو ھجي تہ ايندڙ ڏينھن ۾ مٿس ڪا وڏي ذميواري وڌي وڃي انھي جي ڪري ھو اپوزيشن ڏانھن دوستي جو ھٿ وڌائڻ جي شروعات ڪري،بدقسمتي آھي جو سرائيڪي صوبي جي حوالي سان گهڻي سياست ٿيندي رھي آھي، 2008ع ۾ انھي وقت جي حڪمران پارٽي **۽ وزيراعظم يوسف رضا گيلاني سرائيڪي صوبي جو نعرو ھنيو تہ وزيراعظم سان ذاتي طور ڇا ٿيو؟پوءِ اانھي پيپلز پارٽي ساان ڪھڙو حشر ٿيو، پھرين تہ انھي نعري تي پيپلز پارٽي کي ڪريڊٽ نہ ڏيڻ جي لاءِ نواز ليگ سياست ڪئي،نواز ليگ جي آخر دم تائين ڪوشش رھي تہ پنجاب ھڪ ئي رھي، ڏکڻ پنجاب بہ نہ پر سرائيڪي صوبو سرائيڪين جو الڳ سڃاڻپ ڏيڻ جي لاءِ پراڻو مطالبو رھندو آيو آھي، تاريخي طور بھاولپور الڳ رياست رھي آھي، پاڪستان سان ھن رياست جو الحاق بہ ڪجھ شرطن تي ٿيو، اھي شرط پورا نہ ٿي سگھيا انھي کان پوءِ جڏھن مسلم ليگ نواز اقتدار ۾ آئي تہ نئين صوبي جي لاءِ پنجاب اسيمبلي مان ٻن صوبن جي قراداد منظور ڪرائي پر انھي معاملي کي سنجيدہ وٺڻ بدران سياست ڪندي رھي، انھي کي اڳيان ھلي تحريڪ انصاف ڪيش ڪرايو، سرائيڪي بيلٽ مان خسرو بختيار جي سربراھي ۾ ھڪ گروپ کي تحريڪ انصاف ۾ اھوآسرو ڏئي شامل ڪرايو ويو تہ سرائيڪي صوبو قائم ڪيو ويندو، اڳيان ھلي انھي گروپ کي سٺيون وزارتون ڏئي نئين صوبي واري ضد تان لاٿو ويو، جيڪڏھن تحريڪ انصاف شروع ۾ سنجيدہ ٿئي ھا تہ شايد سرائيڪي صوبو ٺھي وڃي ھا، ھاڻ بہ پڪ سان نٿو چئي سگھجي تہ تحريڪ انصاف سرائيڪي صوبي جي لاءِ سنجيدھ آھي
ھتيي اھم سوال اھو آھي تہ سرائيڪي صوبي جي لاءِ شاھ محمود قريشي اڪيلي سر سرگرم ڇو آھي؟ملتان جو پير جيڪو ڪجھ ڪري رھيو آھي ڇا وزيراعظم عمران خان جي کيس مڪمل حمايت حاصل آھي يا نہ ؟ وزيراعظم عمران خان کان وٺي راولپنڊي کان سيالڪوٽ تائين وچ پنجاب جي ڪنھن اسيمبلي ميمبر يا سينيٽر انھي ڏس ۾ ھڪ اکر نہ ڳالھايو آھي انھي مان اھو لڳي رھيو آھي تہ قريشي صاحب جي ھي سولو فلائيٽ آھي انھن سمورين ڳالھين کان اھم ڳالھ انھن قوتن جو اين او سي ضروري آھي جيڪي نون صوبن جي لاءِ عوامي مطالبي کان ھميشا ڊڄندا رھيا آھن،ارڙھين ترميم تحت جنھن مالياتي ڪميشن تحت صوبن کي فنڊ ملن ٿا، اھي فنڊ وفاق جي اکين ڪنڊي جيان ڪکن پيا، صوبائي خودمختياري کي مقتدر حلقا وفاق جي ڪمزوري سمجھن ٿا، صوبن کي ھينڊل ڪرڻ جي لاءِ عوام تي اعتماد ڪرڻ وارا طريقا آھن انھن کان مقتدر حلقا ھميشا لھراائيندا آھن، چئن صوبن مان ٽن جي وفاقي پاليسين تي بي اعتماد جي صورت ۾ ڇا پنجون صوبو راولپنڊي جي پاليسي تي ھلندڙ وفاق کان برداشت ٿيندو؟انھي جي ڪري چئي سگھجي ٿو تہ سرائيڪي صوبو انھي صورت ۾ ٺھي سگھي ٿو جنھن صورت ۾ مقتدر حلقن وٽان اين او سي ملندو، ھن وقت انھي جي باري ۾ ڪجھ چئي نٿو سگھي،ٿي سگھي ٿو تہ قريشي صاحب کي پنھنجي سياست بچائڻ، سيٽ بچائڻ جي حد تائين اين او سي مليو ھجي،جيڪڏھن شاھ محمود قريشي کي پنھنجي جماعت وٽان ئي اين او سي نہ مليو آھي تہ پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ غير مشروط طور حمايت ڪئين ٿيون ڪري سگھن،شاھ محمود قريشي کي بہ سوچڻ گهرجي تہ جن اپوزيشن پارٽين جي قيادت کي ساڍا ٽن سالن تائين رڳڙو ڏئي ديوار سان لڳائي سندن قيادت بدنام ڪري ڪيسن ۾ گھلي،، زبان بندي ڪري آخر ۾ وري انھن جي آڏو جھول جھلڻ مان ڪو فائدو ٿيندو.قريشي صاحب کي اھو بہ سوچڻ گهرجي تہ سندس قيادت اپوزيشن سان ھٿ ملائڻ بدران قانون ۾ ئي ترميمون ڪرايو ڇڏي، انھي پارٽي سان گڏ ڪم ڪئين ٿو ڪري سگھجي، مون کي ذاتي طور اھو لڳي رھيو آھي تہ شاھ محمود قريشي سرائيڪي صوبي تي سياست ڪري رھيو آھي پر پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ کي شاھ محمود قريشي جي سڏ ۾ سڏ ملائڻ گهرجي، جيڪڏھن انھن ڪوششن سان سرائيڪي صوبو ٺھي وڃي ٿو تہ سالن کان سرائيڪين کي سندن حق ملي ويندو، ٻي صورت ۾ شاھ محمود قريشي سميت سموري تحريڪ انصاف وائکي بہ ٿي ويندي انھي کي ايندڙ چونڊن ۾ اپوزيشن جون پارٽيون ڪيش ڪرائي سگھن ٿيون.