ابراھيم ڪنڀر
محترما نفيسا شاھ پيپلز پارٽي جي پھرين اڳواڻ ھئي جنھن سنڌ جي ملڪيتي ٻيٽن جي حوالي سان وفاقي آرڊيننس کي رد ڪرڻ جو پھريون بيان جاري ڪيو پر انھي بيان مان بہ اھو محسوس ٿيو تہ رڳو ڦڪائي لڪائڻ جي لاءِ اھڙو بيان آھي، انھي بيان کان ٿورو اڳ عمران خان جي مڙھيل حڪومت جنھن جو حصو ق ليگ، شيخ رشيد، فھميدا مرزا، محمد ميان سومرو، پير پاڳارو، ايم ڪيو ايم بہ آھن انھن جي جاري ڪيل آرڊيننس کي سوشل ميڊيا عوام آڏو ظاھر ڪيو ويو ويو، پي پي جي پھرين رد عمل کي ماڻھن موٽ نہ ڏني، سوشل ميڊيا تي سنڌ جي ملڪيت جي وڪري خلاف احتجاج شروع ٿي ويو، ڏسندي ڏسندي عوامي تحريڪ جي سڏ تي سوين سنڌياڻيون، ٻارڙا، پورھيت، ھاري، جھونا جوان ڪراچي ۾ سنڌ جي ٻيٽن جي مالڪي جي لاءِ پھچي چڪا، سنڌ کي ڪاوڙ نثار کھڙي ۽ ناصر حسين شاھ جي انھي ترقي واري بيان تي بہ ھئي جيڪو اصل ۾ ٻيٽن جي وڪرو ڪرڻ بابت ھو، خير سنڌ ڪر موڙي اٿي پئي، سنڌ جي سمورين سنڌ دوست تنظيمن ٻيٽن جي نيلامي تي پنھنجو رد عمل ڏنو، ڪن احتجاج جو اعلان ڪيو، ڪن بيان بازي ڪئي، نيٺ انھي صورتحال جي ڪري پي پي جي چئرمين بلاول ڀٽو کي مجبور ڪيو تہ ھو بہ سنڌ جي نمڪ حلالي ڪندي ٻيٽن بابت پنھنجي رد عمل جو اعلان ڪري، بلاول ڀٽو زرداري ٻيٽن جي معاملي تي جيڪو بيان ڏنو آھي اھو وفاقي سرڪاري کان ھضم نٿو ٿئي، انھي جي پس منظر ۾ وڏي وزير مراد علي شاھ ڪابينا جو اجلاس گهرايو، ماھيگري واري کاتي انھي اجلاس ۾ سمورو ڪيس پيش ڪيو، سنڌ ڪابينا باضابطا طور مردار وفاقي حڪومت جي غير آئيني، غير قانوني آرڊيننس کي رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو، اھو سڀڪجھ ٿي ويو سنڌ حڪومت جي آرڊيننس واپس وٺڻ جي مطالبي تي بہ شڪ شھبا آھن، اھي شڪ انھي جي ڪري آھن جو 6 جولائي سنڌ جي لينڊ يوٽلائزيشن کاتي وفاقي سرڪار جي ڪابينا ڊويزن کي خط لکي سنڌ جي ٻيٽن تي ترقياتي ڪم ڪرڻ جي انھي شرط سان اجازت ڏني آھي تہ مقامي ماڻھن جو خيال ڪيو ويندو، اھو ائين آھي تہ سڀاڻي وليد ٿاڻي ۾ ترقي جي حوالي سان وفاقي سرڪار سنڌ حڪومت کان اجازت وٺڻ کانپوءِ آرڊيننس جاري ڪري، يا حيدرآباد جي فقير جي پڙ ۾ ترقياتي ڪم جي لاءِ آرڊيننس جاري ڪري ،ٻہ جولائي جي سرڪاري خط جو سنڌ حڪومت ست جولائي تي جواب ڏئي وفاق کي ترقياتي ڪمن جي لاءِ ھا ڪري ڇڏي آھي انھي مان ثابت ٿيو تہ سنڌ حڪومت اين او سي ڏنو آھي، ھن ليٽر ۾ ڪٿي بہ ناھي تہ اھي ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آھن، وفاقي حڪومت آئين موجب انھن ۾ مداخلت نٿي ڪري سگھي، انھي جي ڪري سنڌڪابينا جا فيصلا اکين تي، بلاول ڀٽو جو بيان بہ سٺو پر ھي جيڪا لکپڙھ ٿي آھي، انھي جو ذميوار ڪير آھي، روينيو کاتو، لينڊ يوٽيلائزيشن کاتو اھي ڪنھن جي مرضي سان وفاق کي مداخلت جي اجازت ڏئي رھيا آھن انھي سوديبازي ڪير پيو ڪري، وڏو وزير يا بلاول ڀٽو يا آصف علي زرداري؟ پي پي اڃان بہ پوزيشن ڪلئير ڪري. جيستائين سنڌ اسيمبلي جو ھنگامي اجلاس گهرائي انھي آرڊيننس کي آئين موجب رد ڪرڻ جي قرارداد منظور نہ ٿيندي تيستائين سمجھيو ويندو تہ پي پي ۽ عمران خان حڪومت ڳٺ جوڙ ڪري سنڌجي زمين ھڙپ ڪرڻ چاھين ٿا، رھي ڳالھ تہ عمران خان حڪومت ۾ شامل جي ڊي اي ۽ انھي ڪابينا ۾ موجود سنڌي وزير انھن کي ٿورو بہ شرم حيا ھجي تہ انھي آرڊيننس تي ھڪ بيان ئي جاري ڪن، سنڌ اسيمبلي ۾ ھر معاملي تي نڙ ڦاڙي ڳالھائيندڙ ميمبرن کي گهرجي تہ ماڊلنگ مان واندڪائي ملي تہ ٿورو ٿڪ بجو وفاقي حڪومت تي بہ ڪيو وڃي، ماڻھو عظيم ۽ مھا پير پاڳاري ڏانھن بہ ڏسي رھيا آھن، تہ ڊي ايس پي سان جھيڙو ڪندڙ شير سنڌ ۾ بہ اکيون وجھيو ويٺا آھن تہ يار ھڪ تہ بيان ڏيو اوھان جا بابا ڪونہ ٿا ڪاوڙجن