Ali Memon

سنڌو سڀيتا ۽ سنڌي قوم جو الميو !

اوهانجو موقف علي محمد ميمڻ ليکڪ

علي محمد ميمڻ

سنڌو سڀيتا وارو قديم پيار ، محبت ۽ امن وارو قديم تاريخي خطو سنڌو ماٿري، جنهن تي دنيا ناز ڪري ٿي پر وقت گذرڻ سان گڏ هن وطن ۽ قوم ۾ بدامني، خونريزي، اڻ سهپ ۽ ڀاءُ جو ڀاءُ ويري ٿي وڃڻ وارا هاڃا لڳاتار ظاهر ونما ٿيڻ ۽ معمولي معاملن ۽ تڪرارن تي هڪٻئي تي ڪهاڙيون ۽ بندوقون اڀيون ٿي وڃڻ وارين هاڃيڪارين جو شڪار آهي. هڪٻئي جو رت وهائڻ ۽ خونريزي ڪرڻ، نياڻين کي تعليم کان روڪڻ ۽ کين قدرت جي نعمتن ۽ علم کان پري رکڻ، نياڻين جي پسند جي پرڻن واري حق کي قبول نه ڪرڻ ۽ انهن کي سندن خاندانن ۽ برادرين مان نيڪالي ڏئي ڇڏڻ وارا ڪم عام جام ٿي رهيا آهن. اهي سانحا پڻ ٿي رهيا آهن ته انهن معصومن جو پيڇو ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن کي قتل ڪرڻ جهڙا ڪيس پڻ ڪيا وڃن ٿا، هن قسم جي غير انساني سانحن سان يقينن، انسانيت شرمسار آهي. قوم جي ساڃهه وندن، اديبن، عالمن،صحافين، سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جا ڪنڌ شرم سان يقينن، جهڪيل آهن. هو پنهنجي قوم جي حالت زار تي صدمن جو شڪار آهن ۽ رت جا ڳوڙها ڳاڙي رهيا آهن.

ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقي ۾ تازو ، هڪ المناڪ ۽ ڇرڪائيندڙ سانحو رونما ٿيو آهي جنهن جو سبب ڍورن ۽ مال جي ٿيل چوري جو واقعو آهي، جنهن بعد متاثر ڌر طرفان چورن جا پيرا کڻڻ دوران انهن سان پيش آيل المناڪ سانحو ٿيو آهي، جنهن ۾ جوابدارن طرفان چوري جي ڳولها ڪندڙ متاثر برادري جي وڌيڪ 9 مڙسن تي فائرنگ ڪري کين قتل ڪيو ويو آهي. قتل ٿيلن ۾ 3 سڳا ڀائر ۽ سندن والد سميت 9 ڄڻا مارجي ويا آهن حملي بعد هٿياربند فرار ٿي ويا. واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ ۽ جوابدارن جون گرفتاريون ٿيڻ وارو عمل ضرور اڳتي وڌي رهيو آهي ڇاڪاڻ جو سنڌيءَ ۾ چواڻي آهي ته”خون ۽ کٿوري ڪڏهن به لڪڻا ناهن “، يقينن ان خوفناڪ واقعي جا جوابدار پڻ اڄ يا سڀاڻي نيٺ ضرور گرفتار ٿيندا ۽ پنهنجي انجام تي پهچندا پر ان جي باوجود بي گناهن جي هيڏي وڏي تعداد ۾ٿيل قتل عام جي نقصان جو ڪڏهن به ازالو ٿي نه ٿو سگهي ۽ نه ئي ڪڏهن جسم ۽ روح تي لڳل اهي چهڪ ۽ زخم ڀرجي سگهڻا آهن. معمولي اٻهرائي ۽ انائن مان ڦٽي نڪرندڙ اهي واقعا سماج ۾ نئين دشمنين جو ٻج ڇٽيندا رهن ٿا ۽ وڌيڪ خونريزين ۽ دشمنيون وڌائڻ جا سبب ضرور بنجندا رهن ٿا. سنڌ جي مختلف ذاتين، قبيلن ۽ برادرين ۾ هن کان اڳ پڻ ٿيندڙ خونريزي وارا سلسلا شروع ٿيڻ بعد وڌيڪ رتوڇاڻ جو سبب بنجندا رهيا آهن. شايد ئي سنڌ جو ڪو ضلعو ۽ علائقو هجي جو ان قسم جي ظالماڻي، وحشت ۽ حيوانيت واري عمل کان بچيل رهيو هجي.

سنڌ صوبي جي مختلف علائقن ۾ بدامني ۽ خونريزي وارا واقعا اڪثر ٿيندا رهن ٿا، جنهن جي بنياد ۾ معمولي تڪرار ئي هوندا آهن . ٻهراڙي وارن يا سنڌ جي درياهي ڪچي وارن علائقن ۾ ٿيندڙ ڄاڻايل قسم جا سانحا قوم جي روح ۽ ناموس کي سخت هاڃو رسائڻ ۽ صدمي جو سبب بنجي اڀرن ٿا. ڄاڻايل تازي سانحي مان اهو ظاهر ٿيو ته، سنڌ جي ٻهراڙي ۽ ڪچي واري علائقي ۾ موجود سماج ۽ اتي جي ماڻهن جي ذهني حالت ڇا آهي؟. هنن علائقن ۾ چوري، چڪاري، ڌاڙا ۽ ڦر جي واقعن بعد اڪثر قتل جا سانحا پڻ وقفي وقفي سان ٿيندا رهن ٿا. ان صورتحال مان اهو صاف طور تي واضح ٿي ويو آهي ته اسان جي سماج کي ڏوهن، نفرتن ،انتقام ۽ جاهليت جو ڪينسر تيزي سان ويڙهي ۽ ڳڙڪائي رهيو آهي .

سنڌ جي متاثر ٿيندڙ علائقن ۾ انسانن جي عزت، ڀائيچاري، امن ۽ پيار محبت واريون تاريخي ڳالهيون ۽ پراڻا قصا، قوم جي پراڻي دور جي سڀيتا وارن ماڻهن بعد بزرگن جي اها سڀيتا واري تعليم، سکيا وارو اهو ورثو اڳتي نه وڌي سگهيو آهي جيڪو سنڌي قديم ۽ عظمت وارو قوم جي ميراث ۽ قابل فخر سنڌي قوم جي سڃاڻپ رهيو آهي. هاڻي سنڌ واري سموري پرڳڻي ۽ سماج کي ڏوهاري ذهنيت، پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي چڪي آهي. جنهن سان اسان جي قوم۽ ان جي برادرين، ذاتين، قبيلن ۾ نفرتن ۽ اڻ سهپ جو زهر تيزيءَ سان پکڙجي رهيو آهي ۽ سموري قوم کي زهر يلو ڪري موت جي منهن حوالي ڪرڻ وڃي رهيو آهي.

سنڌ صوبي جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ وڌندڙ بدامني ۽ خونريزي جا افسوسناڪ واقعا لڳاتار ٿي رهيا آهن، جنهن تي سنڌ جا ماڻهو پريشان ۽ دنيا حيران آهي. ته 21هين صدي واري جديد دنيا ۾ سنڌو ماٿري واري سڀيتا واري خطي ۾ اهڙي وحشت وارا واقعا ۽ هاڃا رونما ٿي رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ سوال اهي پيدا ٿي رهيا آهن ته ڇا هاڻوڪي سنڌي قوم جا ماڻهو ، سنڌ ماٿريءَ واري ڏهه هزار سال اڳ واري ساڃاهه ۽ سڀيتا واري قوم سان تعلق رکن ٿا يا نه ۽ انهن ماڻهن جو پنهنجي قديم امن پسندي، محبت، پيار ، ڀائيچاري، برادري ۽ ماڻهپي واري تاريخي ورثي سان ڪو تعلق ڇو نه رهيو آهي يا اهي ڪي ٻيا ماڻهو آهن، جن جي وحشي پڻي سان سموري سنڌي قوم پشيماني جو شڪار آهي.

قوم جا سمورا مانائتا ماڻهو ۽ ساڃاهه وند جيڪي دنيا ۾ پنهنجي قوم جي ساڃاهه وند، امن پسند ۽ انسانيت دوست، سڀيتا ۽ ماڻهپي جا داستان لکندا رهن ٿا ۽ پنهنجي قوم جي ساڃهه ۽ سڀيتا جا قسم کڻندا رهن ٿا، اڄ اهي پڻ ٻه واٽي تي اچي بيهي رهيا آهن. دنيا ۾سنڌ ۽ سنڌين جي ساڃهه جا گيت ڳائيندڙ ۽ دنيا ۾ ڪشالا ڪڍندڙ ” سانا “ جا ساٿي هجن يا سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ گريجويٽس ائسوسئيشن جا علم ۽ فضيلت وارا پڙهيل لکيل ۽ جاکوڙي مانائتا ماڻهو هجن يا سنڌ جون نمائندا سياسي جماعتون هجن يا سنڌ جا وڪيل ۽ صحافي هجن جنهن جو به کڻي ذڪر ڪجي ته سموريون ڌريون سوڳوار آهن.

آمريڪا، ڪئناڊا، يورپ، دبئي، هانگ ڪانگ، سعودي عرب، روس ملائشيا، چين ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پنهنجي قوم جي سفير وارو ڪردار ادا ڪندڙ ساڃهه وند ۽ ملڪ ۾جاکوڙ ڪندڙ ۽ پاڻ ارپيندڙ سمورا ساڃاهه وند سوڳوار آهن. سنڌ جي مختلف قبيلن ۽ برادرين ۾ لڳاتار ٿيندڙ رتوڇاڻ وارن سانحن سان يقينن اهي روحاني تڪليف ۽ رت جا لڙڪ وهائڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. هو پنهنجو ڪنڌ مٿي کڻي هلڻ جي لائق نه رهيا آهن ۽ سخت صدمن ، پريشاني ۽ پشيمانين واري حالت جو شڪار آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *