دنيا ۾ جان قبض ڪندڙ دل جون بيماريون سر فهرست آهن.هڪ اندازي مطابق دنيا ۾ هڪ ڪروڙ 80 لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو ان بيمارين سبب جان جي بازي هارائي وڃن ٿا.صحت جي عالمي اداري مطابق دنيا ۾ %32 ماڻهو انهن بيماري جي ور چڙهي وڃن ٿا.دل جون بيمارين سبب %85 ماڻهو دل جي ڌڙڪڻ رڪجڻ سبب هن جهان مان هليا وڃن ٿا.پاڪستان ۾ دل جي بيمارين سبب اڍائي لک کان وڌيڪ شهري هن بيماري جي حوالي ٿي وڃن ٿا ۽ پنهنجي حياتي وڃائي ويهن ٿا.هي هڪ قومي الميو هجڻ باوجود ان بيماري کي سنڌ کانسواءِ وفاق کان وٺي صوبن تائين سنجيده نه ورتو ويو آهي.هلندڙ مالي سال دوران سنڌ ۾ صحت جي شعبي لاءِ 172ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن.جن مان 6.4 ارب رپيا صرف اين آءِ سي وي ڊي ۽ گمس لاءِ وقف آهن، جيڪي ان شعبي ۾ ڪامياب ۽ مفت علاج جي سهولت مهيا ڪري رهيون آهن.
سنڌ حڪومت 2021-22 جي بجيٽ ۾ ايس آءِ يو ٽي لاءِ ساليانو گرانٽ 7.12 ارب رپيا وقف ڪيا آهن،جيڪا انتهائي هاڪاري ڳالهه آهي، اهڙي طرح سان هڪ ٻي فلاحي اسپتال انڊس لاءِ به هي تاثر ڏنو ويندو آهي ته هي اسپتال سرندي وارن جي چندي سان هلي رهي آهي،جيڪو غلط آهي.سنڌ حڪومت 2021 ۽ 22 جي بجيٽ ۾ انڊس اسپتال لاءِ ساليانو اڍائي ارب رپين جي گرانٽ مختص ڪئي آهي ۽ اسپتال جي واڌاري لاءِ ٻه ارب رپيا الڳ مختص ڪيا آهن.
جڏهن ته گمس به سنڌ حڪومت جي مالي سهڪار سان هلي رهيو آهي.اهڙي طرح اين آءِ سي وي ڊي کي به سنڌ حڪومت جو مالي سهڪار حاصل آهي، سرندي وارا به مدد ڪن ٿا، عدليا ۽ احتساب جي ادارن کي باقي فلاحي اسپتالون ته نظر اچن ٿيون، پر اين آءِ سي وي ڊي جي شاندار خدمتن کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي، هي ٻٽو معيار ختم ڪرڻو پوندو.
ڪورونا کانپوءِ صحت جو شعبو Innovation مان گذري رهيو آهي.اهي ملڪ جن ان اهم شعبي کي خانگي ادارن ۽ ڪمپنين جي حوالي ڪري ڇڏيو هو، انهن کان واپس وٺڻ جو عمل شروع ٿيو ۽ دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ مان اها رڙ نه آئي ته خانگي شعبي کان صحت جو شعبو ڇو واپس ورتو ويو؟ هي ڪم ڪنهن غريب ملڪ نه ڪيو، پر اسرندڙ ۽ اسريل ملڪن مان ڪيترائي ان عمل ۾ شامل آهن.ڪورونا جي حوالي سان ٿيندڙ تحقيق جو محور به سرڪاري شعبو رهيو ۽ هينئر تائين جيڪا ويڪسينيشن ٿي چڪي آهي، ان جي نگراني به حڪومتون ڪري رهيون آهن.جيڪڏهن ان وبا جيان دل جي بيمارين کي سنجينده ورتو وڃي ها ته اٽڪل ٻه ڪروڙ انسانن جون ساليانو جانيون بچائي سگهجن پيون.
اسان وٽ دل جي بيمارين کي سنجيندهه نه ورتو ويو، جيتوڻيڪ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ ته هي معاملو تڪراري رهيو آهي، پر عدليا به معاملي کي الجهائڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي آهي.عام طور تي چيو ويندو آهي ته جج حضرات Aristocracy ۾ شامل هوندا آهن، هي معاشري جو دماغ سمجهيا ويندا آهن ۽ انهن جي سوجهه ٻوجهه جي ليول به وڌيڪ هوندي آهي.جيڪڏهن ڪو جج هي چئي ته توهان ڪنهن شهري جي دل جي بيماري جو علاج ڪريو ٿا ۽ ان تي ڳري رقم خرچ اچي ٿي ۽ ان جي ڀيٽ ۾ عام مريض تڙپي تڙپي ساهه ڏين ٿا، ته ڪجهه افسوس به ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته دل جي بيمارين جو ايترو ته complicated علاج ٿيندو آهي، جنهن جي ڀيٽ عام بيماري سان ڪري نٿي سگهجي.جهڙي طرح جا ڪيس دل جي بيمارين جا سامهون اچي رهيا آهن،انهن مان شهرين جي life style جي به خبر پئي ٿي ۽ ان حساس نوعيت جي مرض جو به اندازو ٿئي ٿو.هن حساس دنيا ۾ اسان کي ڪيترين کي بيمارين کان بچڻ لاءِ ويجيلنٽ رهڻو پوندو آهي ۽ مستقبل ۾ ڇا ٿئي ٿو، ڪوبه اڳڪٿي ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه هوندو.ڪجهه ملڪن جي وچ ۾ هائبرڊ وار به جاري آهي، جنهن کي نظرانداز ڪري نٿو سگهجي.
هن خطي جا سمورا ملڪ ڄاڻن ٿا ته دل جي بيمارين جو ڪو سٺو علاج ۽ فري آف ڪاسٽ ڪيو ويندو آهي ته اها سنڌ آهي.ان حوالي سان اهي ادارا جيڪي ان شعبي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن ، اهي به پوئتي رهجي ويا.ان حوالي سان پنجاب جو مثال به ڏنو ويندو آهي.هي اسان جو سڀ کان وڏو ۽ وسيلن جي لحاظ کان مالا مال صوبو آهي.پنجاب آبادي جي لحاظ کان سڀني کان اڳڀرو آهي ۽ دل جي بيمارين جو علاج سنڌ کان پهريان اتي ٿيندو رهيو آهي، پراسان وٽ اوليتن جي نه هجڻ سبب اسان صحت جي شعبي ۾ ڪڏهن گهٽ ته ڪڏهن وڌيڪ اهميت ڏيندا رهيا آهيون، هي الميو ڪنهن هڪ صوبي جو ناهي، پر پوري ملڪ جو آهي.
پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي دل جي بيمارين لاءِ ڪم ڪندو رهيو آهي، پران جي حوالي سان ڪيتريون ئي شڪايتون به آهن.ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي انساني جانين سان کيڏن ٿا، ان ڪري ته علاج تسلي بخش نه ٿيڻ سبب پنجاب مان وڏي تعداد ۾ دل جي بيمارين ۾ ورتل ماڻهو اين آءِ سي وي ڊي سنڌ جو رخ ڪن ٿا.
پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڪم ڪري رهيو آهي، پر ماضي جي مقابلي ۾ گذريل ڪجهه سالن کان صورتحال خراب آهي.هيءَ الڳ ڳالهه آهي ته سمورن صوبن کان وڌيڪ صحت جي بجيٽ به پنجاب جي آهي ۽ ان ۾ لاڳاتار واڌارو ٿيندو رهي ٿو.هلندڙ مالي سال دوران پنجاب حڪومت بجيٽ ۾ 370ارب رپيا صحت جي شعبي لاءِ وقف ڪيا آهن، پر دل جي مريضن لاءِ تمام گهٽ رقم رکي وئي آهي، هتي صرف 347 بسترا آهن.1989 کان هي اسپتال ڪم ڪري رهي آهي، پر جيترا مريض آهن، اوتريون سهولتون ناهن.
ڏکڻ پنجاب جو علائقو، جيڪو اڌ پنجاب کان وڌيڪ آهي، اتي هي سهولت نه هجڻ سبب ڪيترن ئي شهرن جا رهواسي سنڌ جو رخ ڪن ٿا.انهن جو سکر کان وٺي ڪراچي اين آءِ سي وي ڊي ۾ مفت ۾ علاج ٿيندو آهي.هڪ اندازي مطابق هڪ مريض جي سرجري ڪئي وڃي ته 10 لکن جي لڳ ڀڳ خرچ ٿيندو آهي.سنڌ حڪومت پنهنجي بجيٽ مان اها رقم ادا ڪندي آهي.ڪجهه عرصو پهريان ميڊيا جي حلقن ۾ هي انڪشاف ٿيو ته ڄاڻايل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي ۾ مئي، جون ۽ جولاءِ ۾ 70 جي لڳ ڀڳ دل جي مريضن کي ايڪسپائر ٿيل اسٽنٽس لڳايا ويا.
غير معياري ۽ مدي خارج اسٽنٽس لڳائڻ سبب مريضن جي طبيعت خراب ٿيڻ تي ان ڳالهه جو انڪشاف سامهون آيو.مريضن جي زندگين کي خطرا پيدا ٿي ويا.اهڙي صورتحال ۾ پروفيسر ڊاڪٽر امجد نعمان ۽ انسٽيٽيوٽ جي ايم ايس ڊاڪٽر تحسين جي نگرانيءَ ۾ 6 ميمبرن تي ٻڌل جاچ ڪميٽي به جوڙي وئي.ريڪارڊ چيڪ ڪرڻ کانپوءِ انساني جانين سان کيڏڻ جومعاملو ثابت ٿي ويو، پر معاملي کي گوڏي هيٺان دٻايو ويو. گذريل سال به انهيءَ انسٽيٽيوٽ ۾ ساڳي نوعيت جا واقعا پيش اچي چڪا آهن.
پر افسوس ته ڪنهن به اداري انساني زندگين جو هي معاملو نه اٿاريو، نه ئي عدليا ڪوئي نوٽيس ورتو.افسوسناڪ ڳالهه هي به آهي ته 2015 کان 2017 تائين پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي ۾ سرڪاري پئسن سان غير معياري، اسٽنٽس وجهڻ جو سلسلو جاري آهي، پر هيءَ ڳالهه ڪنهن به اداري جي ريڊار تي ناهي.هي به اطلاع آهن ته انهيءَ انسٽيٽيوٽ ۾ غريب ماڻهن جا کيسا خالي ڪري سستا ۽ غير معياري اسٽنٽس لڳائڻ جو سلسلو هينئر به جاري آهي، جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا آهن.
ڪي پي ڪي حڪومت هلندڙ مالي سال لاءِ 124 ارب رپيا صحت جي شعبي لاءِ مختص ڪيا آهن، پر دل جي مريضن لاءِ بجيٽ نه هجڻ جي برابر آهي، تحريڪ انصاف گذريل 8 سالن کان ڪي پي ڪي ۾ حڪومت ڪري رهي آهي.وفاق ۾ به انهن جي ئي حڪومت آهي.دعوائون ته گهڻيون ڪيون وينديون آهن، پر صحت جي شعبي ۾ جيتري خراب صورتحال ان صوبي جي آهي، شايد ڪنهن جي هوندي.پشاور انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي 2016 کان ڪم ڪري رهي آهي، پر سهولتون ۽ دل جي علاج جي ماهر ڊاڪٽرن جي کوٽ هجڻ سبب ڪي پي، قبائلي علائقن مان به ماڻهو سنڌ جي فلاحي اسپتال اين آءِ سي وي ڊي جو رخ ڪن ٿا.
پشاور جي ڪارڊيولاجي اسپتال جي حالت هي آهي ته ماڻهن کي اينجيو پلاسٽي ۽ باءِ پاس لاءِ ٻن ٻن سالن تائين انتظار ڪرڻو پوندو آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ ايندڙ مريضن جو هي مهانگو علاج محدود مدي ۾ ٿي ويندو آهي.تحريڪ انصاف حڪومت جي اقتدار ۾ رهجڻ باوجود صوبي ۾ دل جي مريضن جو هڪ به اسٽيٽ آف آرٽ انسٽيٽيوٽ ناهي. ان جي ابتڙ سنڌ ۾ اين آءِ سي وي ڊي جي 30 کان وڌيڪ مرڪزن ۾ 24 ڪلاڪ مفت ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون وڃن ٿيون، سنڌ جون هي اسپتالون رشڪ ڪرڻ جهڙيون آهن،پر سنڌ جي انهن خدمتن کي ڪوبه قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
بلوچستان حڪومت هلندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ صحت لاءِ 38 ارب رپيا مختص ڪيا آهن.بلوچستان ايراضي جي لحاظ کان پاڪستان جو سڀ کان وڏو ۽ آبادي جي لحاظ کان ننڍو صوبو آهي.هتان جي آبادي هڪ ڪروڙ چوويهه لک آهي.پر صحت جون سهولتون اڻلڀ آهن، ايستائين جو دل جي بيمارين جو علاج ڪرڻ لاءِ ڪابه وڏي اسپتال ناهي.صوبي جي گادي واري شهر ڪوئيٽا ۾ به سول اسپتال ۾ دل جي مريضن جو شعبو قائم آهي، پر اتي به دل جي مرض جا ماهر ڊاڪٽر نه هجڻ سبب اينجيو پلاسٽي ڪرائڻ مشڪل آهي.صوبي ۾ هي علاج به مفت ۾ نٿو ڪيو وڃي.معياري ۽ مفت علاج نه هجڻ سبب بلوچستان کان شهرين جو وڏو تعداد اعلاج ڪرائڻ لاءِ سنڌ جي اين آءِ سي وي ڊيز جو رخ ڪري ٿو،جتي انهن کي دل جو مفت ۽ معياري علاج ڪيو ويندو آهي.ساليانو بلوچستان مان ايندڙ مريضن جو تعداد هزارن ۾ آهي، ڇاڪاڻ ته بلوچستان، سنڌ جي دل جي ويجهو آهي ۽ سرحدون به دل جي شريانين جيان جڙيل آهن.انڪري بلوچستان جي عوام کي طبي سهولتون سنڌ مان ئي ملن ٿيون.ڏٺو وڃي ته اين آءِ سي وي ڊي دل جي مريضن کي مفت ۾ سهولتون فراهم ڪندڙ واحد نيٽ ورڪ آهي.ٻيا ادارا ملڪي سطح تي ايترو وڏو ڪارنامو سرانجام نه ڏئي رهيا آهن.طاقتور، عدل ۽ انصاف جي ادارن کي سوچڻ گهرجي ته ان قومي اثاثي کي ڪيئن محفوظ ڪري سگهجي ٿو.