قاضي آصف

سنڌ سان نمڪ حلالي جي هڪ ڪٿا

چونڊمواد قاضي آصف ليکڪ

قاضي آصف

جنرل پرويز مشرف، نواز شريف حڪومت کي ختم ڪري چڪو ھو. صوبن ۾ نوان گورنر مقرر ٿي چڪا ھئا، ڪابينائون ٺھي چڪيون ھيون. پرويزمشرف پاران، اختيارن جي ھيٺئين سطح ڏانھن منتقلي جي خوبصورت نعري ھيٺ ملڪ ۾ نئون مڪاني نظام آڻڻ جون ڪوششون زورن تي ھيون. ان وقت ھڪ ڏينھن ھڪ اردو ڳالھائيندڙ صوبائي وزير نيو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس گھرائي. مان ھڪ وڏي اردو اخبار ۾ رپورٽنگ ڪندو ھوس. ان وزير سان مختلف موقعن تي سلام دعا ٿيندي ھئي. مون سميت ڪافي رپورٽرز کي ذاتي طور سڃاڻيندو ھو. پريس ڪانفرنس ختم ٿي سڀ صحافي ۽ ڪيمرامين وڃڻ لڳا ته ان صوبائي وزير ھٿ جي اشاري سان مونکي چيو ته تون بيهه مان بيھي رھيس، سڀ ھليا ويا. سندس پي ايس به آفيس مان نڪري ويو. ھن مونکي پاڻ ڏانھن سڏي آھستي چيو، توھان کي خبر آھي، سنڌ سان ڪھڙو حشر ٿيڻ وارو آھي؟ ڏاڍو خطرناڪ ڪم ٿي رھيو آھي. ھن مھل منھنجي ھڪ ٻي ميٽنگ آھي سڀاڻي صبح جو سوير مون وٽ ضرور اچجانءِ. ٻئي ڏينھن صبح جي ڏھين وڳي سندس آفيس پھتس. پي ايس چيو، صاحب توھان کي ياد پيو ڪري. مان منسٽر صاحب جي آفيس جو دروازو ناڪ ڪري اندر ھليو ويس. منسٽر صاحب پي ايس کي چيو جيستائين مان نه چوان تيستائيڻ ڪنھن کي اندر نه موڪلجان، پي ايس ھليو ويو. ھن ھڪ اسپائرل بائنڊنگ ٿيل پنن جو ٿھو ڏنو، چيائين مان توتي اعتماد ڪري ھي ڪاغذ ڏئي رھيو آھيان. ھنن کي غور سان پڙھجان، ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه اچئي ته فون تي نه، ھتي اچي پڇجانءِ. ٿلھي ليکي توکي ٻڌايان ٿو ته مرڪزي حڪومت خاص ڪري سنڌ ۾ اھڙو سسٽم آڻي رھي آھي جنھن سان نالي ۾ ته ڪراچي سنڌ جو حصو ھوندي پر عملي طور سنڌ حڪومت کان الڳ يونٽ ھوندو. ھن کي غور سان پڙھي، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪريو، پريس ۾ پريشر پيدا ڪريو ۽ جيڪي تنھنجا ٻيا رپورٽر دوستن آھن انھن سان به شيئر ڪجانءِ پر منھنجو نالو نه اچي. ان سلسلي ۾ ٻيا جيڪي ڊاڪيومينٽ مليا توکي ڏيندو ويندس. ھاڻي ھي ڪاغذ کڻي ٻئي دروازي کان نڪري وڃ. چانھن ٻئي دفعي پيئنداسين. اھو سڄو وقت منسٽر صاحب ڳالھائيندو رھيو. سنڌي سمجھندو ھو پر ڳالھائي نه سگھندو ھو. مان سندس منھن ۾ تڪيندو رھيس. ڪاغذ کڻي مان تڪڙو تڪڙو سيڪريٽريٽ مان نڪري پريس ڪلب جي ڪنڊ ۾ انھن کي پڙھڻ شروع ڪيو. اھي ڪاغذ اصل ۾ پرويز مشرف جي ويجھي ساٿي ۽ نيشنل ريڪنسٽرڪشن بيورو جي ھيڊ جنرل تنوير حسين نقوي جي اختيارن جي ھيٺئين سطح ڏانھن منتقلي ۽ خاص ڪري سنڌ جي باري ۾ پلاننگ ھئي ته مستقبل ۾ ڪراچي جي باري ۾ پريزنٽيشن ھئي. انھن ڏينھن ۾ ڪي ايم سي سميت مڪاني ادارا منھنجي بيٽ ھئي. دستاويز پڙھندو ويس، منھنجي دماغ مان ٺڪاءَ نڪري ويا. ڪراچي ۾ ٻارنھن ٽائون ھوندا. انھن جي جوڙ جڪ اھڙي ٿيل ھئي جو ڪو به سنڌي ماڻھو اڳتي اچي نه سگھي. نئين حد بندي، ان ۾ به يوسيز کي ٽوڙي ڌار ڌار ڪيو ويو ھو. آبادي کي اھڙي طريقي سان رکيو ويو جو ايم ڪيو ايم کانسواءِ ڪير نه اچي سگھي. ٻئي ڏينھن مون پنھنجي اخبار ۾ خبر ڏني. سٽي جي ليڊ لڳي. سڀ سنڌي رپورٽر اھي ڀلي سنڌي اخبارن ۾ ڪم ڪندا ھجن يا اردو انگريزي ۾. انھن پنھنجي محنتن سان ڊاڪيومينٽ ھٿ ڪيا. ھر طرف ھوڪرا ٿي ويا. سنڌي رپورٽر باقي سڀ ڪم ڇڏي ان ڪم کي لڳي ويا. بعد ۾ سياسي پارٽيون به اڳيان آيون. پوءِ اھو منسٽر رڳو مونکي نه پر ٻين سنڌي رپورٽرن کي به خاموشي سان نئين نظام بابت خبرون ڏيندو رھيو. جنرل نقوي ان سلسلي ۾ جڏھن ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالھائڻ آيو ته سنڌي رپورٽرن سوالن ۾ سندس نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو. ھن صحافين سان بدتميزي ڪرڻ شروع ڪئي. جو وٽس دليل ڪون ھوندا ھئا. بدتميزي ڪري جان ڇڏائيندو ھو. سڀ کان وڌيڪ ڪاوش ۽ ٻين سنڌي اخبارن پاڻ ملھايو. انھن ئي ڏينھن ۾ ڪيترن سنڌي صحافين کي باٿ آئيلنڊ مان وڏي سرڪار جو سڏ به آيو ته ھي ڪھڙي باھ ٻاري اٿو. مونکي منھنجي اخبار پاران ٻڌايو ويو ته توھان کي به گھرايو ويو آھي. اسان وٽ جيئن ته پڪا ثبوت ھئا. ڪو خوف نه ھو. ٻئي ڏينھن صبح جو باٿ آئيلينڊ ان جاءِ تي پھتس. اندر گھرايو ويو. پھريون ھڪ ڪمري ۾ ويھاري ڪجهه ماڻھن پڇا ڪئي ته نئين سسٽم جي خلاف ڇو باھ ٻاري ڏني اٿو؟ مون چيو جيڪي خبرون آھن اھو ڏيون ٿا. چيو ويو ته توھان کي وڏي صاحب کي بريفنگ ڏيڻي پوندي. مون چيو مسئلو ئي ناھي. ٿوري دير کانپوءِ وڏي صاحب گھرايو. فضيلت واري لھجي ۾ چيائين ته اخبارن ۾ ته وڏيون خبرون ٿا ڏيو، اسان کي به ڪجھ سمجھايو ته مسئلو اصل آھي ڇا؟ مون چيو، ان لاءِ مونکي ڪراچي جو نقشو گھرجي. پاسي واري ڀت ڏانھن اشارو ڪيائين ھي ھيڏو وڏو نقشو لڳو پيو آھي. پاسي واري ڀت تي وڏو نقشو لڳل ھو. مان کيس بريفنگ ڏيڻ لاءِ اٿي بيٺس. نقشي کي غور سان ڏسندو رھيس، مونکي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي. وڏي صاحب کي چيو، آئي ايم سوري جنرل صاحب، ھن نقشي ۾ گلستان جوھر، سچل، گلشن حديد تلاش ڪرڻ ۾ مدد ڪندئو. ھو اٿي بيٺو، پڇيائين ڇو نه آھن ڇا؟ مون چيو نه ھن به گھڻو ڳوليو کيس نظر نه آيا. چيائين مسئلو ڇا آھي؟ مون چيو سر جي، ھي نقشو تمام پراڻو آھي، انھن علائقن جي آباد ٿيڻ کان اڳ جو آھي انڪري ان ۾ اھي علائقا نه آھن. ھن نئين نقشي آڻڻ لاءِ چيو، کيس ٻڌايو ويو ته ھن وقت موجود نه آھي. مونکي چيائين سوري قاضي صاحب، نئون نقشو گھرايون ته توھان کي گھرائينداسين. مون چيو، ته ايترن پراڻن نقشن تي پاليسيون ٺھنديون ته ناڪام ئي ٿينديون. ان دور ۾ پريس جي ھاڪاري ڪردار سبب وفاق کي ڪيترين ڳالھين تي پوئتي ھٽڻو پيو، ڪراچي ۾ 12 بجاءِ 18 ٽائون ٺھيا، ٻيون به تمام گھڻيون ڳالھيون آھن. پر وري ڪنھن ٻي نشست ۾ ڪبيون. موٽي ٿا اچون ان منسٽر ڏانھن، جنھن پنھنجي منسٽري جي پرواھ نه ڪري غير سنڌي ٿي ڪري(کيس غير سنڌي لکڻ تي دل نه ٿي چوي، ھو ڌرتي جو اصل پٽ ھو) پريس ۾ ڪراچي جي معاملي ۾ سنڌ جي ايڏي مدد ڪئي. سندس نالو جنرل (ر) احسان ھو ان وقت صحت جو صوبائي وزير ھو، اصل حيدرآباد جو ھو. بعد ۾ ڪجهه پاليسين تي پرويز مشرف سان اختلاف ٿيس. ھن استعفي ڏني. ته ان وقت گورنر محمد ميان سومري جي سيڪريٽري جنرل احسان جي سرڪاري گھر مان سامان ٻاھر اڇلارايو، ھو بنگلي جي گيٽ تي ڪرسي تي ويٺو رھيو ۽ سندس سامان گھر کان ٻاھر ڪڍيو پئي ويو، ان وقت به ڊان گروپ ۾ ڪم ڪندڙ صحافي رشيد چنا ساڻس گڏ ھو، ھو ئي احسان صاحب لاءِ کاڌو وٺي آيو ھو. ان ئي مھل سندس فون تي ڪال آئي ،ھو سخت پريشان ھو، پاڻ ڪال اٽينڊ ڪرڻ بجاءِ رشيد چنا کي فون ڏني، ٻئي پاسي کان شھيد محترمه بينظير ڀٽو ڳالھائي رھي ھئي. ھن ان ڏکي ويل احسان صاحب سان دلجوئي ڪئي. احسان صاحب پنھنجي ان ڪردار سبب ھميشه ياد رھندو. جنرل (ر) احسان صاحب ڪجهه عرصو اڳ انتقال ڪري ويو. پر سندس پنھنجي وطن سان سچائي جي اڄ ضروري سمجهھيو ته عوام کي ٻڌائي وڃي، جڏھن سراج قاسم تيلي، جھڙا (ڀاڙيتو ۽ موقع پرست )ماڻھون اڳتي اچي سنڌ جي مفاد جي خلاف ڳالهه ڪري رھيا آھن. واري واري سان مختلف طرفن کان مختلف طريقن سان پرويزمشرف جي دور واريون ڳالھيون ٿي رھيو آھن. جو عمران خان جي ٽيم به پرويز مشرف واري آھي. حيران آھيان ته وري محمد يونس ڍاڳا، شمس الدين شيخ سميت ڪيترا ٽيڪنوڪريٽ ٻاھر نڪتا آھن انھن کي اھو فڪر آھي ته ڪراچي تي حڪمراني ٻاھر جا ماڻھو ڇو ڪري رھيا آھن. مختلف طريقن سان سنڌ جي حق حڪمراني تي وار ٿي رھيا آھن. سنڌ جي سياسي قيادت کي جمھوري طريقي سان ڳالهه رکڻي آھي.
( شايع جي ٿورن سان )

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے