Ali Memon

سياسي صورتحال ۽ امڪاني صف بنديون

اوهانجو موقف علي محمد ميمڻ ليکڪ

علي محمد ميمڻ

ملڪ جي صورتحال تمام گهڻي خوفناڪ ۽ حالتون ڳڻتي وارو رخ اختيار ڪري رهيون آهن، ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته ملڪ کي واڳوئن، بگهڙن ۽ مانگر مڇن جي حوالي ڪيو ويو آهي. ملڪ کي چنبڙيل اهي خوفناڪ بلائون سموري رياست، صوبن ۽ 22 ڪروڙ عوام کي ڳڙڪائڻ لاءِ زور آزمائي ڪري رهيون آهن. ملڪ جي اهڙي قسم جي اذيت ۽ تڪليف واري صورتحال ۾مزاحمت ڪندڙ عوام۽، عوامي قوتون ۽ ترقي پسند ۽ جمهوريت پسند ڌريون پڻ ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿينديون محسوس ٿي رهيون آهن. ملڪ کي ٻاهريان، ڌاريا ۽ مختلف فرقن ۽ نفرتن وارا گروهه ڳڙڪائڻ ۽ هضم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن. حڪومت ، عملي طور مفلوج ۽ سندس هٿ پير چُرڻ کان پڻ جواب ڏئي ويا آهن. ملڪ تي حڪمران سونامي سرڪار جي ساڍن ٽن سالن واري حڪمراني ۾ ملڪ جون حالتون خراب ۽ امن و امان وڃي پٽ پئجي ويا آهي. هاڻي اهي حڪمران ڏيڍ سال وڌيڪ ملڪ جي ڀيل ڪرڻ بعد اڳتي وڌيڪ 5 سالن واري مدي لاءِ چونڊ نتيجا پنهنجي حق ۾۽ هٿ وس ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي بيوس بنائڻ ۽ بي عمل ڪرڻ سان گڏوگڏ مسلح جٿن ۽ گروهن سان به چونڊ اتحاد جا اعلان ڪري چڪا آهن. يعني ايندڙ چونڊن ۾ عوام جو مقابلو ههٿيار بند جٿن سان ۽ ووٽن جو مقابلو بندوقن سان ٿيندو. اهڙي صورتحال ۾ ملڪ جي حال بي حال ٿيڻ بعد هاڻي ملڪ جي صوبن، قومن ۽ جُملي عوام جو مستقبل پڻ داءُ تي لڳڻ وڃي رهيو آهي.

حڪومت طرفان ملڪ کي مهانگائي، بيروزگاري ۽ آءِ ايم ايف جي حوالي ڪرڻ بعد پابندي مڙهيل تحريڪ اڳيان به گوڏا کوڙڻ بعد هاڻي ملڪ ۽ عوام جي حالت يقينن قابل رحم بنجي چڪي آهي. معلوم ائين ٿي رهيو آهي ته، ملڪ ۾ عوام جي سنڀال ڪندڙ حڪومت جو وجود ئي نه آهي. ملڪ جي بنيادن ۽ سرشتي ۾تيزي سان پوندڙ ڏارن سبب سمورو ملڪ وڏي ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي ويو آهي. حڪومت پنهنجي اڻوڻندڙ ڪارگذرارين سبب غير مقبول ٿيڻ بعد اها پنهنجي وزن سان ئي ڪرڻ لڳي آهي. حڪمران جماعت جي احتساب جو وقت اچي رهيو آهي، اليڪشن ڪميشن ۾ هلندڙ فارن فنڊنگ ڪيسن ۽ دوائن، کنڊ، ڪڻڪ ، اٽي ۽ ٻين مختلف ڪيسن يا بي اعتمادي واري رٿ جو شڪار ٿي ڌماڪي سان ڪرڻ کان بچڻ لاءِ ڪنهن مدد يا سبب جي ڳولها ۾ نظر اچي رهي آهي. اهڙي صورتحال ۾ ملڪ جي سياسي قوتن ۽ ادارن ۾ پڻ تيزي سان نئين صف بندي ٿي رهي آهي، حڪومت جي صفن ۾ ڏار پوڻ سان گڏوگڏ پارليامينٽ ۾ موجود مخالف ڌر جون جماعتون پڻ ٻن ڪئمپن ۽ ٻن اتحادن ۾ ورهايل آهن. ملڪ ۾عام چونڊن جون تياريون شروع ٿي ويون آهن. ائين معلوم ٿي رهيو آهي ته شايد حڪومت وقت کان اڳ ئي ڊهي پوي يا وزير اعظم، اسيمبلين کي ٽوڙڻ وارو رهيل هڪ غيرمقبول ڪم پڻ پاڻ ئي ڪري وڃي. اها ڳالهه هاڻي صاف ٿي چڪي آهي ته رانديگرن جي حڪومت، ملڪ جي آئين ۽ ڪنهن به قانون جي پاڻ کي قانوني ۽ اخلاقي پابندي سمجهڻ کان مڪمل طور تي انڪاري هئڻ کان علاوه پنهنجي انا، ضد ۽ خوف واري حالت جو وڌيڪ شڪار آهي.

هن وقت سياسي جماعتن جي اليڪشن لاءِ تياري اڃا مڪمل نظر نه اچي رهي آهي. مخالف ڌر جي جماعتن جو اتحاد پي ڊي ايم ۽ ان اتحاد کان ڌار بيٺل پاڪستان پيپلز پارٽي، عوامي نيشنل پارٽي کليل نموني هڪٻئي جي آمهون سامهون اچي چڪيون آهن. پاڪستان پيپلز پارٽي کي پنجاب ۾مسلم ليگ نواز لاءِ للڪار بنجڻ کان پري رکڻ ۽ پي ڊي ايم جي سربراهي بلاول ڀٽو جي حوالي ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ ٻن جماعتن جي قيادت جي رٿيل سازش ذريعي پيپلز پارٽي کي ئي پنهنجي ٺاهيل اتحاد کان ڌار ڪرڻ بعد پي ڊي ايم اتحاد لڳاتار زوال ۽ ناڪامين جو شڪار آهي. ٻئي پاسي، مسلم ليگ نواز جي اندر به پارٽي جي آئيني صدر شهباز شريف کي پنهنجي جماعت جي سربراهي ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ مريم نواز شريف ۽ ان خاندان جي خدمتگارن اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين وچ ۾ تڪرار هن جماعت کي مفلوج ڪري رهي آهي ان سان ائين نظر اچي رهيو آهي ته، مسلم ليگ نواز ايندڙ عام چونڊن ۾ به پٺتي رهجي ويندي.

ٻئي پاسي، پاڪستان پيپلز پارٽي 2023ع جي عام چونڊن ۾ بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ وقت کان اڳ ئي حرڪت ۾ اچي چڪي آهي ۽ سموري ملڪ ۾ متحرڪ آهي. ننڍين چونڊن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽن تي توقع کان وڌيڪ ڪاميابيون ۽ نتيجا حاصل ڪيا آهن. تازو سينيٽ آف پاڪستان جي چونڊن ۾ پڻ پ پ ملڪ جي سڀ کان وڏي جماعت بنجي اڀرڻ آهي، گلگت بلتستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪرڻ بعد به مخالف ڌر جي اڳواڻ وارو عهدو حاصل ڪرڻ ۽ آزاد ڪشمير ۾ قانونساز اسيمبلي جي اڳوڻي ٽن سيٽن جي مقابلي ۾ شاندار ڪاميابي ماڻي اسيمبلي ۾ 13 سيٽون حاصل ڪري اتي مخالف ڌر جي اڳواڻ وارو عهدو حاصل ڪري ورتو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي ملڪ ۾ وڌندڙ مقبوليت، يقينن عوام۾ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي جماعت لاءِ وڌندڙ پسنديدگي ۽ خوشگوار تبديلي جو اشارو آهي. بلوچستان ۾ پڻ پيپلز پارٽي پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪري رهي آهي ۽ بلوچستان جو اڳوڻو گورنر عبدالقادر بلوچ ۽ اڳوڻو وڏو وزير سردار ثناءُ الله زهري ۽ مسلم ليگ نواز جا عهديدار ۽ ڪارڪن وڏي تعداد ۾ پارٽي ۾ شامل ٿيا آهن. هاڻي 30 نومبر تي پاڪستان پيپلز پارٽي جو ساليانو وڏو تنظيمي اجتماع ۽ يوم تاسيس چيرمين بلاول ڀٽو جي 17 آڪٽوبر واري ڪراچي جي جلسي ۾ ڪيل اعلان موجب خيبر پختونخواهه ۾ڪوٺايو ويو آهي، يقينن، ان قسم جي وڏين سياسي سرگرمين سان خيبر پختوانخواهه ۾ به هاڪاري اثر ڏسڻ ۾ ايندي.

هن ڀيري پنجاب صوبو عملي طور تي ٽن وڏين سياسي ڌرين، مسلم ليگ ن، پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آءِ ۾ مقابلي وارو ميدان بنجڻ وڃي رهيو آهي.جنهن مان وچولي پنجاب ۾ مسلم ليگ نواز کي سرسي ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي وچولي جي امڪاني ڪاميابي نظر اچي اهو آهي.

ملڪ کي درپيش هر قسم جي حالتن جي باوجود آخرڪار تبديلي ۽ سونامي جي تباهه ڪارين کان نجات ۽ ان جي احتساب وارو عمل شروع ٿي چڪو آهي. بلوچستان ۾ ڄام ڪمال جي حڪومت وڏي ڌماڪي سان ڪرندي نظر آئي ۽ هاڻي وارو صوبي پنجاب جو آهي ان بعد وزير اعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي واري رٿ به تياري ۾ آهي، جنهن جي ڪاميابي ۾ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنيادي ڪردار صاف نظر اچي رهيو آهي. ملڪ جي سياسي ڌرين ۽ جمهوريت ۽ پارلياماني نظام ۽ بقاءَ ملڪ جي سلامتي لاءِ قدم کڻڻ جو وقت هاڻي اچي ڪڙڪيو آهي. اهو ملڪ جي سمورن ترقي پسندن، جمهوريت پسندن، وڪيلن، صحافين، سول سوسائٽي، سماج سڌارڪن ۽ ساڃهه وندن لاءِ پڻ امتحان آهي ته، ڏسجي ته، ملڪ جو آئين، جمهوريت، علم ،ڏاهپ،۽ عقل ٿو سوڀارو ٿئي يا پنهنجي ملڪ ۽ عوام کي وري انتهاپسندن جي حوالي ٿو ڪيو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *