ابراھيم ڪنڀر
اسلام آباد جو رڳو سياسي پڌ چڙھيل ناھي، پر حڪومتي، پارلياماني ۽ عدالتي محازن تي بہ پارو مٿي آھي،سڀ کان پھرين قومي اسيمبلي جي ڳالھ ڪريون، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وزيراعظم ۽ سندس صلاحڪارن جو چيو مڃيندي مڃيندي نيٺ اھو فيصلو ڪري ورتو تہ اسپيڪر آفيس کي ايوان جي نگھباني ۽ پارليامينٽ توڙي جمھوري قدرن جو ڳاٽ اوچو ڪرڻو آھي انھي فيصلي جي روشني ۾ وزيراعظم جي بي اعتمادي جي رٿ پيش ٿي وئي آھي، پر اسپيڪر آخر تائين پنھنجي زبان تي قائم رھيو، ھن انھي اجلاس جي صدارت پنھنجي ڊپٽي اسپيڪر حوالي ڪري ڇڏي جنھن ۾ وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ پيش ٿيڻي ھئي، اپوزيشن جي 161 ميمبرن وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي رٿ پيش ڪرڻ جو ٺھراءُ پيش ڪيو، جنھن تي اسپيڪر پنھنجي پارٽي جي ميمبرن کي رٿ جي خلاف ووٽ ڏيڻ جي لاءِ اٿي بيھڻ جي تڪليف ئي نہ ڏني، آخر ائين ڇو ڪري ڇو جو جي ڊي اي جي ميمبرن کان سواءِ حڪومت جا اتحادي، ق ليگ، ايم ڪيو ايم ۽ باپ پارٽي جا 17 ميمبر ايوان ۾ موجود نہ ھئا، تحريڪ انصاف جي 14 ناراض ميمبرن سميت ٻيا ڪجھ ميمبر بہ گم ھئا انھي جي ڪري ھن موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر جي رٿ جي خلاف ميمبر بيھارڻ جو مطلب تہ اقليتي حڪومت کي وائکو ڪرڻ آھي، بھرحال وزيراعظم جي ابتي ڳڻپ شروع ٿي چڪي آھي، خميس جي ڏينھن بي اعتمادي جي رٿ تي بحث ٿيندو انھي ڏينھن بہ ووٽنگ ٿي سگھي جيڪڏھن نہ تہ اڄ کانپوءِ ڇھن ڏينھن اندر بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ ڪرائڻ آئيني تقاضا آھي پارليامينٽ جي محاذ تي حڪومت ڪھڙي جنگ ڇيڙي، اسپيڪر کي وزيراعظم ڪئين استعمال ڪيو انھي تي مضمون جي آخر ۾ ٻہ اکر لکنداسين، پر پھرين اسلام آباد جي سمورين سرگرمين جو ٿورو گهڻو ذڪر ڪندا ھلون ٿا.
سياسي، پارلياماني، عدالتي ۽ حڪومتي محاذن تي اھي سرگرميون جاري آھن، ھڪ پاسي بي اعتمادي رٿ ايوان ۾ اچي چڪي آھي تہ ٻي طرف ملڪ جي وڏي ۾ وڏي عدالت اندر صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي ھلندڙ آھي، ھوڏانھن اسلام آباد سياسي جلسن جو مرڪز بہ بڻيل آھي.پھرين سياسي جلسن جو ذڪر ٿا ڪريون، کڻي جو پي ڊي ايم جو سربراھ مولانا فضل الرحمان پنھنجي تنظيم جي ھزارين ڪارڪنن سان گڏ اسلام آباد ۾ ويٺل آھي، نواز ليگ جو مارچ جاري آھي،پر انھي کان اڳ حڪومتي جلسي ۽ انھي ۾ وزيراعظم عمران خان جي ڪيل تقرير اھم آھي، انھي تقرير ۾ وزيراعظم بي اعتمادي رٿ کي پرڏيھي سازش قرار ڏنو آھي،وزيراعظم جي کيسي مان ڪڍيل پرچي تڪراري موضوع بڻجي چڪو آھي، اپوزيشن کي داٻا ۽ دڙڪا ڏيندڙ گهرو وزير شيخ رشيد، فواد چوڌري سميت ڪيترائي وزير آھن انھي ليٽر کان لاتعلقي جو اظھار ڪري چڪا آھن جيڪو خط وزيراعظم جلسي گاھ ۾ کيسي مان ڪڍي وري کيسي مان وجھي ڇڏيو، وزيراعظم پاڪستان پنھنجي خلاف بي اعتمادي رٿ کي پرڏيھي سازش قرار ڏئي رھيو آھي، وزيراعظم جي تقرير انھي حساب سان رڳو مونجھاري جو شڪار ئي نہ پر ڪجھ ادارن تي آڱر کڻڻ جيتري ھئي پر بھادر، جرعت مند ۽ آمريڪا جھڙي سپرپاور کي وڏي نھڪار ڪندڙ وزيراعظم کي اھا جرعت نہ ٿي تہ ھو پنھنجي خلاف پرڏيھي سازش کان عوام کي آگاھ ڪري، وزيراعظم چيو آھي تہ ھن جي خلاف انھي قسم جي سازش ٿي رھي آھي جيڪا سازش ذوالفقار علي ڀٽو جي خلاف ٿي ھئي،عام خيال اھو آھي تہ وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي آمريڪا سازش ڪرائي ضياالحق جي ھٿان عدالتي فورم ذريعي قتل ڪرايو، جيڪڏھن ساڳي سازش وزيراعظم عمران خان جي خلاف آھي تہ پوءِ اھا ڳوٽ سلجھائڻ سولي آھي پر انھي جو اعلان وزيراعظم کي پاڻ ڪرڻ گهرجي انھي سازش جي مھرن کي بي نقاب ڪرڻ کان ڊڄڻ جي ڪا ضرورت نہ ھئي، وزيراعظم جي انھي اعلان جي ڪري ھاڻ سوين سوال بہ اٿي رھيا آھن، اھو خط ڏيکاڻ جي ضرورت آھي، انھي کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جي ضرورت آآھي، انھي کي سيڪيورٽي ڪميٽي ۾ آڻڻ جي ضرورت جا مطالبا ٿيندا، پر انھي جي ابتڙ ٻيو سوال بہ اٿي ٿو تہ آمريڪا مان وزيراعظم کي ڪھڙو خطرو آھي؟ وزيراعظم پاڻ ايبسليوٽلي نہ جي ڳالھ ڪري ٿو، انھي مان مراد آمريڪا پاڪستان کان افغانستان مان آمريڪي فوج جي نيڪالي کانپوءِ صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ ھوائي اڏا،فوجي اڏا ائير اسٽرپ گھري ھئي انھي تي عمران خان نھڪار ڪئي آھي، پر پرڏيھي وزير شاھ محمود قريشي، سيڪيورٽي معاملن جي صلاحڪار معيد يوسف جا آن دي رڪارڊ يعني ڇپيل بيان موجود آھن جن ۾ چيو ويو آھي تہ آمريڪا اھڙي قسم جو ڪو مطالبو نہ ڪيو آھي، آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ بہ انھي قسم جي ڳالھ ڪئي ھئي، ھن سموري عرصي اندر آمريڪي اعلي سطحي وفد جي وزيراعظم پاڪستان سان ڪا اھڙي ملاقات نہ ٿي آھي، آمريڪي صدر عمران خان جي انتظار باوجود کيس ٽيليفون نہ ڪيو آھي، ايستائين جو پاڪستان جي سپر ڳجھي اداري جي اڳوڻي سربراھ بہ ھڪ موقعي تي اھو چيو تہ آمريڪا اھڙي ڪا گھر نہ ڪئي آھي، ٻيو عمران خان مان آمريڪا کي ڪھڙو خطرو آھي؟ جيڪڏھن او آئي سي جي اجلاس کي بنياد بنائي اھڙي ڳالھ ڪجي تہ سعودي عرب جي اثر ھيٺ رھندڙ او آئي سي جو اھو عام رواجي قسم جو اجلاس ھو جنھن جي ميزباني پاڪستان ڪئي ھئي، ھر ملڪ تي انھي ميزباني جو وارو اچڻو ھوندو آھي، اھا ڳالھ بلڪل ٻاراڻي آھي، پاڪستاني عوام ۾ آمريڪا مخالف جذبا اڀاري وقتي طور انھن کي ڀڙڪائي سگھجي ٿو پر گهڻي عرصي تائين اھو ممڪن ناھي، وزيراعظم کي ھٽائڻ جي پويان ڪيترائي محرڪ آھي،سڀ کان وڏو محرڪ حڪومت جي غيرفعاليت، معيشت جي ناڪامي آھي، ٻيو تہ پرڏيھي پاليسي وزيراعظم جي ھٿ ۾ ڪڏھن نہ رھي آھي، مقتدر حلقن ذوالفقار علي ڀٽو کان پوءِ پاڪستان جي پرڏيھي پاليسي پنھنجي ھٿن ۾ کڻي ورتي آھي، انھي ۾ ڪنھن کي بہ مداخلت جو اختيار ناھي، ايستائين جو پارليامينٽ اندر بہ انھن معاملن تي بحث جي اجازت ناھي، وزيراعظم کي پارليامينٽ چونڊيو آھي، ھنن ساڍن ٽن سالن ۾ پرڏيھي پاليسي جي حوالي سان وزيراعظم ڪيترا ڀيرا پارليامينٽ جي فورم کي بحث جي لاءِ استعمال ڪيو آھي؟ انھي جو جواب آھي ھڪ ڀيرو بہ ائين نہ ٿيو آھي، اصل ڳالھ اھا آھي تہ عمران خان کي وزيراعظم بنائڻ ھڪ تجربو آھي جيڪو پھرين ڏينھن کان ناڪام ويو آھي، ھاڻ عمران خان کي ملڪ مٿان بار سمجھيو پيو وڃي، پارلياماني سياست يا پاڪستان جي سياسي ڌرين کي انھي منصوبي جي سموري خبر آھي انھي جي ڪري ھنن ڪڏھن بہ کيس چونڊيل وزيراعظم نہ سمجھيو آھي اھو ئي ڪارڻ آھي جو پھرين ڏينھن سليڪٽڊ جو ٺپو ھنيل وزيراعظم انھي مان آجو نہ ٿي سگھيو آھي،ٻيو تہ انھي تجربي جي پويان جيڪي بہ ڪردار ھئا انھن کي ڳالھ سمجھ ۾ اچي وئي آھي تہ ھڪ شخص جي ڪري سموري ملڪ کي داءُ تي لڳائڻ ۾ ڪا دانشمندي ناھي، انھي کان بہ وڏي ڳالھ بي اعتمادي رٿ آئيني ۽ جمھوري طريقيڪار آھي،انھي کي جمھوري انداز ۾ منھن ڏيڻ ۾ وڏي دانش آھي، حڪومت ھلائڻ تہ پري جي ڳالھ آھي پر وزيراعظم کي اڃان ملڪي سياست سمجھ ۾ نہ آئي آھي، ھو اڃان ترڪي ماڊل، چين ماڊل، ملائيشا ماڊل جي وچ ۾ ڦاٿل آھي.
جيستائين سپريم ڪورٽ اندر ھلندڙ صدارتي ريفرنس جي ڳالھ آھي تہ اھا وڏي واڪ چئي سگھجي ٿي تہ حڪومت انھي وقت صدارتي ريفرنس وڏي عدالت اندر کڻي آئي آھي،جڏھن حڪومتي غوراب ۾ وڏا سوراخ نظر اچي رھيا آھن، حڪومتي ٻيڙي وچ سمنڊ ۾ ٻڏڻ واري آھي، حڪومت جي اھا ٻي ڪوشش آھي تہ پنھنجي ماڻھن کي عدالتي ڊپ ڏئي عمران خان جي حڪومت بچائي وٺجي يعني حڪومت عدالت جو ڪلھو استعمال ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رھي آھي،اٽارني جنرل جي وزيراعظم عمران سان وفاداري نڀائڻ جي اھا ٻي ڪوشش آھي ھن کان اڳيون ريفرنس بہ سندس ئي چوڻ تي عدالت سڳوري موڪلي ويو جتي اڳوڻي چيف جسٽس گلزار احمد انھي ريفرنس کي واپس کڻي نہ ڪيو پر اٽارني جنرل جي ڀرپور ڪوششن، دليلن کانپوءِ عدالت حڪومت جي خواھشن جي ابتڙ راءِ ڏني، سينيٽ چونڊن ۾ اوپن ووٽنگ جي حوالي سان انھي ريفرنس ۾ حڪومت جي خواھش ھئي تہ ڪھڙي بہ ريت عدالت آئين جي شق 226 جي تشريح اھا ڪري جيڪا حڪومتي وزير، ترجمان، صلاحڪار ڪري رھيا آھن، پر سپريم ڪورٽ بہ آئين جي تابع ھلندڙ ھڪ آئيني ادارو آھي، انھي کي آئين جي نگھباني ڪرڻي آھي، انساني حقن جي خلاف قانونسازي کي ڪنھن حد تائين ڪالعدم قرار ڏيڻ جو حق بہ کڻي تسليم ڪري بہ وٺجي، آئين جي تشريح جو بہ عدالت حق آھي پر عدالت سڳوري آئيني اعتبار کان آئين ۾ ترميم نٿي ڪري سگھي، نہ وري عدالت کي انھي وقت استعمال ڪري سگھجي جڏھن ڪا حڪومت اھو سمجھي تہ سندس پارٽي جا چونڊيل ميمبر پارٽي ڇڏين پيا، عدالت جيڪڏھن حڪومت جي خواھش مطابق فيصلو ڏنو تہ اھو فيصلو تاريخ ۾ حڪومتي سھوليتڪاري وارو ليکيو ويندو،انھي جي ڪري اٽارني جنرل ھڪ پاسي اھو چئي رھيو آھي تہ ھن صدارتي ريفرنس جو بي اعتمادي رٿ سان ڪو واسطو تعلق ناھي ٻي طرف وري اٽارني جنرل اھو بہ چوي ٿو تہ اسان جي ڪوشش آھي تہ عدالتي راءِ بي اعتمادي تي ووٽنگ کان اڳ ۾ اچي وڃي، جسٽس جمال خان مندوخيل ھاڻوڪي ريفرنس جي ٻڌڻي ڪندڙ بئنچ جو حصو آھي انھي ڪالھوڪي ٻڌڻي ۾ بہ اھا آبزرويشن ڏني تہ اوھان اھا ڳالھ نہ ڪريو تہ اوھان ڪنھن پارٽي جي ميمبرن جي حوالي سان ڳالھ ڪري رھيا آھيو،اسان جي سامھون صدارتي ريفرنس آھي، پرعدالت جي اھا بہ آبزرويشن وڏي ھئي تہ جڏھن ڪو ڏوھ ٿيو ئي ناھي انھي کان اڳ ۾ حڪومت ھي ريفرنس کڻي آئي آھي، يعني ڪنھن ملزم کي ڏوھ کان اڳ ۾ سزا ڏئي ڇڏجي، پنج رڪني بئنچ ۾ جسٽس جمال خان مندوخيل جي سوالن ۽ آبزرويشن اٽارني جنرل کي ايترو منجھايو آھي جو جمعي جي ڏينھن ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل چيو تہ ھو سومر تي ٻن ڪلاڪن اندر پنھنجا دليل مڪمل ڪري وٺندو پر ڪالھ وري ھن عدالت تي زور کيو آھي تہ اڃان کيس گهٽ ۾ گهٽ ٻن ٻڌڻين جيترو وقت ملڻ گهرجي، ريفرنس جي ٻڌڻي ھلي رھي آھي،حڪومت ھن ريفرنس ذريعي عدالت کان آئيني ترميم وارو ڪم وٺڻ چاھي ٿي جيڪو ڪم رڳو ۽ رڳو پارليامينٽ جو آھي مثال طور اٽارني جنرل جو دليل آھي تہ جيڪو پارٽي تان ڦري ٻي پارٽي جي چوڻ تي پارليامينٽ ۾ ووٽ وجھي يعني بي اعتمادي رٿ ۾ وزيراعظم جي خلاف ووٽ ڪري انھي ميمبر کي تاحيات نااھل ڪيو وڃي، جڏھن آئين ۾ انھي قسم جي ڪا ڳالھ ناھي تہ عدالت اھڙي راءِ ڏيڻ وقت ضرور سوچيندي،ڇاڪاڻ جو انھي رائي ڏيڻ سان عدالت ھڪ ئي وقت آئين جي ڪيترين ئي شقن ۾ ترميم ڪرڻ واري صورتحال پيدا ڪري وجھندي، سپريم ڪورٽ اڃان سياسي پارٽين جي وڪيلن جو موقف ٻڌي انھي کانپوءِ رائي ڏيندي.انھي سموري صورتحال ۾ سگھارين قوتن جي دادلي پرويز الاھي پنھنجو پاسو بدلائي حڪومت جي حمايت ڪري ڇڏي آھي، پر انھي جي لاءِ پرويز الاھي کي اھو ٽاسڪ ڏنو ويو آھي تہ ايم ڪيو ايم ۽ باپ پارٽي کي بہ حڪومت جي حق ۾ ووٽ وجھڻ تي راضي ڪيو وڃي، باپ پارٽي جي پنجن ميمبرن مان چئن ميمبرن ڪالھ اپوزيشن سان گڏجڻ جو اعلان ڪري حڪومت کي سرپرائز ڏئي ڇڏيو آھي، پرويز الاھي جي لاءِ اھو ٽاسڪ پورو ڪرڻ تہ پري جي ڳالھ پر انھن جو پنھنجو اڳواڻ ۽ وفاقي وزير طارق بشير چيما وزارت تان استعيفي ڏئي اپوزيشن سان گڏجي ووٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي. پرويز الاھي جي فيصلي سان وڏو چوڌري بہ خوش ناھي، لاءِ ترين گروپ ۽عليم ڊار گروپ بہ چئلنج بڻيل آھن، ٻي طرف اپوزيشن جي اڳواڻ بلاول ڀٽو زرداري دعوا ڪئي آھي تہ اسان وٽ اتحادين کان سواءِ بہ نمبر پورا آھن.جيڪڏھن انھي دعوا ۾ سچائي آھي تہ عدالتي رائي حڪومت جي خواھش موجب اچڻ جي باوجود بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي ويندي. بي اعتمادي رٿ جي لاءِ اپوزيشن وٽ بظاھر انگ پورا ٿي ويا آھن، 162 اپوزيشن جا ميمبر آھن، چار ووٽ باپ پارٽي جا آھن، ٻہ آزاد ميمبر علي نواز شاھ ۽ اسلم ڀوتاڻي ۽ جمھوري وطن پارٽي جو ھڪ ووٽ ق ليگ طارق بشير ھڪ ووٽ آھي اھي ڪل ملائي 170 ووٽ بظاھر ٿين ٿا انھن تي ڊفڪيشن جي شق نہ لڳندي باقي تحريڪ انصاف جي ناراض ميمبرن کي ملايو تہ ايم ڪيو ايم ڀلي گهر ويٺي ھجي. .
