Ali Memon

سنڌ جي سجاڳي ۽ نيون للڪارون ؟

اوهانجو موقف علي محمد ميمڻ ليکڪ

علي محمد ميمڻ

تمام گهڻي سرهائي واري ڳالهه آهي ته، سموري قوم ۾ سنڌ جي ورهاڱي ۽ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ واري ويساهه گهاتي ۽ سازش خلاف پيدا ٿيل وڏي عوامي ردعمل ۽ سنڌ اسيمبلي سنڌ جي حڪومت طرفان بروقت ۽ سگهارا اپاء کڻڻ ۽ سخت ردعمل ظاهر ڪرڻ ۽ صوبي جي چونڊيل ايوان ۾ سمورا سنڌ دوست ۽ دشمن پڌرا ڪرڻ واري عمل سان گڏوگڏ وفاقي سرڪار جي سنڌ کي ورهائڻ واري منصوبي خلاف قرارداد پاس ڪرڻ ۽ اسيبلي جي اندر ۽ ٻاهر شهرن ۽ ڳوٺن ۾ وطن جي فرزندن جي يڪجا ٿيڻ واري مهڪ ۽ هٻڪار تمام ڊگهي وقت کانپوءِ جهڙي ريت پوري سنڌ ۽ ملڪ جي سڄاڻ ڌرين ۾ هڪ ئي وقت ۾ ڏسڻ ۾ آئي آهي. يقينن، قوم پنهنجي شعوري ۽ فڪري سجاڳي وارو پهريون مرحلو جنهن ڏاهپ، بردباري ۽ ڪاميابي سان اڪري پار ڪيو آهي. تنهن تي قوم جي سجاڳي ۽ ايڪتا واري سوڀ ماڻڻ تي سمورن سنڌ واسين ۽ سنڌو ماٿريءَ جي سمورين قومن ۾ پڻ عزت ۽ مان مرتبو حاصل ڪيو آهي. انهي تاريخي ڪارنامي تي سنڌ دوست، جمهوريت پسند ، ترقي پسند ۽ قوم پرست سمورين ڌرين ۽ چونڊيل نمائندن کي پنهنجي ايڪتا ۽ بروقت اتحاد جي ڪيل شاندار مظاهري تي لکين مبارڪون ۽ ڪروڙين وڌايون هجن.سنڌ اسيمبليء جي تاريخي اجلاس ۾قومي ۽ عالمي ميڊيا جي موجودگي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پڻ پنهنجو پاڻ ملهايو ۽ پنهنجي قائد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو ۽ هن وقت تائين جي سموري قيادت طرفان کنيل پنهنجي ذميواري پڻ مانائتي طريقي سان نڀائيندي مخالف ڌر جي سمورن ميمبرن کي اپيل ڪئي آهي ته هو سنڌ صوبي سان نمڪ حلالي ڪندي سنڌ ورهائڻ جي سازش جو حصو نه ٿين. سنڌ اسيمبلي جي هن هنگاما خيز اجلاس ۾ وفاقي وزير جي ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ واري عمل کي پاڪستان جي ايڪي خلاف سازش هجڻ جو ٺهراءُ پاس ڪري ورتو . سنڌ اسيمبليءَ ۾ اهو ڏينهن تمام گهڻو اميدن ڀريو رهيو جنهن جي وڏي اڪثريت سان ڪراچي لاءِ جوڙيل وفاقي سرڪار جي ڪاميٽي کي وفاق جي سازش قرار ڏيندي رد ڪيو ويو .

سنڌ اسيمبليءَ ۾ هن تاريخي ۽ اهم موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ڪيل خطاب کي يقينن، تمام گهڻي اهميت حاصل آهي، جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته ، آئون چوان ٿو ته سنڌ، پاڪستان جي ماءُ آهي، ڪراچي کي نقصان ملڪ کي نقصان پهچائڻ برابر آهي، ملڪ جي آئين ۾ صوبائي خودمختياي وارو قانون موجود آهي. جنهن جي خلاف ورزي ڪرڻ ۽ سنڌ جي اختيارن تي حملو ڪرڻ، ملڪ جي آئين ۽ وفاق تي حملو هوندو. وڏي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته، جيڪڏهن سنڌ کي نقصان پهتو ته وفاق به نه بچندو. اهڙيءَ ريت، سنڌ اسيمبليءَ جي ڄاڻايل اجلاس ۾ سنڌ جي وحدت ۽ اتحاد بابت ڪنهن ڌر جو ڪهڙو موقف هو . ڪنهن دودي، سنگهار، هيمو ۽ هوشوءَ واري رستي تي هلڻ جو فيصلو ڪيو ؟ ڪهڙا جوڌا علاوالدين خلجي ۽ نادر شاهه جي لشڪرين ۾شامل هئا ۽ ڪهڙا انهن جا سهولت ڪار ۽ چنيسرن ۾ شامل هئا؟. هن قومي ايوان ۾ ڪنهن ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو اهو پڻ پڌري پٽ سنڌ اسيمبلي جي ايوان جي ڪارروائي ۾ هميشه لاءِ محفوظ ٿي ويوآهي.

يقينن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي سنڌ جي فرض شناس سپوت هئڻ جو جيڪو عملي مظاهرو ڪيو آهي، تنهن عمل سنڌ جي عوام جي روحن کي يقينن راحت ڏني آهي ۽ پاڻ، پنهنجي محترم والد، سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سائين عبدالله شاهه جون ڪجهه سڪون ضرور لاٿيون آهن. ان کان علاوه پاڻ ، جهڙي ريت، سنڌ کي پاڪستان جي ماءُ ۽ ملڪ جي خالق جي حيثيت ۾ ورجايو آهي. تنهن ۾ سنڌ جو پنهنجي ملڪ ۽ سنڌو ماٿري سان هڪ قدرتي لاڳاپي جو ذڪر ڪيو آهي. جيڪو قيامت تائين قائم رهڻو آهي. پر اها پڻ حقيقت آهي ته قومن جي جدوجهد ۽ بقاءَ جي جاکوڙ هميشه ۽ نسل در نسل جاري رهڻ وارو فرض آهي. تنهن هوندي به ان ڏس ۾ هر هڪ کي ڇا ڪرڻو آهي، ۽ ڪنهن ڌر جو ڪهڙو فرض آهي تنهن جي رٿابندي ۽ جوابداري هر ڪنهن فرد ۽ اجتماعي طور تي پاڻ کڻڻي پوندي.

اها پڻ حقيقت ئي آهي ته، ملڪ جو 1973ع وارو آئين ذوالفقار علي ڀٽو ڏنو، جنهن ۾شامل ٿيل صوبائي خودمختياري واري آئيني شق 18هين ترميم تائين پهچڻ جي هن سفر ۾ آئين جي باني جي حڪومت جو خاتمو ٿيو ۽ ان بعد سندس شهادت جي المناڪ سانحي بعد ملڪ اڄ ڏينهن تائين پنهنجي پيرن تي نه بيهي سگهيو آهي. ملڪ پنهنجي اصل حيثيت ۾ بحال ٿيڻ بعد جمهوريت جي سرشتي تائين پهچڻ ۾ ڪيترين ئي مارشلائن کي ڀوڳي ڪجهه وقت ساهه ئي مس کڻي سگهيو آهي ته ، هاڻي نئين دور ۾ نئين للڪارن ۽ پنهنجي جياپي ۽ بقاءَ جي جنگ کي منهن ڏيئي رهيو آهي. ملڪ ۾ ڪشمير کان ڪراچي ، تائين هن وقت ناپاڪ نظرن ۽ نفرتن جي باهه ٻري رهي آهي ، جنهن سان پورو سنڌو ماٿريءَ وارو جسم جلي رهيو آهي. ملڪ جي اسيمبلين ۽ عوام ۾ ڳڻتي پکڙيل آهي.هڪ پاسي والاريل ڪشمير ۾ڀارتي جنتا پارٽي جي عوام دشمن ۽ جمهوريت ۽ انسان دشمن قبضاگيرن ۽ فرقي پرست فاشسٽن جي ڪارروائين ۽ حملن خلاف پوري دنيا ۾ احتجاج ٿي رهيو آهي. ٻئي پاسي اسان جي ملڪ ۾ پڻ ساڳي سوچ ۽ فڪر وارا آمريت پسند ۽ قبضاگير گروپ سنڌ، پنجاب، خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ پڻ سرگرم آهن.جنهن جون عوام مخالف ڪارروايون روز نوان روپ ۽ ٻهروپ ۽ ويس پائي سرگرم آهن. جنهن سان ملڪ جون اصلوڪيون قومون ۽ انهن جا خاندان ۽ عوام پريشان آهن ۽ عوام جي غفلت ۽ ساڃاهه وندن جي انتشار جي ڪري گدڙ به ماڻهن کي ڏينهن ڏٺي زخمي ڪري رهيا آهن، نفرتن ۽ تعصب جا راڪاس ۽ واسينگ پڻ کليو کلايو حملا ڪري رهيا آهن، ڏينهن ڏٺي اشرف المخلوقات کي شيطان ڳڙڪائڻ لاءِ هلون ۽ هنگاما ڪري رهيا آهن. جنهن جو تازو مثال، سنڌ جي سهڻي شهر گهوٽڪي ۽ ڪجهه ٻين علائقن ۾سنڌي قوم جي خاندانن ، ثقافتي مرڪزن مندرن، مسجدن، امام بارگاهن، درگاهن ۽ سنڌ جي واپارين جي ڪاروبارن تي حملا ۽ ڪارروايون ۽ وڳوڙ جي واقعن کي پڻ سنڌ جي وحدت ۽ عوام جي ايڪي خلاف ڪارروايون نظر اچي رهيون آهن. جنهن ۾ معصوم شهرين انهن جي گهرن، دڪانن، ڪاروبارن ۽ اسڪولن کي شڪار ڪيو پيو وڃي.سنڌو ماٿريءَ واري هن تاريخي خطي جي اهميت ۽ زرخيزي ، رزق ۽ قدرت جي معدنيات، درياهن جي نعمتن سان مالامال هئڻ ڪري، هڪ ڀيرو وري دنيا جي اٿل پٿل ۽ نئين دور جي نئين ۽ زور آور عالمي طاقتن جي اک ۾ آيل آهي.هن وقت پڻ پنهنجي نئين دور ۾ نئين آزمائشن ۽ مشڪلاتن جي دور ۾ داخل ٿي ويو آهي. ته وري سنڌ جي مختلف شهرن ۾اصلوڪن سنڌي خاندانن کي مذهبن ۽ فرقن جي ذريعي ڌار ڪري قوم جي اتحاد سان ڪراچي کي بچائڻ واري حاصل ڪيل ڪاميابي جي خوشين کان محروم ڪرڻ جون ڪوششون ڪن انتها پسند بدبختن ذريعي شروع ٿي ويون آهن. جنهن سان ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته، ملڪ ۾ ورهاڱي وقت هندستان کان ملڪ ۾ ٿيل لڏ پلاڻ ۽ سنڌ مان اصلوڪن سنڌي خاندانن جي ماڻهن کي هندستان مان سنڌ ۽ ملڪ جي ٻين صوبن ۾ ٿيل هجرت وارو ٻيو نئون مرحلو شروع ڪرڻ واريون ڪارروائيون جاري ڪيون پيون وڃن.

بيشڪ ! اسانکي پنهنجي ملڪ پاڪستان ۽ پاڙيسري ملڪ هندستان جي سپريم ڪورٽن، اعلي عدليا ۽ معزز ججن مان وڏيون اميدون آهن ته هو. اسان جي معصوم عوام ۽ شهرين جي حفاظت لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ واري عمل کي جاري رکندا ۽ مظلومن جي داد رسي ڪندا ۽ طاقت جي ڏاڍ ۽ جبر کي روڪيندا ته جيئن بهتر انساني، علمي ۽ سڀيتا وارو امن پسند معاشرو ۽ ترقي يافتا قومن جا ملڪ بنجي سگهن. اهڙيءَ ريت، سنڌ جي وحدت ۽ ڪراچي جي معاملي تي ساڃاهه وندن جيئن، هڪ وڏي سازش کي ناڪام بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ انهيءَ همت ۽ حوصلي سبب، ان ڏس ۾ملڪ جي ساڃاهه وندن، جمهوريت پسندن ۽ ترقي پسندن کي پڻ پنهنجو ڪردار ذميواري سان ادا ڪرڻ گهرجي. سنڌ سرڪار کي پڻ اڳتي وڌي اپاءَ وٺڻ گهرجن ۽ سنڌ ۾ امن، قومي وحدت، قانون، آئين ۽ قومن جي وفاق جي حامي جماعتن، ۽ امن پسند سمورين جماعتن جو ميڙ يا آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائڻ گهرجي ۽ کلئي ذهن سان سمورن ساڃهه وندن جي صلاحن ۽ ويچارن کي حاصل ڪرڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ لاءِ رهنمائي ۽ انتظام ڪرڻ واري اجتماعي اڳواڻي ڪرڻ جي رٿا تيار ڪرڻ گهرجي ته جيئن سنڌ جي امن ۽ سلامتيءَ جي آئيني فرضن ۾ سمورا ساڃهه وند پڻ پنهنجو مانائتو ڪردار ادا ڪري سگهن ۽ صوبي جي آئيني حقن جي حاصلات، حفاظت ۽ عوام کي پڻ هر قسم جي فساد ۽ فتنن کان محفوظ بنائي سگهجي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے