#شڪارپور جي ھڪ اھڙي جاءِ تي ٻرندڙ ڏيئي کي سارنگ capture ڪيو، جتي مچ (bonfire) ٻريو ٿي، ڪجھ فقير هيا، جيڪي پاڻ کي دنيا کان escape ڪري هڪ ٻي دنيا ۾ وڃڻ جا دونهان ڇڏي رهيا هيا
سامهون مسجد ۾ عشاء جي نماز ٿي رهي هئي، روڊ تي چنچين، موٽر سائيڪلن جا آواز ۽ هارن ۽ هتي وري ماٺ ۽ ٻئي پاسي ٻيو مچ ٻارن جا سانباها ٿي رهيا هيا
منهنجي دل ۾ ڪو درد دُکي رهيو هيو ۽ دل جي درد کي ڪير ٿو سمجهي، تنهنڪري اندر رکڻ ۾ عافيت ۽ شايد چپ چپات ۽ ڳجھ ڳجھاندر ئي عاقبت سنواري…
باقي دنيا ته غوغاءُ، شور ۽ هل آهي، جتي ايڏا آواز ٿين ٿا جو اندر جو آواز ڪٿي ٻڌڻ ۾ ئي نٿو اچي، تنهنڪري، ھڪ وڏو ساھ کڻي خاموش رهڻ ۾ به عجب جهڙو لطف آهي ۽ خالدہ نسرين جي اڄوڪي شيئر ڪيل مقطع جي آخري سٽ ياد ايندي رهي:
اڪيلو تون، اڪيلي مان، سھارن جو اسان سان ڇا!؟
من جهڙي ٻي ڪا complicated دنيا ئي ناهي ۽ من جيڪو پنهنجو پاڻ ۾ مها ڪائنات آھي (mind in it-self is the cosmos)
ڏيئو ٻري، اونداھ جي سيني کي چِيري پنهنجي وجود جي پڪي نشاني ۽ حيات هجڻ جو ٻڌائي رهيو رهيو هيو ته
"اي جاکوڙيندڙ روح! نه ٿڪجانءِ، هيڏي ھوڏي نه تڪجاءِ، جي تو اک پل لئه به جهپڪي ته سمجھ اوندھ پنهنجا پر ڦھلائي توکي اهڙو ٻک هڻندي، پاڻ ڇڏائي نه سگهندين، تنهنڪري، جوت جلندي رهي”
ٻرندڙ ڏيئي لاءِ ٻڌايو ويو ته 1836 ۾ شايد اهو ماڳ ڪو ڏيئو ٻاري ئي آباد ڪيو ويو هوندو پر رڪارڊ مطابق ان جا پيرا 1881-83 ملن ٿا ۽ جڏهن ڪجھ اڃا اڳتي وڃجي ٿو 1827 سچل سر مست جو وصال ۽ 1850 وارو سال #شڪارپور جي ڪلاسيڪل #شاعر ساميءَ جو پرلوڪ پڌارڻ ۽ ان کان اڳ شاھ لطيف ڀٽائيءَ جي وصال جو سال 1752
ھاڻي مان ڪجھ سنن (years) تي سوچيندو رهيس:
ھڪ 1827
ٻيو 1836
ٽيون 1850
چوٿون 1881
پنجون 1883
ڇھون 1752
ستون 1689
اصل ۾ مان #شڪارپور شھر جي تاريخ جا اھي پرت ڳوليان پيو، جيڪي وقت جي دز ۾ لٽجي ويا آهن، جن کي ڳولڻ جي ضرورت انڪري آهي، جو منهنجو من مون کي ائين چئي رهيو آهي، ٻيو ڪجھ به ناهي، نه ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ پيپر ڏيڻو آهي، نه تاريخ جي مشهور دانشورن کي ڪو چيلينج ڪرڻ آهي، نه ڪنهن سان مقابلو….
من ۾ ڇا هلي رهيو آهي، اھو من کي پتو، پر منهنجي من ۾ به هڪ ڏيئو ٻري رهيو آهي، جيڪو اندر جي اونداھ جو سينو چيري رهيو آهي، جنهن لاءِ ڪجھ طوفان ۽ هوائون آهن ۽ منهنجو بتيلو پراڻو…
منهنجي لاءِ ٽي صديون سامهون ٿي بٺيون آهن 17هين، 18هين ۽ 19هين…. صديون پلاڻي ويون آھن، ٽي سو سالن ۾ ڪيترا دفعا سج اڀريو ۽ الهيو هوندو
سترهين صديءَ جي شاعر جي سٽ ٿي ياد اچيم:
"منهنجو انت اٿاھ، تون ڇاڇر ۾ ڇيرون”
ان سٽ کي شيخ اياز ويهين صديءَ ۾ ھڪ دفعو ٻيهر explore ڪري شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي بيت جي سچائيءَ ۽ ڪلاسيڪيت جي ساک ڏني….
ائين ئي، مونکي به لڳي ٿو، اسين تانگھي پاڻيءَ مطلب shallow water جهڙا آهيون، جن ۾ شور آهي، عميق جهڙي گهرائي ۽ خاموشي ناھي..
شاھ ڀٽائيءَ جو بيت آهي:
تانگھي ۾ تاڻي، ٻڌ پنهنجو ترهو،
اونھي ۾ آني، ڪونه ڏيندءِ ڪو ٻيو
…. جاري آهي