نيسم بخاري

شيخ اياز شخصيت ۽ فن

چونڊمواد ليکڪ نسيم بخاري

نسيم بخاري

شيخ اياز لکيو هو ته ’پاڻ کان وڌيڪ پنهنجو ماحول پيارو اٿم، اصل حقيقت پاڙو اوڙو آهي. جو ماڻهوءَ جي نفسيات ۾ آهي، جيسين ليکڪ سچائيءَ کان ڪم نه وٺندو تيسين انجي زندگيءَ جي ڪتاب تي ڪيترا پردا چڙهيل هوندا، اها ان تحرير سان ناانصافي آهي جو سٺيون ۽ نيڪ ڳالهيون ته لوڪ آڏو سُرخرو ٿيڻ ۽ واهه واهه ڪرائڻ لاءِ لکيون وڃن پر شخصي ڪمزوريون لڪايون وڃن يا انهن تي پوش پارايا وڃن، اها سچائي سان ڪچائي آهي.‘ اهو ئي احساس ۽ سبب آهي ته شيخ اياز نثر توڙي نظم۾ ڪيترائي تلخ اعتراف ڪيا آهن، جيئن پاڻ هڪ هائيڪي ۾ اظهاريو اٿائين ته: اي جناب! زندگي ساري گناهه شاعري ساري ثواب. شيخ اياز چاهيندو هو ته سماج ۾ ماڻهو پيار جا پرچارڪ ٿين، ويڇا وساري محبت جي واٽ تي هلن، اها محبت جيڪا پنهنجي گهرائي ۽ وجود ۾ سراپا قرباني هوندي آهي، جنهن ۾ پنهنجي خوشيءَ کان وڌيڪ ٻئي جي ڳڻتي ۽ خيال وارو فڪر هوندو آهي ۽ جيڪا انسان کي صبر، سهپ، سنجيدگي ۽ ثابت قدميءَ سان سرشار ڪندي آهي، اهو ئي احساس ۽ اها ئي اُمنگ اياز هڪ خواهش جي صورت ۾ اسان کي ڪجهه هينئن سمجهائي ويو آهي ته: او شل منهنجي ديس جا مارو پريت ونڍن هڪٻئي ويجهو ٿين، ويڇا رهن ڪينڪي. شيخ اياز پنهنجي ڀُونءِ کي بدامنيءَ جي باهه ۾ ڀڙڪندي ڏٺو هو، هن کي خبر هئي ته اهي ڀڀڙ هن ڌرتي ۽ ديس کي ڪيترو هاڃو رسائيندا، پر اُن جي باوجود هن جي دل ۾ اهو ويساهه هو جيڪو کيس پل پل ويساهه ڏياري رهيو هو ته: ’امن ايندو وري، شهر ٻَهه ٻَهه ڪندا، چهڪندي زندگي!‘ اياز جي شاعريءَ ۾ امن جو احساس رڳو اظهار تائين محدود نه آهي پر امن جي آرزوءَ سان گڏ هُو ان جي حاصلات ۾ پنهنجي اجتماعي جدوجهد جو عزم به سانڍي ٿو، هُو ٻڌائي ٿو ته هڪ باشعور قلمڪار رڳو خواب نه ڏسندو آهي پر انهن جي تعبيرن لاءِ تحرڪ به وٺندو آهي، جيئن پاڻ لکيو اٿائين ته: ’ڪو سورج ٻاري اينداسين، ڪو ڏينهن اُڀاري اينداسين، ڪا باهه لڳائي ٻيلن کي، هن ڌرتيءَ جي ڌاڙيلن کي، اڄ ماري ڏاري اينداسين.‘ سنڌ ۾ امن و امان جي حوالي سان آپريشن جي آڙ ۾ اربين روپيا چٽ ڪندڙ جيڪڏهن اياز جي شاعريءَ کي ئي اُن حوالي سان اُجاگر ڪن ته ان جي نتيجي ۾ عوامي اُڀار ۽ دٻاءَ سان گهڻو ڪجهه ٺيڪ ڪري سگهجي ٿو پر هو اُهو ان ڪري نه ٿا ڪن، ڇو ته کين خبر آهي ته ائين ڪرڻ سان هو جهڙيءَ ريت بدعنوانيون ڪري پنهنجو پيٽ ڀرين پيا، جيئن عيش عشرتون ڪن پيا ۽ جهڙي ريت محل ماڙيون ٺاهيو ويٺا آهن، ائين اُها سندن استحصالي فرعونيت برقرار رهي نه سگهندي. شيخ اياز سچ چوندو ۽ لکندو هو، ان ڪري ان جو وجود ۽ اظهار ته پنهنجي جاءِ تي پر ذڪر به گهڻن کي نه وڻندو هو ۽ ٿي سگهي ٿو ته اسان جو اياز کي ڀيٽا ڏيڻ به ڪنهن کي تڪليف ڏيندو هجي، ڇو ته اياز جو ذڪر ۽ اياز جو فڪر پنهنجي پس منظر ۾ سماج کي بدلائڻ وارين ڳالهين لاءِ اُتساهه جو جواز بڻجي ٿو، تڏهن ته اياز لکيو هو ته: ’مون لاءِ منهنجي ڏات، ڪيئن دوست دهيون ڪيا، نڪتي منهنجي بات، ڪيئن مُنهن ڪارا ٿيا.‘ ماڻهن جي منفي ڪردار رڳو اياز کي سوچ نه ڏني هئي پر هو سوچ جو سوجهرو ڪري اسان کي به ڪجهه سوچڻ جو چئي ويو آهي ۽ حالتن جي عڪاسي ڪندي جيڪا تصوير چٽي ويو آهي سان پاڻ کي هٿ هٿ تي رکي ويهڻ کان روڪي ٿي ۽ ڪجهه نه ڪجهه پنهنجي وت ۽ وس آهر ڪرڻ لاءِ اُتساهي ٿي. اياز جيڪو لکيو آهي سو اڄ به جيئن جو تيئن برقرار آهي، مثال طور: ’آهن ماڻهوءَ مامرا، سارا آپي کيل، ماڻهوءَ ڪيڏا ويل، هڪٻئي ساڻ وهائيا.‘ ڪارا اندر ڪينئرا، ٻاهر آدرشي، اُڏامون عرشي، ڌرتيءَ هيٺان ليٿڙيون. اياز ماڻهو مارڻ ۽ ان جي دل آزاري ڪرڻ ته ڇا پر پکي يا ڪِوِل مارڻ ته پنهنجي جاءِ تي پر پکين جي ويهڻ واري ٽاريءَ جي لامَ ڀڃڻ کان به روڪي ٿو ۽ سوچي ٿو ته وڻ وڍجي ويو ته پوءِ هو ڪٿي اچي ويهي لاتيون لنوندا. جيئن چيو اٿائين ته: ’ٽاري ته ٽڙڪاءِ، ايندا پکي پار جا، تو لئه ڪندا ٻولڙيون، ويهي ڪهڙي جاءِ، تڙپي ٿي تن لاءِ، هاڻي هيرَ بسنت جي.‘ شيخ اياز جيڏو وڏو شاعر، اديب هو، اوترو ئي هِن سان سندس زندگيءَ ۾ اُچايو ويو، من جو روح رنجايو ويو، ٻيو ته ٺهيو پر دوستيءَ جي آڙ ۾ دغائون ۽ دوکا توڙي دشمنيون نڀايون ويون، اُن سڄي پس منظر ۾ هو لکي ويو آهي ته: ’ڪيڏو اڳتي ٿو وڃان، پُٺ تي پير ڇڏي، مون سان ڪنهن به لڏي اڄ تائين نه نڀاهيو‘ ’تون دوست ڪٿي، وِڇُون! حيوان چڱا آهن، انسان نه آهين تون.‘ غلام سڪينا حميده قاضي پنهنجي ايم فل ٿيسز شيخ اياز، شخصيت ۽ فن ۾ لکي ٿي ته، ڪڏهن ڪڏهن پين مان مَسُ ختم ٿيڻ ڪري شيخ اياز ڪَتُ جي رهڙن سان بي ترتيب سٽون لکي ڇڏيندو هو، هو چاڪ کي مَسُ مان ٻوڙي نيرو ڪري صفحي مٿان گهمائيندو هو ته کرچيل لقما اُڀري پوندا هئا، جتان فيئر ڪاپي تيار ڪئي ويندي هئي. محترمه شيخ اياز جي سنڌ يونيورسٽي واري وائيس چانسلري بابت لکيو آهي ته 23 جنوري 1976ع تي ڀُٽي جي آڇ تي اياز اها چارج سنڀالي جو هن جو خيال هو ته اسين جديد دور جي قوم جي حيثيت ۽ وقار فقط وڌندڙ جديد علم سان حاصل ڪري زنده رهڻ واري راهه تي گامزن ٿي سگهون ٿا. شيخ اياز وائيس چانسلري واري دور ۾ چاهڻ جي باوجود شاعري نه ڪري سگهيو هو، سندس چڱائين ۽ اوڻائين جي پرک ڪرڻ سان جلوس ڪڍيا ويا، چاڪنگ ڪرائي وئي ۽ شاگردن کي سياستدانن استعمال ڪيو، جيڪي سندن ورڪر هئا. 2012ع ۾ ثقافت کاتي پاران شايع ٿيل ڪتاب شيخ اياز شخصيت ۽ فن ۾ لکيل آهي ته شخصي ڪمزوري ۽ انتظامي لحاظ کان مجبوري ۽ بيوسي شخص ’اياز‘ منجهه ٿي سگهي ٿي ’شاعر اياز‘ ۾ نه، ميڊم فهميده قاضي ٻڌائي ٿي ته شيخ اياز کي مختصر ملاقات لاءِ حيدرآباد ايئرپورٽ تي ڀُٽي گهرايو هو، جتي هن پاڻ ئي تحريري طور تي ڪجهه شاگردن جي ريسٽيڪيٽ ڪرڻ ۽ ڪجهه استادن کي معطل ڪرڻ جا احڪام جاري ڪيا هئا، سنڌ يونيورسٽيءَ کي اديبن جو ڳڙهه بڻائڻ ۾ شيخ اياز جو وڏو هٿ هو، هن يونيورسٽيءَ ۾ وڌ ۾ وڌ مراعتون ۽ رعايتون هيٺئين اسٽاف کي ڏياريون. اديبن کي نوڪريون ڏنيون ۽ پنهنجو مدو چار سال پورو ڪيو. سنڌ جو ڏاهو محمد ابراهيم جويو لکي ٿو ته: اياز جي دور ۾ سندس سڀني ڪم تي ڪنهن شاهڪار لکڻ جي حوالي سان اسان جي سڀاڳي ۽ سياڻي ڀيڻ سيڪنه حميده قاضي جي لکيل ايم فل ٿيسز وڏو ڪم ڏئي سگهي ٿي. جنهن ۾ پهرئين باب کان يارهين باب تائين مڪمل طرح پاڻ ڪويءَ جي ذاتي زندگيءَ جو تفصيل سان بيان ۽ ان جي ڇنڊ ڇاڻ پيش ڪئي اٿن. ميڊم حميده، شيخ اياز جي وڏڙن جي حوالي سان لکي ٿي ته اُهي اصل ۾ هندو هئا جن کي تيمور شاهه آباد ڪيو هو ۽ جن مان اڪثر حاجي فقير الله شاهه علويءَ جي ديني تبليغ ۽ تعليم جي نتيجي ۾ مسلمان ٿيا، شيخ اياز جو گهراڻو ’بگواڻي‘ پاڙي مان آهي، شيخ اياز جو ڏاڏو بنگل شهر جو بيٺل ماڻهو ۽ مشهور حڪيم هو، مطالعي جو شوق، خوش پوشاڪي ۽ عاشقي مزاج اياز کي پنهنجي پيءُ غلام حسين شيخ کان ورثي ۾ مليا، جنهن ٽي شاديون ڪيون ۽ شيخ اياز جي امڙ هندو وڌوا هئي، جنهن سان غلام حسين پيار جو پرڻو ڪيو هو، حميده قاضي شيخ اياز جي وني زرينا جي حوالي سان لکي ٿي ته، هن کيس ٻڌايو هو ته غلام حسين کي شيخ اياز کان اڳ به هڪ پٽ هو، جيڪو ننڍي هوندي وفات ڪري ويو هو، شيخ اياز جو والد شاعر هو، قانوندان هو ۽ شهر جو مشهور ۽ معزز انسان هو. ميڊم حميده شيخ اياز جي ذهانت ۽ غير معمولي صلاحيت جي حوالي سان لکي ٿي ته، بمبئي يونيورسٽيءَ جي 19 هزار شاگردن مان انٽر جي امتحان ۾ هن فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ماڻي. شيخ اياز کي خاندان ۾ علمي ادبي ماحول مليو، اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ بهترين استاد مليا، ويتر جو ان جون اکيون روشن آرا مغل سان سي اينڊ ايس ۾ اڙيون ته هو ڏينهون ڏينهن بلندين جون منزلون طئي ڪندو ويو. ٻاراڻي وهيءَ ۾ شاعري ڪرڻ، رسالا ڪڍڻ کان ڪراچي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي قيام تائين هن پاڻ ملهايو، سنگت جو پهريون سيڪريٽري جنرل گوبند مالهي ۽ جوائنٽ سيڪريٽري شيخ اياز هو، اها ڳالهه بلڪل درست آهي ته اياز پهريون شاعر آهي جنهن لطيف کانپوءِ سنڌ جي ثقافت کي روشناس ڪرايو ۽ ٻوليءَ کي زندگي بخشي، ٻولي ۽ ادب جي خدمت جي نتيجي ۾ کيس جيڪي پيڙائون پلئه پيون انهن کي آڏو رکندي هن لکيو هو ته: ’مان ستن پيڙهين لاءِ شاعري ڪري ٿو وڃان ۽ وصيت ڪري ٿو وڃان ته مون کانپوءِ منهنجي خاندان ۾ ڪوئي شاعر نه ٿئي ۽ مون وانگر زندگيءَ جي صليب نه گِهلي، ٻنيءَ ۾ هَرُ ڏئي ان کي ڦولاري ته اهو قلم جي تخليق کان بهتر آهي.‘ غلام سڪينه حميده قاضيءَ جي ايم فل ٿيسز ۾ شيخ اياز جي سڄي خاندان جا وچور آهي، سندس شهر، جواني، ننڍپڻ، عاشقي، وڇوڙي تائين اهو سڀ ڪجهه جيڪو پڙهندڙ جي گهرج آهي، وڪالت کان صحافت تائين، الهڙ جوانيءَ جي الهڙ عاشقي ۽ شاعريءَ تائين، توڙي پيريءَ ۾ تصوف جي رنگ ۾ لکيل دعائن تائين، اڄ جڏهن اسان اياز جي ورسي ٿا ملهايون ته اياز شناسيءَ جي حوالي سان آئون پڙهندڙن کي ’شيخ اياز شخصيت ۽ فن‘ جي مطالعي جي دعوت ڏيندس، ڇو ته مون ان مان گهڻو ڪجهه پرايو آهي ۽ چاهيان ٿو ته ٻيا به ڄاڻ جي ان خزاني مان ڪجهه پرائين. حقيقت اها آهي ته ان ڪتاب جي مطالعي کانپوءِ ليکڪا لاءِ منهنجي دل ۾ عزت ۽ احترام ڪيترائي ڀيرا وڌي ويو آهي، ڇو ته اهو ڪتاب سنڌي ادب ۽ تاريخ توڙي اهم شخصيت جي حوالي سان پڻ معلومات ۾ اضافو ڪري ٿو، جنهن ۾ شيخ اياز جي همعصرن بابت پڻ شاندار ڄاڻ ڏني وئي آهي. منهنجو ذاتي خيال آهي ته اياز شناسيءَ جي حوالي سان ذڪر هيٺ آيل ڪتاب پهرين نمبر تي کڻي نه به اچي پر ان کي ان ڏس ۾ پهرين صف ۾ ضرور ڳڻي سگهجي ٿو. هن ڪتاب تي جيتري محنت ڪئي وئي آهي، اهو سالن جو پورهيو ڪو ڪو ئي ڪري سگهندو آهي، هن ڪتاب جي اها به انفراديت آهي ته اهو سڄي جو سڄو شيخ اياز جي زندگيءَ ۾ نه رڳو تحرير ٿيو پر ان جي تحرير ٿيڻ ۾ سندس مرضيءَ جو عمل دخل به هو ۽ هڪ هڪ باب اياز جي نظرن مان پڻ گذريو هو، هن مسودي جي لکڻ واسطي غلام سڪينه حميده قاضي نه رڳو شيخ صاحب کان اجازت گهري هئي پر ان حوالي سان هوءَ ساڻس بار بار ملاقاتون پڻ ڪندي رهي، ان ڪري هن ڪتاب ۾ اياز تي جيڪا ان جي اعترافن سميت هڪ خاندان کي نظر انداز ڪرڻ واري تنقيد شامل آهي، سا تاريخ جي درستگي آهي ۽ پڪ سان اها شيخ صاحب کي به مناسب لڳي هوندي ۽ اها ٻين شاعرن لاءِ هڪ نصيحت ۽ سبق به ثابت ٿي سگهي ٿي.

( عبرت جي ٿورن سان )

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے