نور الهديٰ شاهه

سوال جيڪو بار بار اٿاريو ٿو وڃي

ليکڪ نورالهديٰ شاهه

نور الهديٰ شاهه

سوال جيڪو بار بار اٿاريو ٿو وڃي ته اديبن کي يا ڪنھن به سياسي شعور رکندڙ فرد کي سنڌ جي ڪنھن ھڪ سياسي پارٽي سان وفادار رھڻ گھرجي!

ظاھر آھي ته سنڌ جي ھر سياسي پارٽي جا ڪارڪنَ انھيءَ خيالَ تي متفق آھن ته صرف اھي ماڻھو سنڌ سان وفادار يا سچا آھن، جيڪي سندن ھم خيالَ آھن. سندن ليڊر جي ھٿَ تي بيعت ڪن ٿا! بظاھر اھو خيال فطري آھي پر اھو سمجھڻ پڻ ضروري آھي ته دنيا بند يا محدود دائرن مان نڪري ھڪ عالمگير ڳوٺَ بڻجي چڪي آھي، جنھن ڪري دنيا جا رويا ۽ سوچَ تيزيءَ سان بدلجندي ٿي وڃي.

جنگين ۽ عالمي طاقتن جي دنيا فتح ڪرڻ جي وحشياڻي خواھشن ۽ عمل ماڻھوءَ جي سوچَ جا دائرا ٽوڙي ڇڏيا آھن.

ماڻھو ھاڻي لامحدود سوچي ٿو. ديوارن تي ڪميونسٽ ليڊرن جا پوسٽرَ لڳائي انقلابي بڻجڻ بدران، فردَ جي ذھني آزادي چاھي ٿو. فردَ جي جيئڻ جا حقَ گھري ٿو. پنھنجيءَ قومَ جا حقَ ٻيئن جي حقن کان ڌار نٿو ڪري سگھي.

ٻئي پاسي قوم پرستي اندر نسل پرستي ھڪ وڏو سوال بڻجي چڪي آھي. جيڪڏھين قوم پرستي کي نسل پرستي کان ڌار ڪري نٿو ڏسجي ته اھا پنھنجي اھميت وڃائي ويھي ٿي رھي.

فاشسٽ روين جي ڪري نسل پرستي ۽ قوم پرستيءَ جي وچَ ۾ وارَ کان به سنھڙي نازڪ وٿي آھي، جيڪا قومن جي موقف کي ٻوڙي به سگھي ٿي ۽ تاري به سگھي ٿي.

سياست ھاڻ محض اوطاق يا ڊرائينگ روم ڊسڪشن ناھي رھي. انھيءَ دائري مان نڪري پنھنجي ڌرتي ۽ قومَ کي دنيا جي مختصر ٿيندڙ گولي تي اڪيلو رھجي وڃڻ کان بچائڻو به ھوندو آھي.  انھن بنيادن تي دنيا ۾ھيومن رائٽس/انساني حقَ سياست جو بنيادي شرط بڻجي چڪا آھن. سياسي سوچ، سرحدون اورانگھي  لامحدود ٿي چڪي آھي.

ان پس منظر ۾ ڪنھن ھڪ سياسي پارٽي جي ھر بري ڀلي سان ٻڌجي رھڻ صرف سياسي ڪارڪن ئي ڪري سگھي ٿو (جيڪو پڻ غيرفطري آھي) پر اديب يا سياسي شعور رکندڙ آزاد فرد نٿو وفاداريءَ جي نالي تي ٻڌيل رھي سگھي.

اديب يا سياسي شعور رکندڙ آزاد فرد بھرحال انھيءَ عالمگير ڦھلاءَ ۾، پنھنجي ديسَ جي ماڻھن جي حقن جي بنياد تي ديسَ جي سياست کي پرکي ٿو ۽ جيڪو به اھڙي ڪنھن مسئلي لاءِ آواز اٿاري ٿو، ان سان گڏ بيھي ٿو.

ڪنھن سياسي پارٽيءَ سان نه پر ان آوازَ سان گڏ بيھي ٿو ۽ ان لاءِ ھر اديب ۽ ھر فرد آزاد آھي.

ساڳي وقت اختلافي مسئلي تي ڪو به آزاد فرد، گروپ يا اديب نه رڳو سياسي ڌرين سان، پر اسٽيبلشمنٽ سميت ڪنھن به طاقتور ڌر سان ٽيبل ٽاڪ ڪرڻ جو به حق رکي ٿو. ان جو سبب اھو به آھي ته سياسي اڳواڻَ پنھنجي نظرياتي ڪردارَ  جي ڪري اڪثر طاقتور ڌرين سان ٽيبل ٽاڪ کان لنوائيندا آھن. انھيءَ ڪري ئي باشعور فردَ وچَ م اچي پنھنجي قومَ طرفان، مسئلي تي روبرو ويھي ڳالھائيندا آھن. ان جي ڀيٽَ م بائيڪاٽ جو ڪانسيپٽ (جيڪو اڄ به اسان وٽ پاپولر سوچ آھي) نه رڳو دنيا ۾، بلڪ پاڪستان م به، نقصانڪار ردعمل ثابت ٿي چڪو آھي.

انھيءَ سڄي پسمنظر م ڪنھن ھڪ سياسي ڌر سان وفاداري، اديب يا ڪنھن به آزاد فردَ جو ڪم ئي ناھي. سمجھڻ گھرجي ته اھا سوچ بادشاھن ۽ راجائن سان غيرمشروط وفاداري جي نالي تي غلاميءَ وارو تسلسل آھي.

اسان منجھان اڪثر آزاد فردَ سنڌ سان لاڳاپيل مسئلن تي مختلف سياسي ڌرين سان اٿي بيھندا آھن.

اھيو سنڌ جھڙي ديسَ ۾ ان لاءِ ضروري ٿيو پوي جو، جتي مقابلو سامھون بيٺل اھڙي اسٽيبلشمنٽ سان ھجي، جيڪا نه رڳو سنڌ سان سچي نه ھجي، بلڪ سنڌ خلاف ھر وقت ڪا نه ڪا سازش رٿيندي ھجي، اتي سياسي يا قومي شعور رکندڙ آزاد فردَ ڪنھن ھڪ سان نه پر سنڌ جي ڪيئي سياسي پارٽين سان بيھندا. اديب ۽ سياسي ڌرين جي ھم سفري ايتري ئي ممڪن آھي.

اسان منجھان ڪيترا ئي ماڻھو پليجي صاحبَ جي صحبت م ويٺا، ھُنَ کان گھڻو ڪجهھ سکيا پر ساڻس سياسي اختلاف ڪيائون. سندس پارٽي ڇڏي ويا. سندس منھنءَ تي مٿس تنقيد ڪندا رھيا، پرَ نه ساڻس تعلق ۾فرق آيو ۽ نه سندس سيکارڻ واري عملَ ۾ڪمي ٿي. اسانجي وڏي بدنصيبي ھئي جو پليجي صاحب جھڙا ماڻھو ملڪي پارليامنٽ ۾ نه پھچي سگھيا.

ھن وقت پيپلزپارٽيءَ جي حوالي سان اسان جو مسئلو اھو ئي ته آھي ته اسانجو عام ماڻھو ووٽ جي ھڪ ئي دائري مان نٿو نڪري. ۽ اسان ھڪ ئي پارٽيءَ جو دائرو ئي ته ٽوڙڻ ٿا چاھيون!

اديبن سميت سنڌ جي ھر باشعور آزاد فرد جي دلي خواھش ۽ ڪوشش اھا ئي آھي ته ملڪ جي پارليماني نظامَ ۾ سنڌ جي مڙني پارٽين جي نمائندگي ھجي. اھا ئي خواھش آھي جنھن جي ڪري سنڌي اديبَ ھر پارٽيءَ کي دل سان own ڪن ٿا.

جيتوڻيڪ ھنن جي ان خواھش ۽ ڪوشش کي فاشسٽ روين جو کاڄ بڻايو ٿو وڃي.

ھنن جي راءِ جي اظھارَ جي يا اختلافَ جي آزادي کي پاڪستاني اسٽيبلشمنٽ جيان غداري قرار ڏنو ٿو وڃي يا ويڪائو ايجنٽ چيو ٿو وڃي.

پاڪستاني اسٽيبلشمنٽ ھڪ فاشسٽ رياست آھي، پر جنھن جي الزامن واري ان پاليسيءَ کي ھاڻي اسٽيبلشمنٽ جي ڳڙھ، پنجاب سميت سڄو ملڪ رد ڪري چڪو آھي.  پر سنڌ جي سمورين سياسي/قومي ڌرين کي پارليماني نمائندگي ملڻ لاءِ سنڌ جي ذھني طور آزاد ۽ باشعور ماڻھن جي اھا مسلسل ڪوشش ضرور پنھنجو صلو ماڻيندي.

ضرور ھڪ ڏينھن اسان جي مڪمل نمائندگي پنھنجي پنھنجي نظريي ۽ ڪمٽمنٽ سان ملڪ جي پارليامينٽرين پليٽ فارم تي پھچي سنڌ جي آوازَ کي اڃا به سگھارو ڪندي.

اھا ئي خواھش آھي جنھن جي پٺيان اسان منجھان ڪيئي، ٻين صوبن جي مزاحمتي سياستدانن يا سياستدانن جي مزاحمت کي به پنھنجي ساٿَ جو احساس پيا ڏياريندا آھن، ته جيئن سنڌ کي اڪيلو ڪرڻ جي ڪوشش کي ناڪام ڪري سگھجي.

(فيس بڪ تان ورتل)

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے