owais tauheed

ست ڏينهن، ست ووٽ ۽ طلسماتي سياست

اويس توحيد ليکڪ

اويس توحيد

زرداريءَ جي جيت جو سحر ٽُٽي چڪنا چور ٿي ويو آهي، مارچ جي پنجين تاريخ تي ان جا ساٿي ” هڪ زرداري، سڀ تي ڀاري“ جا نعره هڻي رهيا هيا ۽ ان جي وفادار يوسف رضا گيلانيءَ جي فتح کي زرداريءَ جي سياست جو هڪ طلسماتي ڪرشمو قرار ڏئي رهيا هيا.      عمران خان جي حڪومت بس ڏينهن جي مهمان آهي، اسٽبلشمينٽ هاڻي  نالائقين ۽ نااهلين جو بار کڻي کڻي ٿڪجي پئي آهي، وسيم اڪرم پلس، پنجاب جو وڏو وزير بوزدار هاڻي وڃڻ وارو آهي، اسٽبلشمينٽ نيوٽرل ٿي وئي آهي، وغيره وغيره جهڙيون بيشمار ٿيوريز اسلام آباد جي سياسي راهدارين ۾ گونجنديون رهيون هيون. زرداريءَ جي وفادارن جي مستقبل جي جيت جا پهرا جاري هيا، نواز شريف ۽ مريم نواز ۽ ان جي وفادارن جي اسٽبلشمينٽ تي لاڳيتو حملا جاري هيا ۽ مولانا فضل الرحمان جي زرداريءَ جي فتح تي عارضي خاموشي رهي.ٻئي پاسي سينيٽ جي چونڊن ۾ حفيظ شيخ جي شڪست بعد عمران خان 1992ع جي ورلڊ وانگر هڪ زخمي شينهن جو روپ اختيار ڪري چڪو هو، نواز شريف کي چور ۽ لٽيرو چوڻ سندس هر بيان جو لازمي حصو رهيو. گيلانيءَ تي ووٽن جي خريداريءَ جو الزام لڳائڻ، سندس جي ساٿين جو ڦري وڃڻ، هر ٽاڪ شو ۾ سينيٽ جي چونڊن ۾ پنهنجي ڪاميابيءَ کي يقيني چوڻ، هر قيمت تي کٽي اچڻ ۽ هر ٽي وي اسڪرين تي خان صاحب سان گڏ شبلي فراز جو غصي واري انداز ۾ بيان، زبان آهي جيڪا ترڪي وڃي ٿي، چونڊن کان اڳ ان ٽي وي تي بيان ڏنو ته هر اهو حربو استعمال ڪيو ويندو جيڪو مخالف ڌر اختيار ڪندي.  مخالف ڌر کي جيڪڏهن فوٽ بال جي ميچ ۾ هٿ استعمال ڪرڻ جي اجازت هوندي ته ڇا اسان رڳو ٽنگو هلائينداسين . بيان ۾ جائز ۽ ناجائز طريقا استعمال ڪرڻ جا واويلا ڪرڻ ، ٻئي ڏينهن شبلي فراز صاحب وري ٽي تي اچي ناجائز، هر حربي ۽ سياسي حربه استعمال ڪرڻ جهڙن لفظن ۽ اصطلاحن جي وضاحت ڪئي. جيڪو ڊيميج ٿيڻو هيو اهو ته خير ٿي ويو، هاڻي ڇا ٿيندو جو وضاحتون جاري ٿينديون.ستن ڏينهن بعد يعني مارچ 12- تي گيلاني بمقابله سنجراڻي، عمران حڪومت بمقابله مخالف ڌر اتحاد جي وچ ۾ اهڙي ئي قسم جي مقابلي جو ميدان سجي ويو هو، جيئن ننڍي هوندي اسان جي ڳوٺ ۾ ٻاهران آيل پهلوانن جي مقابلي لاءِ ميدا سجايو ويندو آهي. مخالف ڌر جو پهلوان يوسف رضا گيلاني هيو ته حڪومتي ڌر جو پهلوان صادق سنجراڻي هيو، شيخ رشيد صادق سنجراڻيءَ کي حڪومت ۽ اسٽبلشمينٽ جو نمائندو قرار ڏنو هو ، پر اسان ان کي رياست ۽ حڪومت جو پهلوان چوڻ جي گنجائش ڪڍي سگهون ٿا.اليڪشن جي رات هڪ پاسي مخالف ڌر جا  اتحادي سينيٽرز جمع هيا ته ٻئي پاسي وري حڪمران ڌر جا ميمبر جمع هيا ۽ وفادارين جا قسم ۽ واعده ورتا پئي ويا، چوڻ وارن جو ته اهو به چوڻ آهي ته انهيءَ دنگل جو فڪس هجڻ جو شڪ ٻنهي پاسي هيو.هڪ طرف قسم ورتا پئي ويا ته ٻئي پاسي صورتحال اها هُئي جو پرويز خٽڪ ۽ صادق سنجراڻي سينيٽرز کان قرآن پاڪ تي قسم کڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ لڳا، بيريسٽر علي ظفر ۽ ڪجهه ٻين سينيٽرز جي تحقيقات بعد انهن جي ڳالهين تي اعتبار ڪرڻ کي ترجيح ڏني وئي. عمران خان ۽ ان جي ساٿين کي سٿ ڏينهن اڳ حفيظ شيخ جي شڪست جو بدلو وٺڻو هيو ۽ سينيٽ جي سيٽ حاصل ڪرڻي هُئي، مخالف ڌر ۽ سياسي حلقن کي اهو ثابت ڪرڻو هيو ته اسٽبلشمينٽ مخالف ڌر وچ ۾ ڪابه وڇوٽي وجهڻ ۾ ڪامياب نه وئي آهي. پاڪستان جي سياست جي اها بدقسمتي آهي ته حڪمران پارٽيءَ جا سياستدان هجن يا وري جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪندڙ مخالف ڌر جا گهاگهه سياستدان هجن اهي سڀ جا سڀ اسٽبلشمينٽ جي آشيرواد تي ئي هلندا آهن ۽ انهن جو سياسي قبلو پڻ اهو ئي هوندو آهي جيڪو اسٽبلشمينٽ طئه ڪندي آهي. نواز شريف هُجي يا زرداري انهن سڀني جون نگاهون انهيءَ چونڊن جي نتيجن تي کتل هيون، زرداريءَ جي سياسي ساک داءُ تي لڳل هُئي، ان ئي مولانا فضل الرحمان ۽ نواز شريف کي اسيمبلين مان استعيفائون ڏيڻ کان منع ڪيو ۽ مڃايو، ننڍين چونڊن ۾ مخالف ڌر جي فتح ۽ سينيٽ جي چونڊن ۾ يوسف رضا گيلانيءَ جي هٿان حفيظ شيخ جي شڪست زرداريءَ جو سياسي قد وڌائي ڇڏيو هو ۽ اهو ئي سمجهيو پئي ويو ته بازي هاڻي پلٽجڻ واري آهي.سينيٽ جي چونڊن ڳجهين چونڊن کان اڳ ڊرامو ۽ هڪ تنازعو، نواز شريف جي ساٿي سينيٽر مصدق ملڪ ۽ پيپلزپارٽي جي مصطفى نواز کوکر پولنگ بوٿ ۾ ڳجهين ڪيميرائن جو انڪشاف ڪيو، سوشل ميڊيا تي هڪ طوفان برپا ٿي ويو، اهو سوال اڀري آيو ته آخرڪار سينيٽ جي عمارت جي سيڪيورٽي ڪنهن جي هٿ ۾ آهي، مخالف ڌر جا الزام سمجهڻ وارن لاءِ اشارو ئي ڪافي آهي.آخر ڪار جڏهن سينيٽ جي چونڊن لاءَ ووٽنگ جو مرحلو مڪمل ٿيو ۽ ووٽن جي ڳڻپ ٿي ته گيلانيءَ جي حق ۾ پيل ست ووٽ رد قرار ڏنا ويا، پرزائيڊنگ آفيسر صاحب جيڪو حڪومتي اتحاد جي جماعت سان تعلق رکي ٿو، ان فيصلو ڏنو ته ووٽن واري پرچيءَ تي مهر گيلانيءَ جي نالي تي لڳائي وئي هُئي تنهنڪري اهڙا ووٽ رد قرار ڏجن ٿا، مخالف ڌر احتجاج ڪيو ته مهر خاني جي اندر لڳل آهي تنهنڪري مظفر شاهه جو  گيلانيءَ جي ست ووٽ رد ڪرڻ جو فيصلو غير قانوني آهي، اهڙي صورتحال جي پيش نظر هڪ قانوني جنگ ته نظر اچي رهي آهي ته هاڻي مخالف ڌر ووٽن رد ڪرڻ بابت پرزائيڊنگ آفيسر جي فيصلي کي عدالت ۾ چيلينج ڪندي.سينيٽ جي چونڊن ۾ ستن ووٽن جي رد ٿيڻ تي اهو سوال ته فطري طور تي اڀري آيو آهي ته آخرڪار اهي ڪهڙا ست ميمبر آهن جن چونڊ بيلٽ جو ” خانو خراب“ ڪري ڇڏيو آهي، پيپلز پارٽي جيڪڏهن هاڻي سيد مظفر شاهه جي فيصلي تي احتجاج ڪري رهي آهي ته پوءِ ان جي ثالث هجڻ واري فيصلي تي پهريان اعتراض ڇو نه ڪيو ويو.  نقادن موجب سيد مظفر علي شاهه ڪيترن ئي ڏهاڪن کان اسٽبلشمينٽ جي اڏند کٽُولي تي سوار آهي. سينيٽ جي چونڊن ۾ ڪنهن جي شڪست ٿي آهي ۽ ڪنهن جي فتح ٿي آهي، ان ڳالهه کي ڇڏي ڪري اهڙي شڪست ۽ فتح پاڪستان جي داغدار سياسي نظام جي عڪاسي ڪري ٿي. سينيٽ جي چونڊن بعد زرداريءَ جي سياسي ساک کي نقصان پهتو آهي ۽ ايندڙ  ڏينهن ۾ مولانا ۽ نواز شريف جي سياست جو انداز بيان ۽ نشانو اسٽبلشمينٽ ئي هوندي.     زرداري ۽ پيپلز پارٽيءَ کي ايندڙ ڏينهن جي سياسي سرگرمين مولانا ۽ نوازشريف جي ڌرڻن ۽ لانگ مارچ سياست جو ساٿ ڏيڻو پوندو، ٻئي پاسي سنجراڻيءَ جي فتح بعد به عمران خان جي حڪومت کي ڪيترين کي رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، تحريڪ انصاف کي سينيٽ ۾ معمولي اڳڀرائي ۽ فتح حاصل ٿي آهي جيڪا سندس لاءِ اڳتي هلي قانون سازيءَ واري دور ۾ رڪاوٽ ثابت ٿي سگهي ٿي. اسٽبلشمينٽ لاءِ به ڪيتريون ئي مشڪلاتون آهن، جيڪڏهن پارلياماني نظام ۾ مخالف ڌر لاءِ سياسي اسٽيڪسو ختم ٿي ويا ته پوءِ ملڪ جي سياسي ماحول ۾ گهٽ ۽ ٻوسٽ وارو ماحول پيدا ٿي ويندو جيڪو ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان جي سياسي نظام ۾ ٽڪراءَ وارو خطرناڪ رخُ اختيار ڪندو. جيڪڏهن ملڪ جي اهڙي سياسي راند طلسماتي سياست جي ور چڙهي وئي ته پوءِ ملڪ جي سياسي نظام جي مڪمل طور تي تباهيءَ جو امڪان واضع ٿي ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *