جاويد مهر

سنڌ جي علمي ادبي شعور کي سلام

اوهانجو موقف جاويد مهر ليکڪ

جاويدمهر

پاڻ اخبارن ۾ اڪثر مختلف مسئلن جي حل لاءِ مظاهرن ۽ ڌرڻن جون خبرون پڙھندا رهندا آھيون، احتجاج جو مقصد لاڳاپيل اختيارين جو ڌيان ڇڪائڻ هوندو آھي، اها ٻي ڳالهه آھي ته انهن جو ڪو کڙتيل نٿو نڪري، ڇاڪاڻ ته اسان جي نظام ۾ ايتري خرابي پيدا ٿي چڪي آھي جو مسئلن جي حل جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابرآهي. ماضيءَ جو ڪو دور هو جو اخبارن ۾ خبر شايع ٿيندي ئي ڪامورا شاهي ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويندو هو، پر هاڻي نه اها صحافت رهي آھي، نه ڪميٽيڊ صحافي رهيا آھن ۽ نه وري جدوجهد توڙ تائين نڀائڻ وارا سياسي ڪارڪن نظر اچن ٿا. هر هنڌ ٻه نمبر موجود آھن، شايد اهو ئي سبب آھي، جنهن اسان جي معاشري کي مسئلن جي ڄار ۾ ڦاسائي وڌو آھي، جيڪو في الحال ٽٽندي نظر نٿو اچي. باقي ڪوشش ضرور پئي ٿئي، ڇاڪاڻ ته ان ڪوشش ڪندڙن جو انگ گهٽ آھي، سو نتيجا سامهون اچڻ ۾ دير پئي ٿئي پر جڏھن شعور اٿل کائندو آھي ته انقلاب ايندو آھي.

منهنجي نظر ۾ ان انقلاب جي شروعات ٿي چڪي آھي، جيئن مون مٿي عرض ڪيو ته مسئلن جي حل لاءِ مظاهرا ٿيندا رهن ٿا، پر هاڻي اخبارن جو مطالعو ڪندي پبلڪ لائبريرين لاءِ احتجاج جون خبرون به پڙھڻ وٽان ملن ٿيون، جيڪي شايد ٻين جي لاءِ اهميت نه رکنديون هجن پر جيڪي ڪتاب دوست آھن ۽ مطالعي کي وڌيڪ وقت ڏين ٿا، انهن لاءِ اها خوشگوار تبديلي آھي، جيڪو اهڙي گُهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ ڪنهن انقلاب کان گهٽ ناهي، جنهن ۾ پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا ڪارو ڪاريءَ، ٻارڙن سان زيادتين، عورتن سان لڄالٽ، ڀنگ لاءِ اغوا، ڌاڙن، ڦرن ۽ قتل وارين خبرن سان ڀري پئي آهي.

هن مهل جڏھن هي هفتيوار ڪالم لکان پيو ته منهنجي سامهون موجود عوامي آواز جي صفحي نمبر 6 تي “فريد آباد کي لائبريري ڏيو” جي سرخي ڏنل ٻه ڪالمي خبر نظر اچي پئي، جڏھن ته بک هڙتال ڪندڙن جي تصوير به موجود هئي، خبر پڙھڻ سان اها ڄاڻ ملي ته شاگردن پاران لائبريري لاءِ اهو احتجاج گذريل 15 ڏينهن کان ڪيو پيو وڃي، ائين ئي ڪجهه ٻين اخبارن ۾ وري خانپور مهر، سيتا ۽ گاجي کهاوڙ ۾ پبلڪ لائبريريون قائم ڪرڻ جي حق ۾ مظاهرن جون خبرون نظر آيون، علم ۽ ادب دوستن جي اڳواڻيءَ ۾ ڪيل ان احتجاج جا مطالبا سياسي پارٽين وانگر ڊگها ناهن، ون پوائنٽ ايجنڊا موجب اهي رڳو سرڪار کي اها نماڻي اپيل ڪري رهيا هئا ته ٻيلي ٻيا مسئلا حل نٿا ڪيو ته ڀلا کين لائبريريون ته ڏيو.

اهو به ڪو دور هوندو هو جو هر شهر ۾ لائبريريون هونديون هيون، ڪراچي ۽ حيدر آباد ۾ ته پاڙي جي سطح تي قائم لائبريرين ۾ ماڻھن جا انبوهه هوندا هئا، جيڪي رڳو امتحان جي تياري نه پر اخبارن ۽ ڪتابن جي مطالعي ۾ مصروف نظر ايندا هئا، انهن لائبريرين ۾ سرڪار سان گڏ خانگي سطح تي قائم ڪيل لائبريرين جو انگ وڌيڪ هوندو هو، جيڪي ڪنهن علمي شخصيت يا سماجي ذهن رکندڙن طرفان پنهنجي مدد پاڻ هيٺ ٺاهيون ويون هيون,بدقسمتيءَ سان هاڻي اهڙن اَمُلهه ماڻھن جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي، لائبريرين بابت سهيڙيل ڪتاب ڪراچي ڪي ڪتبخاني پاران ڏنل تفصيل موجب هن وقت به ڪراچي شهر ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ پبلڪ لائبريريون موجود آھن، جتي مطالعي جا اڃارا پنهنجي اُڃ اجهائين ٿا، پر افسوس ته اهڙن ادارن جي سرڪار طرفان ڪابه مدد نه ٿي ڪئي وڃي.

عام طور اها ڳالهه ڪئي ويندي آھي ته پبلڪ لائبريرين ۾ ماڻھو گهٽ اچن ٿا، پر لاڙڪاڻي جي شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري ۽ ڪراچي جي لياقت نيشنل لائبريري ۾ مطالعو ڪندڙ نوجوانن جو انگ هزارن ۾ هجڻ، اهو ظاهر ڪري ٿو ته اهڙو تاثر غلط آھي. ٻي ڳالهه اها ته لائبريري اهو شعبو آھي، جنهن ۾ چونڊ ماڻھو هوندا آھن. مثال طور جيڪڏھن ڪنهن جاءِ تي هڪ سئو ماڻھو موجود آھن ته انهن مان مطالعي جا شوقين 5 سيڪڙو مس هوندا ۽ جيڪڏھن ڄاڻ حاصل ڪبي ته پنج سيڪڙو مان هڪ يا ٻه سيڪڙو لائبريرين ۾ پڙھڻ ويندا هوندا، انهي ڪري لائبريرين ۾ جيڪي به ملندا، اهي انتهائي چونڊ ماڻھو هوندا، جن جي زندگي جو انداز به مختلف نظر ايندو. مطلب ته سندن اٿڻي، ويهڻي مان ڄاڻ پوندي ته اُهي خوبصورت خيالن وارا ۽ ڪتابن سان محبت ڪندڙ آهن. ڪنهن ڏاهي چواڻي ته جڏھن به ڪنهن ڳالهه جو شڪ اڀري ته لائبريريءَ وڃو.

اهو ٻڌي توهان کي فخر محسوس ٿيندو ۽ اها سنڌ لاءِ خوشي جي ڳالهه آھي ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ مطالعو سنڌ ۾ ڪيو وڃي ٿو. لاهور جي جڳ مشھور جمهوري پبليڪيشن جي روح روان ۽ ناليواري ليکڪ فرخ سهيل گوئندي جي ڪجهه وقت اڳ ڪيل سروي موجب ڪتابن جو سڀ کان وڌيڪ مطالعو سنڌ ۾، ٻئي نمبر تي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۽ ٽئين نمبر تي ڪي پي ۾ ڪيو وڃي ٿو.پنجاب ۽ بلوچستان انهن کان به بعد ۾ اچن ٿا، جنهن مان خبر پوي ٿي ته شاهه لطيف ۽ سچل جي سنڌ جا ماڻھو ڪتاب شناس آھن. اهو ئي سبب آھي ته هر مهيني ڪيترائي درجن ڪتاب شايع ٿي رهيا آھن، جيتوڻيڪ انهن جون ڪاپيون عام طور تي هڪ هزار هونديون آھن پر پشتو، پنجابي ۽ بلوچي جي ڀيٽ ۾ سنڌي ادب اڳڀرو آھي، جنهن ڪري سنڌي ڪتاب وڌ ۾ وڌ ڇپجن پيا ۽ هاڻي سنڌي اديب توڙي دانشور سنڌي سان گڏوگڏ اردو ۽ انگريزي ڪتاب به لکي رهيا آھن. جنهن جو تازو مثال پروفيسر اعجاز قريشي جي اقتصادي حوالي سان ترتيب ڏنل ڪتاب جو ڏئي سگهجي ٿو، جيڪو هن ڊاڪٽر عشرت حسين ۽ نديم حسين سان گڏجي انگريزي ۾ لکيو،

ان کانسواءِ ڪجهه وقت اڳ سندس ڪتاب “ون يونٽ ۽ سنڌ” جو اردو ترجمو ٿيو، جيڪو نوجوان ليکڪ اسلم کٽياڻ ڪيو، جڏھن ته ساڳيو ئي ڪتاب عبدالمالڪ سومري پاران انگريزي ترجمي سان به مارڪيٽ ۾ اچي چڪو آھي. هتي اهو ٻڌائڻ جو مقصد ڪنهن به طور تي اهو ناهي ته سنڌي ليکڪن اڳ انگريزي ٻوليءَ ۾ ڪتاب ناهن لکيا، پر اها ڳالهه ان آڌار ڪئي ته ان ۾ گهڻو وقفو آيو، جيڪو هاڻي نون ڪتابن اچڻ بعد ختم ٿي ويو آهي. انگريزي ٻوليءَ جي ڪتابن جو ذڪر ڪندي اهو ٻڌائندي خوشي ٿي رهي آھي ته ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ جو لاکيڻي لطيف تي انگريزي ۾ لکيل ڪتاب “بڪئيسٽ آف ڀٽائي” مارڪيٽ ۾ اچي چڪو آھي.

مان ليکڪ، صحافي ۽ هڪ لائبريري جي بانيڪار جي حيثيت ۾ سمجهان ٿو ته پبلڪ لائبريريون قائم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪرڻ شاندار تبديلي آھي، جنهن جي سڀني گهڻگهرن کي آجيان ڪري سندن آواز ۾ آواز ملائڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهو هڪ اهڙو مطالبو آھي، جنهن تي سڀني کي خوش ٿيڻ گهرجي. شعور رکندڙن جو احتجاج ان سروي کي به درست ثابت ڪري ٿو ته سنڌ ۾ ملڪ جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مطالعو ڪيو وڃي ٿو.

ثقافت کاتي کي گهرجي ته فريد آباد، خانپور مهر، گاجي کهاوڙ ۽ سيتا ۾ سرڪاري پبلڪ لائبريريون قائم ڪري، ڇاڪاڻ ته اها هڪ اهڙي دل لُڀائندڙ ۽ اڻ تڪراري گهر آھي، جنهن تي سوچڻ بدران فوري طور تي عمل ڪرڻ جي سخت ضرورت آھي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن کي هڪ صلاح ڏيندس ته اهي سرڪاري لائبريرين لاءِ ڀلي جاکوڙين، پر خانگي لائبريريون قائم ڪرڻ جي به ڪوشش ڪن، جيڪي اهي پنهنجي مدد پاڻ هيٺ هلائين، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي تجربا ڪامياب ثابت ٿيا آھن، جنهن لاءِ ڪراچيءَ ۾ سنڌ پبلڪ لائبريري، مجدد الف ثاني لائبريري، مهراڻ لائبريري، ملير جي ريسرچ لائبريري، سڪرنڊ جي محمد بخش مهر لائبريري ۽ ٻين ڪيترين ئي لائبريرين جا مثال موجود آھن. جڏھن ته عوامي پريس ڪلب ملير ۾ به هڪ پبلڪ لائبريري لاءِ تياري ڪئي پئي وڃي، جيڪا 10 ڏهين محرم الحرام کان پوءِ ڪتابن جي شوقينن لاءِ کولي ويندي. چئني شهرن ۾ احتجاج ڪندڙ علم دوستن کي اها به صلاح ڏجي ٿي ته اهي جيڪڏھن اسڪولن ۾ لائبريريون قائم ڪرڻ چاهين ٿا ته آغا نور محمد پٺاڻ جون خدمتون حاصل ڪري سگهن ٿا، جيڪو “انڊس ڪاٽيجز لائبريريز نيٽ ورڪ“ طرفان سرڪاري اسڪولن ۾ لائبريريون قائم ڪرڻ لاءِ سٺو ڪم ڪري رهيو آھي.

آخر ۾ عرض ته ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آھي ته جڏھن به ڪا رهنمائي حاصل ڪرڻي پوي ته لائبريرين جو رخ ڪيو, هن وقت سنڌ جن مسئلن ۾ ڦاٿل آھي. انهن مان نڪرڻ لاءِ ڏاهن ۽ اڪابرن جي ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ گهرجي، انهيءَ ڪري اچو ته اڳ موجود لائبريريون کي آباد ۽ نين لائبريرين لاءِ احتجاج ڪندڙ سنڌ جي علمي ادبي شعور کي سلام پيش ڪريون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *