ابراھيم ڪنڀر
قانون واري وزير فروغ نسيم جي سربراھي ۾ ڪميٽي بنگالين جون ڇڏيل ملڪيتون پاڪستان ۾ رھندڙ بنگالين، بھارين يا ٻين ڌارين کي ڏيارڻ جي بظاھر سرگرم آھي پر سندن اصل ٽارگيٽ ٻيو آھي جڏھن بنگالين جي ڇڏيل ملڪيتن جي ڳالھ ٿيندي تہ بنگال مان بنگلاديشن ٺھڻ جو بہ ذڪر بہ ضرور ٿيندو، پوءِ انھن جي ذميوارن جو بہ ذڪر ٿيندو جن تي سرڪاري طور پابندي آھي.16 ڊسمبر 1971ع بنگال صوبي جو بنگلاديش ملڪ ٿيڻ جي تاريخ آھي، پاڪستان مان ڪنھن جي ڪوتاھي ٿي، ملڪ کي ٻہ اڌ ڪرڻ ۾ ڪنھن جو ڪردار ھو، انھي جي ذميوارن کي سزا ڏيڻ جي سفارشن تي ٻڌل حمود الرحمان رپورٽ کي پڌرو ڪرڻ ئي ملڪ جي وسيع تر قومي مفاد جي خلاف سمجھيو ويو، بلڪہ اڄ بہ رياست سرڪاري سطح تي ملڪ کي ٻہ اڌ ڪرڻ جي ذميوار انھن ذميوارن تي وجھڻ جي لاءِ تيار ناھي جيڪي انھي وقت اقتدار جي مسندن تي براجمان ھئا، انھن تي ٻہ اکر ڳالھائڻ رڳو عيب ڀريو نٿو سمجھيو وڃي پر انھي سچ تي لکڻ تي غداري جو سرٽفڪيٽ ايندي دير نٿو ٿئي، ڪبوتر جي اکين پورڻ سان ٻلي ڀڄي نہ ويندي آھي، بنگال مان بنگلاديش جي سفر جو پس منظر رڳو انھن اقتدار پرستن جي اقتدار ۽ اختيار جي حوس ھئي جن سمجھيو تہ جيڪڏھن اڪثريت کي تسليم ڪيو ويو تہ پوءِ جمھوريت، ادارن ۽ اڳيان ھلي ھڪ آئين کي تسليم ڪرڻو پوندو انھي کانپوءِ غير سياسي ڌرين جي لاءِ سياست معيوب ٿي سگھي ٿي انھي خوف جي ڪري انھن ڌرين ملڪ ٽوڙڻ سھايو پر اقتدار جي لذت مان ٻاھر نڪرڻ پسند نہ ڪيو.
وزيراعظم جي ھدايت تي ايم ڪيو ايم جي سيينتر ۽ قانون واري وزير فروغ نسيم جي سربراھي ۾ ھڪ ڪميٽي ٺاھي وئي آھي انھي ڪميٽي ۾ ايم ڪيو ايم جا ٽي ميمبر آھن، ٻہ تحريڪ انصاف جا ميمبر انھي سان گڏ ھڪ ميمبر ميان محمد سومرو بہ آھي، يعني حقيقت ۾ ھن ڪميٽي ۾ سنڌ صوبي، انھي جي سڃاڻپ، انھي جي خودمختياري، سنڌ جي ملڪيت، سنڌ جي زمينن، سنڌي عوام جي حقن جي نمائندگي ڪندڙ واحد سنڌي محمد ميان سومرو آھي، جنھن مان ڪنھن قسم جي ڪا اميد انھي جي ڪري نہ ھئي جو محمد ميان سومرو کي سنڌ جو حقيقي نمائندو سڏائڻ ۾ ڪڏھن فخر نہ رھيو آھي، سنڌ جي گورنري کان وٺي نگران وزيراعظم تائين ھن جي ليکي ۾ سنڌ جو اھڙو مامرو ناھي جيڪو ھن نبيرو ھجي، محمد ميان ماڻھو زبردست اعلي شان، فضليت ڀريو ٿي سگھي ٿو پر سنڌ جونمائندو، سنڌ جي ڪيس کي سمجھي سگھندڙ سياست ناھي، ايستائين جومحمد ميان سومرو تہ ڊاڪٽر حفيظ شيخ جھڙو ٽيڪنوڪريٽ بہ ناھي، ھو ھڪ اھڙو حسب حال جو ماڻھو آھي جنھن کي جتي وڻي اتي ايڊجسٽ ڪريو، فٽ ڪريو، لڳايو، بيھاريو، ويھاريو اٿاريو، تحريڪ انصاف ۾ شموليت کان وٺي نجڪاري واري وزارت ملڻ تائين ھن ڪيترن معاملن تي سنڌ جو آواز اٿاريو؟ ٻيون سڀ ڳالھيون ڇڏيون ٿا سنڌ جي ٻيٽن وارو ھيڏو ڪيس ھو، تحريڪ انصاف جي محمد ميان سومرو کان وٺي جي ڊي اي جي ٽن ميمبرن ڪھڙو ڪيس پيش ڪيو؟محمد ميان سومري بنگالين جي ملڪيت جي حوالي سان ڪميٽي ۾ جيڪو ڪيس رکيو ۽ فروغ نسيم اھو ڪيس جنھن انداز ۾ پيش ڪيو آھي انھي جي موٽ ۾ محمد ميان سومري جي خلاف جيڪو رد عمل آيو آھي اھو ڪافي ناھي،ڇاڪاڻ جو ھن ايم ڪيو ايم جي حمايت ۾ ھڪ اھڙي عمل جي حمايت ڪئي آھي جيڪو عمل سنڌ دشمن رھيو آھي انھي عمل جي حمايتن کي اڄ بہ سنڌ جو غدار ڪري ليکيو وڃي انھي جا تفصيل بہ اڳيان ھلي لکون ٿا پر پھرين قومي اسيمبلي جي گذريل اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي انھي ڌيان ڇڪايو نوٽس جي ڳالھ ڪريون ٿا جيڪو ايم ڪيو ايم پيش ڪيو ھو.
مزي جي ڳالھ اھا آھي تہ جيڪا ڪميٽي فروغ نسيم جي سربراھي ۾ ڪم ڪري رھي آھي انھي ڪميٽي جي ٻن ميمبرن جا نالا ڪشور زھرا ۽ اساما قادري بہ اھو ساڳيو ڌيان ڇڪايو نوٽس جمع ڪرايو ھو، انھي ۾ رڳو بنگالين جي ملڪيت جو ذڪر نہ ڪيو ويو پر ڳالھ وڃي لياقت نھرو معاھدي تائين پھتي جنھن ۾ ايم ڪيو ايم زور ڏئي مطالبو ڪيو تہ انھي ٺاھ تي عمل ئي نہ ٿيو آھي، ھاڻ ورھاڱي، انھي کان پوءِ ڀارت مان مسلمان ڀائرن جي آمد، انھن جي آجيان، انھن جي مھمان نوازي انھن جي سياست، حڪمراني کان ويندي ھاڻوڪي روش تائين جيڪڏھن لکجي تہ ڪافي ڪجھ لکي سگھجي ٿو پر اھو نسور ڪوڙ ڪير قبولڻ جي لاءِ تيار ناھي تہ لياقت نھرو جي معاھدي تي عمل ناھي ٿيو،انھي معاھدي جي حوالي سان بہ اھو بحث ھلي رھيو آھي تہ انھي ۾ ڇڏيل ملڪيتين انھي جي مالڪي يا انھي جي حوالگي جو ذڪر ناھي پوءِ ڀارت مان آيل مسلمان ڀائرن تي جيڪا ڪرم نوازي ٿي آھي اھا ڪھڙي کاتي ۾ ٿي آھي؟ انھي معاھدي ۾ جيڪو ڪجھ لکيل آھي انھي تي عمل ٿيو آھي، معاھدي جي پنجين نمبر شڪ جنھن ۾ لکيل آھي تہ جنھن ملڪ ۾ اقليتون رھنديون انھي سان وفادار رھنديون پر ايم ڪيو ايم انھي شڪ کي غلط سمجھيو آھي اڄ بہ ھو سنڌ جا نہ ٿيا آھن، اڄ بہ سندن مطالبو سنڌ ٽوڙڻ جو آھي، شڪ آھي تہ ٻہ ڏينھن اڳ خالد مقبول صديقي جي پريس ڪانفرنس ڏسي وٺو،جيڪو چوي ٿو تہ اسان پنھنجي حصي جي سنڌ ڀارت مان کڻي آيا ھئاسين انھي تي ٻڌل صوبو ٺاھي ڏنو وڃي ۽ اسان جا ميان محمد سومرا يا سندس جوڙيوال انھي ايم ڪيو ايم سان گڏ بيٺل آھن. انھي ڌيان ڇڪايو نوٽس ۾ وڏيون وڏيون ڳالھيون ڪيون ويون بنگالين جي ملڪيت تہ رھي ھڪ پاسي ٿرپارڪر، سيوھڻ، ميرپورخاص ڇاڇري سميت سموري سنڌ جي ملڪيت جا انگ اکر عمران خان جي حڪومت تيار ڪريو ويٺي آھي، عمران خان حڪومت جو موقف آھي تہ پھرين انھي ملڪيت کي گڏ ڪري انھي تي وفاق جو قبضو ڄمايون انھي کانپوءِ انھي کي اڪلائڻ جو فيصلو ٿيندو، ايم ڪيو ايم سنڌ ۾ ھندن جي ڇڏيل ملڪيتن کي ھڪ ڪاغذ تي لکرائي وٺڻ جي لاءِ آتي آھي، جڏھن تہ سندس ساٿي ۽ الطاف حسين جو وڏو وڪيل فروغ نسيم کيس سمجھائي رھيو آھي تہ اٻھرائپ جي ضرورت ناھي آھستي آھستي کائڻ جو مزو پنھنجو آھي، حڪومت جي اک بہ سنڌ جي ملڪيت ۽ اثاثن تي ائين آھي جئين ٻيٽن تي اک رکي شھر اڏڻ جو پلان ٺاھي رھي ھئي؟ انھي ۾ محمد ميان سومرو ۽ سندس پارٽي اڳيان اڳيان آھي.
بنگالين جي ملڪيتن تي سنڌ جي حق جي مڃڻ کان انڪاري محمد ميان سومري ڪميٽي ۾ ڪھڙو موقف رکيو، فروغ نسيم انھي جي موقف کي پريس رليز ۾ ڪئين پيش ڪيو؟ انھي تي شڪ ڏيکاري سگھجي ٿو پر ٻن ڏينھن تائين محمد ميان سومري انھي تي پنھنجو ڪو رد عمل ناھي ڏنو انھي مان لڳي رھيو آھي تہ ھن پنھنجي سمجھ آھر اھا ئي ڳالھ ڪئي ھوندي، ڳالھ وڏي عقل واري آھي جنھن ۾ اھو موقف اٿس تہ جئين تہ بنگالين جي پاڪستان ڇڏڻ وقت ملڪ ۾ ون يونٽ لاڳو ھو انھي جي ڪري انھي تي سنڌ جو ملڪيت ناھي. ون يونٽ زھر قاتل آھي انھي جو مثال فروغ نسيم يا سندس پارٽي تہ ڏئي سگھي ٿي جن پنھنجي ابن ڏاڏن کي پناھ ڏيندڙ ڌرتي کي پنھنجو نہ ڪيو آھي پر محمد ميان سومرو ون يونٽ جو مثال ڪئين ٿو ڏي؟ فني اعتبار کان محمد ميان سومري جي ڳالھ نسورو ڪوڙ آھي پر انھي ڳالھ کي ائين جو ائين بيان ڪرڻ فروغ نسيم جي پاڪستاني تاريخ بابت سندس اڻڄاڻائي کي بہ ظاھر ڪري ٿي انھي سان اسان کي سندس قانون ۾ پي ايڇ ڊي تي بہ شڪ پئجي ويو آھي،
ون يونٽ جو مثال ڏئي سنڌ جي ملڪيت ڌارين حوالي ڪرڻ جو جواز پيش ڪرڻ ائين آھي جئين اھو چئجي تہ جئين تہ جنرل ضياالحق جي دور ۾ سنڌ تي بم گولا وسايا ويا ھئا انھي جي ڪري ڪا بہ غير آئيني حڪومت اھو ڪم ڪري سگھي ٿي، سنڌ جي تاريخي سڃاڻپ، تھذيب، ٻولي، تمدن، صوبائي اختيارن، صوبائي حڪومت ۽ صوبي جي عوام جي حقن کي کسڻ واري عمل جو ڪير بہ حوالو ڏئي وري ٻي ڪنھن غير آئيني عمل جي حمايت ڪري تہ سنڌ جي نظر ۾ اھو ٻن قسمن جي ڏوھن جو مرتڪب ٿيو، پھريون ڏوھ جيڪو ھڪ وردي پوش آمر جنرل 51 سال ون يونٽ جي نالي ۾ ڪيو، ٻيو ڏوھ اھو جيڪو ايم ڪيو ايم، فروغ نسيم، سگھارين قوتن ۽ عمران خان جي ملي ڀڳت سان ٿيڻ وڃي رھيو آھي،ايم ڪيو ايم سنڌ جي خلاف خطرناڪ سازش تيار ڪئي آھي، اسان خوش آھيون تہ الطاف حسين مان جند ڇٽي وئي، ڪراچي ۾ سنڌي اچي ويا آھن، ايم ڪيو ايم جي ھڪ ھٽي ختم ٿي وئي بيشڪ ڪجھ چڱايون ٿيون آھن پر لياقت علي خان کان وٺي الطاف حسين تائين جيڪي سازشون ٿيون انھي تي عمل جاري آھي، انھي ساز باز ۾ اسان جا ماڻھو حصو پتي وجھي رھيا آھن، ھاڻ محمد ميان سومري تہ اھو ڪجھ ڪيو پر سنڌ جنھن پارٽي کي مينڊيٽ ڏنوآ ھي انھي سنڌ جي ملڪيت بچائڻ جي لاءِ ڇا ڪيو آھي؟ ڪنھن سينيئر دوست چواڻي تہ جيڪڏھن پيپلز پارٽي جي ليڊر شپ جي ملڪيتن تي نيب جو نوٽس جاري ٿئي ھا يا ملڪيت ضبط ٿئي ھا تہ وڏو رد عمل اچي ھا پر سنڌ جي حقن جي رکوالي تي ويھاريل پيپلز پارٽي ترڪ ٿيل ملڪيتن تي رڳو ڪميٽي قائم ڪري پنھنجي مٿان بار لاھي ڇڏيو آھي اھو ڪافي ناھي، رڳو ھڪ بيان يا ھڪ کان وڌيڪ بيان بہ ڪافي ناھي ڇاڪاڻ جو سنڌ جي نمائندہ حڪومت جي والي وارث پيپلز پارٽي آھي انھي کي انھي معاملي تي چپ جو روزو رکڻ بدران سمورين پارٽين کان اڳ ۾ انھن جي اڳواڻي ڪرڻ گهرجي، سياسي مصلحتون، سوديبازي، ڳجھا ٺاھ سنڌ جي حقن يا ملڪيتن تي نہ ٿيڻ گھرجن، اھو ناقابل برداشت آھي.ھن سموري معاملي جو ٻيو سياسي پاسو بہ آھي، جئين تہ عمران خان جي حڪومت ۾ ايم ڪيو ايم وڏي اتحادي آھي انھي جي ڪري فروغ نسيم جيڪي بہ فرمائشون کڻي عمران خان تائين پھچي ٿو اھي فرمائشون پوريون ٿين ٿيون يا وري انھي کي سنجيدگي سان ورتو وڃي ٿو، ايم ڪيو ايم ڪراچي حيدرآباد تي ساڳيو دھشت جو راڄ، الطاف حسين جي واپسي يا پنھنجي آفيسن جي کولائڻ جا جتن پئي ڪري،عمران پنھنجي حڪومت بچائڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم کي ڪو بہ رليف ڏيڻ جي لاءِ تيار آھي، ماڻھو نہ ڌرتي کپي، عمران خان يا سندس مالڪ سنڌ کي انھي اک سان ڏسي رھيا آھن ۽ عمران خان سان گوڏو گوڏي ۾ ملائي حڪومت ۾ ويٺل ڪجھ ڪرڻ بدران انھي تماشي کي ڏسي رھيا آھن.