ابراھيم ڪنڀر

سياست ۾ ملندڙ اشارا ۽ حڪومتي پريشانيون

ابراھيم ڪنڀر اوهانجو موقف ليکڪ

ابراھيم ڪنڀر

شھيد بينظير ڀٽو جي ورسي تي پيپلز پارٽي جي چئرمين بلاول ڀٽو جي تقرير ھجي، پيپلز پارٽي جي شريڪ چئرمين آصف علي زرداري جا تازا تازا بيان ھجن، ميان نواز شريف جي وطن واپسي جي حوالي سان عوام کي ڏنل آٿت يا آسرو ھجي، ميان شھباز شريف جي حڪومت تي ڪيل تنقيد ھجي، مولانا فضل الرحمان جي تحريڪ انصاف جي ڳڙھ سمجھيو ويندو پشاور،بنون،مردان توڙي آس پاس ۾ مڪاني چونڊن ۾ ڪاميابي ھجي يا انھي ڪاميابي کانپوءِ سندس بيان ھجن،اھي سڀ جون سڀ شيون حڪومتي صفن ۾ ٿرٿلو وجھڻ جي لاءِ ڪافي آھن، سوني تي سھاڳو وري اھو تہ حڪومتي وزير مشيرن کي جڏھن خبر پئي تہ مستقبل جي حڪمراني جي حوالي ساان اسلام آباد کان شروع ٿيل ڳالھ ٻولھ راولپنڊي ۽ انھي کانپوءِ لنڊن پھتي، حڪومت اھو يقين ڪري ويھي رھي تہ انھي قسم جو لنڊن پلان تيار ٿي رھيو آھي جيڪو 2014ع جي عمران خان پلس طاھر القادري جي ڌرڻي دوران تيار ٿيو ھو، يعني حڪومت وقت جي خلاف ڪنھن ڳٺ جوڙ جھڙو پلان. اسان انھي پلان تي حتمي طور ڪجھ نٿا ڳالھائي سگھون پر سياست، سياسي نظام، حڪومتي نظام، حڪومتي ڳٺ جوڙ جي حوالي سان ملندڙ اشارا اھم ھوندا آھن. سياست ۾ اشارا ملڻ کانپوءِ ڪافي ڪجھ تبديل ٿيڻ جي نشاندھي ھوندي آھي ھي موجودہ حڪومت جي تبديلي وارو ٽڪساٽ پاڻ ئي انھن اشارن جي آڌار تي اڳيان وڌيو آھي.
ھن وقت جيڪي سياسي نوعيت جا اشارا ملي رھيا آھن انھن جو نتيجو ڪڍڻ کان اڳ ۾ ھن حڪومت جي حاصلات جي لاءِ 2014 کان 2017ع تائين جيڪي بہ اشارا مليا انھن پنھنجو ڪم ڪري ڏيکاريو،ميان نواز شريف جي حڪومت ۾ تحريڪ انصاف ۽ طاھر القادري جي ڳٺ جوڙي واري 2014ع جي ڌرڻي کان وٺي فيض آباد واري ڌرڻي تائين سمورن واقعن کي اشارو وٺي اھو سمجھي سگھجي ٿو تہ اھو سمورو ڳٺ جوڙ رڳو ئي رڳو نوازز شريف جي حڪومت جي خاتمي جي ڪري جوڙيو ويو ھو، انھي ڌرڻي دوران پارليامينٽ، پي ٽي وي، پاڪستان سيڪريٽريٽ ويندي سپريم ڪورٽ تي حملو انھي ڳالھ جي نشاندھي جي لاءِ ڪافي ھو تہ ڪا ڌر آھي جيڪا انھي وقت جي حڪومت مان ھوا ڪڍڻ جي لاءِ عمران خان ۽ طاھر القادري سان ڪلھوڪلھي ۾ ملايو بيٺي آھي، جڏھن 126 ڏينھن واري خالي ڪرسين جي ڌرڻي جي ڪري اھو ڪم نہ ٺھي سگھيو تہ 16 ڊسمبر واري اي پي ايس سانحي کانپوءِ عمران خان کي وقتي طور مايوس ٿي ڌرڻو پٽي بني گالا جو رستو وٺڻو پئجي ويو پر انھي کانپوءِ پلان بي تي عمل ڪيو ويو، انھي قسم جي ڪارروائين ۾ ھڪ ٻہ نہ پر ٽي چار پلان ھوندا آھن، پلان بي اھو پلان ھو جنھن جو انڪشاف ڌرڻي کان فوري پوءِ جاويد ھاشمي ڀانڊو ڦاڙي وڌو ھو جاويد ھاشمي جي انھي پريس ڪانفرنس جي رد عمل ۾ انھي وقت جي ڇيف جسٽس ناصرالملڪ کي وضاحت ڪرڻي پئي ھئي تہ ھن جي عمران خان سان رڳو ھڪ ملاقات ٿي ھئي، انھي جي ڪري عدالت جي حوالي سان ھلندڙ ڳالھين ۾ ڪا صداقت ناھي، جسٽس ناصر الملڪ کانپوءِ شاعر دانشور چيف جسٽس تصدق جيلاني بہ پنھنجو وقت عزت ساان گذاريو، عمران خان کي ٻي لاڪ ڊائون جي اعلان جي وقت جسٽس کوسا درخواست داخل ڪرڻ جي درخواست ڪئي ھئي، انھي وقت جسٽس انور ظھير جمالي چيف جسٽس ھو جيڪو شايد انھي سموري صورتحال کي سمجھي اھو فيصلو ڏئي ويو تہ پاناما ليڪس تي فيصلو ايندڙ چيف جسٽس يعني ثاقب نثار ڪندو، جنھن سڀ ڪجھ ڪري ڏيکاريو..
پاناما پيپر ليڪس عالمي فنا منا ھو، اسان جي ملڪ ۾ انھي ليڪس ۾ 120 ماڻھن جا نالا ھئا، انھن مان ڪنھن تي ڪو اثر نہ پيو، جيڪڏھن اثر پيو تہ رڳو ئي رڳو سويلين شاھوڪار ماڻھو ميان نواز شريف تي پيو باقي 119 ماڻھن جو وار ونگو نہ ٿيورحمان ملڪ، عليم خان ، عارف حبيب، تحريڪ انصاف ۾ ويٺل ڪيترائي اڳواڻ، بيوروڪريٽ، فوجي عھديدار مجال آھي ڪير ھن وقت ڪنھن جو نالو وٺي. اھي سڀ جا سڀ ماڻھو بچي ويا، بچي ويندا، انھن جو نالو وٺڻ وارو ڪير ڄائو ئي ناھي، پانانا جو اھو ميلو رڳو نواز شريف جي چونڊيل حڪومت جو پٽڪو وڃائڻ جي لاءِ لڳو جيڪو پٽڪو وڃائجي چڪو.نواز شريف کي سياست مان ھميشا جي لاءِ بيدخل ڪيو ويو، جڏھن نواز شريف کي نااھل قرار ڏنو ويو يا انھي کان اڳ پارليامينٽ جو گھيرو ڪرائي جيڪو ڌرڻو ھنيو ويو يا انھي کان اڳ ۾ آصف علي زرداري جي صدارتي دور ۾ جيڪو مٿس دٻاءَ وڌو ويو ھو اھي سموريون چالون کين ڪمزور ڪري اقتدار مان پاڻ مرادو نڪري وڃڻ جون چالون ھيون جن ۾ ڪاميابي نہ ملي سگھي، نواز شريف کي وزارت اعظمي تان ھٽائي، ايمرجنسي ۾ ڪيس ھلائي، سپريم ڪورٽ جي جج کي نگران ڪري،جھڙي ريت انصاف جو خون ڪيو ويو اھا نواز شريف کي ھڪ سزا ھئي،بھرحال انھي وقت جيڪي اشارا مليا انھن مان انھي ڳالھ جي پھرين نشاندھي ٿي ۽ پوءِ سڀني ڏٺو تہ ڪھڙي ريت 2018ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪري عمران خان عوام جي امنگن جي ابتڙ ملڪ مٿان مڙھيو ويو ھو.
ھاڻ سياست ۾ جيڪي اشارا ملي رھيا آھن اھي بہ تقريبن اھي 2014 کان 2017ع وارن اشارن جھڙا اشارا آھن، جڏھن انھي قسم جا اشارا ملندا آھن تہ انھن جو ھڪ ڏينھن نتيجو بہ نڪرندو آھي پر انھي نتيجي کان اڳ انھي سموري صورتحال تي چئوٻول، خبرون، تجزيا ۽ تبصرا شروع ٿي ويندا آھن، اھي خبرون ڪنھن جي لاءِ خوشي جو ڪارڻ، ڪنھن جي لاءِ اضطراب تہ ڪن جي لاءِ مايوسي جا سمنڊ کڻي اينديون آھن، تحريڪ انصاف ۽ حڪومتي صفن ۾ ماتم واري صورتحال آھي، ھڪ تہ نواز شريف جي آمد جون خبرون تيزي سان پکڙجي رھيون آھن، ٻيو تہ نواز شريف جي پارٽي جي قيادت جون راولپنڊي ۾ اھم ملاقاتون ٿيون آھن، ٽيون تہ لنڊن ۾ ڪجھ اھم ماڻھو ويا آھن،اڳوڻي اسپيڪر اياز صادق چيو آھي تہ ھو پاڻ لنڊن ويو آھي، نواز شريف جلدي وطن ايندو. سوني تي سھاڳو وري اھو جو جيڪو ڪجھ ڇپر ڇانون ۾ ھلي رھيو آھي انھي جو ڦڪڙ وزيراعظم پاڻ اھو چوندي ڦاڙي وڌو آھي تہ نواز شريف جي نااھلي ختم ڪرائڻ جي لاءَ رستا ڳوليا پيا وڃن. جن حاڪم سڳورن تي الزام آھي تہ ھنن کي حڪمراني ڪرڻ جو ڏانون نٿو اچي اھو تہ بلڪل درست تجزيو آھي اھو چوڻ بہ بلڪل درست آھي تہ تبديل ٿيندڙ صورتحال کي منھن ڏيڻ بہ حاڪم سڳورن کي نٿو اچي،ڳالھ ھجي نہ ھجي حاڪم وقت ويٺي ويٺي اھڙي ڳالھ ڪري ڇڏيندو آھي جنھن سان پڪ ٿيو وڃي معاملو گڙٻڙ آھي. جيڪڏھن اسان جي وزيراعظم جي پوڻن چئن سالن جي بيانن کي ويھي ڏسجي يا وري انھن بيانن مان جھلڪندڙ يوٽرنز کي ڏسجي تہ بہ خبر پوي ٿي تہ ھنن کي تہ مٿي ۾ اقتدار ھنيو ويو آھي.
ميان نواز شريف جي وطن واپسي وارين خبرن کانپوءِ وزيراعظم جي ڏنل بيان مان رڳو سندس مايوسي نہ پئي جھلڪي پر وزيراعظم صاحب انھي بيان ذريعي اھو ٻڌايو آھي تہ ھن پنھنجي حڪومت جي ھيستائين جي پوڻن چئن سالن ۾ عوام، ملڪ، رياست، سياست، معشيت سميت سمورن شعبن جو رڳو نقصان ئي نہ ڪيو آھي پر ھن ملڪ جو ايندڙ نسل انھي سموري نقصان کي ڀوڳيندو. مڪاني چونڊن ۾ تحريڪ انصاف کي وڏي شڪست آئي آھي. انھي بابت اسان اڳ واري مضمون ۾ ذڪر ڪيو ھو تہ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون تحريڪ انصاف وٽ ھجڻ جي باوجود مڪاني چونڊن ۾ تحريڪ انصاف کي انھي انداز سان شڪست ملڻ حڪومت جو خاتمو ٿيڻ جو وڏو اشارو آھي، جمھوريتن ۾ مڪاني چونڊون بنياد ھونديون آھن. اھو ممڪن ئي ناھي تہ جنھن پارٽي وٽ وفاق ۽ صوبائي حڪومت ھجي انھي کي ان انداز سان شڪست اچي، مڪاني چونڊن ۾ تحريڪ انصاف جي شڪست ڪافي شين کي واضع ڪري ٿي، حڪومتي ڌر شڪست جي حوالي سان مختلف ھيلا بھانا ڪري رھي آھي. چونڊن جو سڌو تعلق عوام سان ھوندو آھي ووٽ جي پرچي اصل ۾ سياستدانن ۽ عوام جي ڳانڍاپي، لاڳاپي، تعاون، تعلق، اميد ، آسري ۽ امنگن کي ظاھر ڪندي آھي، سياستدان يا پارٽي ڪھڙي ليول تي عوام سان جڙيل آھي انھي جو اظھار عوام ووٽ جي ذريعي ڪندو آھي، تحريڪ انصاف کي ڪي پي ڪي ۾ مڪاني چونڊن ۾ جيڪا شڪست آئي انھي ثابت ڪيو آھي تہ عوام ۽ تحريڪ انصاف جو پاڻ ۾ ڪو تعلق ناھي، تحريڪ انصاف ھاڻ حقيقي معني ۾ پاڻ کي چونڊيل نہ پر نامزد يا سليڪٽ ٿيل پارٽي سمجھندي رھي آھي، تحريڪ انصاف جي چئرمين کان وٺي وزير مشير صلاحڪار، معاون يا ترجمان تائين ڪنھن جي ذھن ۾ انھي شڪست کان اڳ تائين اھو خيال نہ ھو تہ اسان کي ووٽن جي لاءِ عوام وٽ وڃڻو پوندو. ھي سڀ جا سڀ ليڊر اوچي اڏامن تي اڏامي رھيا ھئا،ڪڏھن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر صاحب جي آڊيو ليڪ ٿي رھي ھئي تہ مون وٽ ٽيھ ڪروڙ پيا آھن جيڪو کٽي ايندو انھي کي ترقياتي اسڪيمون ملنديون ڪڏھن ڪنھن وزير وڃي ڪوڙيون تختيون ھڻي اليڪشن ضابطا اخلاق جا بخيا اڊيڙيا، تحريڪ انصاف ھن ملڪ، عوام ۽ سياست سان گهڻو ڪجھ ڪيو پر مڪاني چونڊن جي شڪست مان ظاھر ٿي ويو تہ عوام سان ھڪ سياسي پارٽي جي حيثيت ۾ ھو تعلق جوڙي نہ سگھيا آھن، ھنن جو عوام سان تعلق بلڪل اھڙو آھي جيڪو ق ليگ جو آھي، يا وري جيڪو جي ڊي اي، باپ يا ھميشا اقتدار ۾ رھندڙ جماعتن جو ھوندو آھي، انھي جي ڪري ھاڻ تحريڪ انصاف کي شڪستن جي سونامي کي بہ ڪير بچائي نٿو سگھي.گلگت بلتستان کان آزاد ڪشمير جي چونڊون تحريڪ انصاف کي جنھن بہ کٽرائي ڏنيون پر ھاڻ ڪجھ پنھنجي ھمت ڪرڻي پوندي.جيڪا تحريڪ انصاف جھڙي پارٽي کان ٿي ئي نٿي سگھي، ڇاڪاڻ جو تحريڪ انصاف عوام جي زور بار تي ووٽ کٽي چونڊن ۾ڪاميابي ماڻي اقتدار ۾ نہ آئي آھي، جيڪو محنت ڪندو، پاڻ کي عوام آڏو ذميوار ۽ جوابدہ سمجھندو انھي کي پنجن سالن وارو اقتداري عرصو پنج مھينن جو لڳندو آھي، تحريڪ انصاف چار سال اين آر او نہ ڏينداسين جي ھاءِ گھوڙا ڪندا ڪندا، پنھنجي ماڻھن جي اربين رپين جي لٽ مار تي ڪپڙو وجھندا نيب کي مخالف ڌر تي چڙھاين جون ھشيون ڏيندي بي خبري ۾ راڄن کي اين آر او ڏيندا رھيا، دانھون،ڪوڪون، ڪوڙا ڪيس، پريس ڪانفرنسون، الزام تراشيون، ڪردار ڪشي، اپوزيشن کي اشارن تي ٻڌائڻ ڇڏائڻ تحريڪ انصاف جي حڪومت جو مک مقصد رھيو انھي ۾ ھو ڪامياب ويا پر جيڪو ڪجھ ھنن کي عوام جي فلاح بھبود جي لاءِ ڪرڻو ھو اھو ھو نہ ڪري سگھيا، جيڪو اڃان نہ پيا ڪن، نعرا وڏا لڳا. تبديلي جي لال بتي جي پويان ماڻھن کي لڳائي ٽڪي جو رليف ڏيڻ بدران حڪومت ماڻھن جي لاءِ بجلي، گئس، تيل جي رسد کي ناممڪن بچائي ڇڏيو.
خير اھو تہ ٿيو سو ٿيو پر ھن صورتحال ۾ وزيراعظم جڏھن اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي لاءِ چئي رھيو آھي تہ سندس نااھلي ختم ڪرائڻ جي لاءَ رستا ڳوليا پيا وڃن تہ وزيراعظم کي اھو واضع ڪرڻ گهرجي تہ اھو ڪير آھي جيڪو اھڙا رستا ڳولي رھيو آھي يا اوھان کي انھي جو اشارو ڪٿان مليو آھي، جيڪڏھن اھڙو اشارو مليو آھي تہ اوھان اھڙين قوتن جي خلاف پنھنجو اختيار ڇو استعمال نٿا ڪريو؟ ڇاڪاڻ جو وزيراعظم جا ٻہ بيان رڪارڊ تي آھن، ھڪ انٽرويو ۾ وزيراعظم صاحب چيو ھو تہ مون ڏانھن جيڪڏھن ڪو وڏو عھديدار استعيفي جو نياپو کڻي اچي تہ آئون انھي کي فارغ ڪري ڇڏيان، ٻيو بہ انھي قسم جو بيان ھو، جيڪڏھن وزيراعظم عمران خان کي پنھنجي حڪومت جي نڪ ھيٺ اھڙي سازش جي بوءِ اچي رھي آھي تہ انھي کان رڳو عوام ئي واقف نہ ڪرڻ گهرجي پر انھن جي خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪرڻ گهرجي.
مڪاني چونڊن جي نتيجن کانپوءِ جڏھن تحريڪ انصاف کي پڪ ٿي وئي آھي تہ ھاڻ راولپنڊي سان اھو لڳ لڳاپو نہ رھيو آھي، سندن مٿي تي رکيل ھٿ کڄي چڪو آھي، ٻي پاسي نواز شريف جي آمد جون خبرون عام آھن، آصف علي زرداري لاھور ۾ خيما کوڙي ويھڻ جو اعلان ڪري اسلام آباد اچي پھتو آھي انھي سموري صورتحال ۾ حڪومتي صفن ۾ مايوسي پکڙيل آھي، حڪمرانن کي اھا خبر آھي تہ معاملا ڪيڏانھن وڃي رھيا آھن پر ڪنھن ۾ بہ ھمت ناھي جو انھي جو کلي اظھار ڪري سگھن، سياسي منظرنامو ڪجھ انھي قسم جو ٺھي رھيو آھي جو مڪاني چونڊن جي شڪست پارليامينٽ جي ميمبرن تي بہ ڪافي اثر وڌو آھي، ٻيو تہ ٺھيو فواد چوڌري، عمران خان، شھباز گل سميت ڪافي حڪومتي ماڻھو ڪافي ڪجھ چئي رھيا آھن پر شيخ رشيد پنھنجو خيمو اکڙندي محسوس ڪري رھيو آھي، آصف علي زرداري جو ھن کڻي نالو ورتوآھي پر اشارن اشارن ۾ وڏي ڳالھ ڪري ويو آھي تہ سندس ٽينٽ بہ پٽجڻ وارو آھي، مڪاني چونڊن کانپوءِ تحريڪ انصاف جي رڳو تنظيم ختم نہ ٿي آھي پر پارٽي جوآئين بہ ختم ٿي چڪو آھي انھي جي ڪري تحريڪ انصاف جو وجود بہ نہ رھيو آھي، اليڪشن ڪميشن تي جھڙي ريت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن ذريعي ووٽنگ جودٻاءَ وڌو پيو وڃي، انھي جي لاءِ رڳو اليڪشن ڪميشن 19 شرط طئي ڪري پوءِ اي وي ايم تي عملدرآمد کي يقيني بنايو آھي پر اٽارني جنرل خالد جاويد خان بہ ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو آھي تہ اليڪشن ڪميشن کي اي وي ايم تي عمل جي لاءِ مجبور نٿا ڪري سگھو. اليڪشن ڪميشن وٽ ھڪ ٻيو ترپ جو پتو آھي، پھرين تہ فيصل واوڊا جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن فيصلو ڏيندي پر انھي کانپوءِ اليڪشن ڪميشن جلدي تحريڪ انصاف جي پرڏيھي فنڊنگ واري ڪيس جو جائزو وٺي اانھي تي بہ فيصلو ڏيندي، فيصلو حق ۾ ٿو اچي يا مخالفت ۾ ٿو اچي، انھي جا نتيجا بھرحال اچڻا آھن، اسلام آباد ھائيڪورٽ ۾ يوسف رضا گيلاني جي درخواست تي فيصلو محفوظ ٿيل آھي جيڪڏھن ھائيڪورٽ يوسف رضا گيلاني کي سينيٽ جو چئرمين ڊڪلير ڪري ڇڏيو تہ اپوزيشن جو اڌ ڪم ٺھي ويندو.جيڪڏھن فيصلو مخالفت ۾ آيو تہ سينيٽ ۾ اپوزيشن جي صلاح مشوري ۽ اتفاق سان بي اعتمادي جي رٿ آئي تہ اھا شروعات ھوندي اھڙي ئي رٿ قومي اسيمبلي ۾ اسپيڪر جي خلاف بہ اچي سگھي ٿي، تحريڪ انصاف جا ٽيھارو کن ميمبر ٻين پارٽين کان ٽڪيٽ وٺڻ جي چڪر ۾ آھن خاص طور نواز ليگ وٽ وڏي لائين لڳل آھي، جيڪڏھن ھن ڀيري 30 بلز منظور ڪرائڻ واري چڪر ۾ ميمبرن تي زور بار نہ پيو تہ ميمبر ٽڙي پکڙي ويندا، حڪومت جون اتحادي پارٽيون اڏام ڀرڻ جي لاءِ تيار آھن، جيڪڏھن بي اعتمادي جي رٿ اچي ٿي تہ اھا ھر صورت ۾ ڪامياب ٿيڻي آھي، جيڪڏھن انھي رٿ کان بچڻ جي لاءِ ڪو رستو آھي تہ وزيراعظم جي استعيفي جو رستو آھي، پر اھا ڪھاڻي ھاڻ ڪجھ مھينن جي آھي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے