سپريم ڪورٽ صوبائي حڪومت کي چئن مهينن اندر معذورن جي ڪوٽا تي ڀرتي مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سنڌ جي مختلف سرڪاري کاتن ۾ معذور ماڻهن کي ڪوٽا تي نوڪريون نه ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ان سلسلي ۾ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عدالت ۾ پيش ٿيو, ٻڌڻي دوران عدالت سرڪاري نوڪرين ۾ معذور ماڻهن جي ڪوٽا تي عمل نه ڪرڻ تي سنڌ حڪومت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چئن مهينن اندر خاص ماڻهن جي ڪوٽا تي ڀرتيون مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو .
عدالت چيو ته سمورن کاتن ۾ معذور ماڻهن جي ڀرتين وارو عمل ٻن هفتن ۾ شروع ڪيو وڃي، جنهن تي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته جن کاتن ۾ جايون خالي آهن انهن ۾ ڀرتيون ڪيون وينديون جڏهن ته خاص ماڻهن جي ڪوٽا تي سنڌ حڪومت ڪجهه حد تائين عملدرآمد ڪيو آهي.