جيستائين بي اعتمادي رٿ جو ذڪر ڪجي تہ اسپيڪر کي وزيراعظم پاڻ توڙي سندس صلاحڪار ابتيون سبتيون صلاحون ڏيندا رھيا، وزيراعظم کي پاڻ کي جمھوري قدرن جو ڪو پاس يا خيال ناھي انھي جي ڪري بحراني ڪيفيت مان نڪرڻ جي لاءِ ھو اسپيڪر کي استعمال ڪري رھيو آھي، وزيراعظم ٻين سگھارن ادارن کي ڪڏھن دڙڪا تہ ڪڏھن منٿون ڪري رھيو آھي تہ ھو سندس ائين مددگار رھن جئين اليڪشن ۾ رھيا، حڪومت ٺاھي ڏيڻ ۾ رھيا، قرض وٺي عالمي معاملن جي حل ۾ سندس سھڪاري رھيا ھو وري بہ ائين ڪن جئين منھنجي ڪرسي بچندي رھي،اسپيڪر آئين جو نالو وٺي اپوزيشن کي ناڪام ڪرڻ جي مختلف ھٿ ناٽ ڪري غير آئني ڪم ڪرڻ جو مرتڪب ٿي رھيو آھي، رڪيوزيشن تي اجلاس مقرر مدت بدران ٽي چار ڏينھن دير سان اجلاس گهرائڻ، پھرين ڏينھن بي اعتمادي جي رٿ پيش نہ ڪرڻ، پارلياماني روايتن کي پٺي ڏئي پارليمنٽ جي ڪارروائي کي اينگھائڻ جي لاءِ اسپيڪر ملڪ جي پارليمنٽ جو نگھبان ٿيڻ بدران پاڻ کي بني گالا جو قيدي ٿي ڪري ڪم ڪري رھيو آھي، جيڪو بہ ٿئي پر انھي ۾ وقتي رليف ملي سگھي ٿو پر بي اعتمادي رٿ ڪنھن منطقي انجام واري رسڻي تي آھي جيڪو نتيجو نظر اچي رھيو آھي انھي ۾ وزيراعظم جي سٺي خبر ناھي پر حڪومت انھي صورتحال مان بہ مستقبل جي فائدي خاطر پاليمنٽ کي استعمال ڪري رھي آھي، بي اعتمادي رٿ جي لاءِ گهرايل اجلاس ۾ ڏکڻ پنجاب صوبي جو بل شامل ڪيو ويو آھي، اھو اپوزيشن کي خوار خراب ڪرڻ کان سواءِ ڪجھ ناھي، تحريڪ انصاف جي منشور ۾ ڏکڻ پنجاب کي صوبو ٺاھڻ شامل رھيو ھو پر ھڪ سئو ڏينھن جي پلان ۾ انھي صوبي جي خواب کي تعبير ڏيڻي ھئي جنھن جي ڪوشش انھي وقت ٿي رھي آھي جڏھن وزيراعظم اڪثريت وڃائي ويھي رھيو آھي، ماڻھو انھي سموري صورتحال کي سمجھي رھيا آھن،اپوزيشن بہ انھي کي حڪومتي چال سمجھي رھي آھي، ھي سمورا فورم حڪومت پنھنجو مفاد حاصل ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪري رھي آھي پر ڳالھ اھا آھي جو ھاڻ گهڻي دير ٿي چڪي آھي،پنھنجي ميمبرن کي پرچائڻ ۾ دير ٿي، اتحادين کي راضي ڪرڻ ۾ دير، عوام کي خوشحال ڪرڻ ۾دير ٿي، پرڏيھي پاليسي کي درست ڪرڻ ۾ دير ٿي، ڪو ڪم وقت تي نہ ٿيو ھاڻ ھٿ ملڻ کان سواءِ ڪا شي نہ رھي آھي، انھي جي ڪري چئي سگھجي ٿو تہ سمورن محاذن تي حڪومت ھي جنگ ھارائي رھي آھي.