ابراهيم ڪنڀر
سنڌ جي حدن ۾ ايندڙ سامونڊي ٻيٽن جي مالڪي، صدارتي آرڊيننس، وفاقي حڪومت جي عمل ۽ سنڌ سرڪار جي خاموشي تي بحث جاري آھي، سنڌ جي گادي جي شھر ۾ سوين سنڌياڻين، نوجوانن، ٻارڙن ۽ ٻڍڙن اڄ احتجاجي مظاھرو ڪري سنڌ جي عوام جي فيصلو ڏئي ڇڏيو آھي، سوشل ميڊيا کان ميدان عمل تي ٿيندڙ احتجاج واضع ڪيو آھي تہ سنڌ ٻيٽن تي وفاقي قبضي کي غير آئيني، غير قانوني، جبر ۽ ظلم سمجھي ٿي،انھي سموري صورتحال ۾ پيپلز پارٽي جي صوبائي حڪومت ، وڏو وزير مراد علي شاھ، انھي جا وزير ويندي پيپلز پارٽي جو چئرمين بلاول ڀٽو، آصف علي زرداري سڀ جا سڀ خاموش آھن،ٻيٽن تي غير آئيني ۽ جابرن واري انداز ۾ قبضو ڪرڻ جي عمل ۾ وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومت جو الڳ الڳ ڪردار آھي، انھي جو جائزو وٺڻ ضروري آھي، يعني وفاقي حڪومت ۽ ڌ حڪومت جو ھن معاملي ۾ ڪھڙُو ڪردار آھي؟سنڌ جي زمين کي ٽڪرن ٽڪرن ۾ قبضوڪرڻ وري نيت سان جاري ڪيل آرڊيننس جي منظوري وفاقي ڪابينا ڏني آھي، انھي ڪابينا ۾ سڀ کان وڏي ۾ وڏي ڏوھاري پارٽي تحريڪ انصاف آھي جنھن کي سندن بابن ڪوڙي مينڊيٽ سان ووٽ چوري ڪرائي ڪوڙا ٺپا ھڻرائي، آر ٽي ايس سسٽم ويھاري انھي وقت ايم ڪيو ايم بڻجي اميدوار کٽرائي انگ پورو ڪري وفاقي حڪومت ڏني، ھي آرڊيننس انھي حڪومت جي منظوري سان جاري ٿيو آھي، پر انھي ڪابينا ۾ جي ڊي اي جي ھڪ ميمبر سان گڏ تحريڪ انصاف جو ھڪ سنڌي ميمبر بہ شامل آھي، انھن انھي آرڊيننس جي منظوري وقت يا آرڊيننس جي جاري ٿيڻ وقت ڪو احتجاج ناھي ڪيو، منھنجو اشارو فھميدا مرزا ۽ محمد ميان سومرو ڏانھن آھن، جيڪڏھن انھن کي ھن آرڊيننس تي اعتراض آھن تہ ھاڻ بہ سامھون اچي احتجاج رڪارڊ ڪرائي سگھن ٿا، جيڪڏھن نہ تہ فھميدا مرزا ۽ محمد ميان سومرو بہ وفاقي حڪومت سان گڏ انھي جا حقدار آھن جيڪو ڪجھ سنڌي قوم کين ڏئي رھي آھي ساڳي ريت فنڪشنل ليگ جي سربراھ پير صاحب پاڳارو، شير سنڌ ذوالفقار مرزا، ارباب رحيم سميت جي ڊي ايم ۾ شامل اھي سمورا ماڻھو جيڪي ھن آرڊيننس تي خاموش آھن انھن تي بہ وٺڪار، ڦٽڪار ٿيڻ گهرجي، ڇو جو ھو وفاقي حڪومت جا اتحادي آھن انھي جي ساٿ ۾ ساٿ ڏيندا رھيا آھن، ھاڻ اچون ٿا پيپلز پارٽي جي صوبائي سرڪار تي جنھن ھن آرڊيننس يا ٻيٽن جي وفاق حوالي ڪرڻ جي حوالي سان ٻٽي،منافقاڻي ۽ مبھم پاليسي اختيار ڪئي آھي. ترجمان نفيسا شاھ مڙئي نالي ماتر بيان جاري ڪري انھي صدارتي آرڊيننس کي رد ڪيو آھي سنڌجي ٻن وزيرن انھي اھم حساس اشو کي ترقي جو نالوڏنوآھي، سنڌحڪومت انھي معاملي تي خاموش آھي، اھا مجرماڻي خاموشي ناھي پر پنجابي ۾ چوندا آھن تہ ڪتي چوران نال رلي ھوئي ھي، جيڪڏھن ڪتي چورن سان مليل آھي تہ پوءِ سنڌ سان دشمني جي اھا آخري حد آھي ، جيڪڏھن سنڌ کي ترقي جي نالي تي ٽڪرن ٽڪرن ۾ ائين ورھائي وفاق حوالي ڪرڻوآھي تہ پوءِ اسان اھو سمجھنداسين تہ اوھان ھاڻ قسطن ۾ ڪراچي تان ھٿ کڻي رھيا آھيون، انھي جي ڪري وفاقي حڪومت سڌي ريت قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي ۽ پي پي جي خاموشي کي رضا سمجھي سگھجي ٿو ، سنڌ جو انچ انچ سنڌي ماڻھن سنڌي عوام جو آھي حڪومت عوام جي ملڪيت جو وارث نہ امانت ھونديون آھن. انھي جي ڪري جيڪڏھن پي پي جي دماغ ۾ اھا ھوا ڀريل آھي تہ سنڌ جي حقن بابت درست غلط جو فيصلو ڪرڻ واري ھو اڪيلي پارٽي آھي تہ اھا ھوا دماغ مان ڪڍي ڇڏڻ گهرجي، سنڌ جو ووٽ پيپلز پارٽي کي سنڌ کي قسطون ڪري وڪرو ڪرڻ جي لاءِ نٿو ملي پرسنڌ جي بقا، تحفظ، دفاع ۽ بچاءُ جي لاءِ ملي ٿو، ٻيٽن جي حفاظت نہ ڪرڻ سنڌ جو سودو ڪرڻ آھي،انھي جي ڪري پيپلز پارٽي جو مرڪز، سنڌ حڪومت، وڏو وزير سنڌجي ملڪيت ٻيٽن تي پنھنجي پوزيشن واضع ڪن.ٻي صورت ۾ مراد علي شاھ، فھميدا مرزا ۽ محمد ميان سومرو ڳالھ برابر ھوندي.