رياض سهيل
هن سال به هڪ ضدي سامونڊي طوفان توڻي جو ڪيٽي بندر جي ساحل سان ٽڪرائجي پنهنجي سرڪشي وڃائي ويٺو آهي، پر ان جي باوجود به ٺٽي ۽ بدين ضلعن ۾ تمام وڏي تباهي آئي آهي، شاهه بندر جون 27 کان مٿي ديهون ٻڏي ويون آهن، بدين، گولاڙچي ۽ ٽنڊي باگي جي 200 ديهن ۾ پاڻي ڪاهي پيو آهي، بدين ۾ 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهو پاڻيءَ جي گهيري ۾ آهن، ساحلي پٽيءَ ۾ زندگي مفلوج ٿي چڪي آهي، پر ٻئي طرف حقيقي معنيٰ ۾ امدادي ڪارروايون ڪٿي به نظر نٿيون اچن.
”ڪيمپن ۾ وڃي خوار خراب ٿيڻ بجاءِ اسان پنهنجي گهرن ۾ مرڻ کي بهتر سمجهون ٿا.“ انتظاميا کي اهو چئي بدين جي سامونڊي پٽيءَ جي رهواسين سامونڊي طوفان در تي اچڻ باوجود گهر ڇڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ان کان اڳ به گذريل 2 سالن کان اها مشق ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ ڳوٺاڻن جا ڏاڍا تلخ تجربا رهيا آهن. سامونڊي طوفان ته هاڻ بدين ۽ ٺٽي مان پنهنجو لنگهه ٺاهي ڇڏيو آهي، هر سال بي وقتي مهمان جيان ڪڙڪي ماڻهن کي دربدر ڪري ٿو، پر هر سال انتظاميا ”بس جيئن تيئن وقت گذري ته جان ڇٽي“ واري فارمولي تي عمل پيرا هجي ٿي.
گذريل سال به حڪومت جي انگن اکرن مطابق سنڌ ۾ طوفان جي تباهه ڪارين سبب 103 ماڻهو فوت ۽ 8 لک 69 هزار متاثر ٿيا، جڏهن ته 44 هزار پڪا ۽ 76 هزار ڪچا گهر پٽ پئجي ويا، مجموعي طور 3 لک 43 هزار 188 ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا. حڪومت جي فراهم ڪيل انهن انگن اکرن کي ان وقت به رد ڪيو ويو هو پر حڪومت پنهنجي فراهم ڪيل انگن اکرن مطابق به متاثرن جي پرگهور لهي نه سگهي هئي. حڪومتن جي تبديلين سبب رليف به سياست جي ور چڙهيل رهيو ۽ وزير صاحبان جي هٿن مبارڪن سان چيڪ ورهائڻ واري تقريبن جي انتظار ۾ غريبن تمام گهڻو ڀوڳيو.
حڪومت گذريل سال متاثرن جي فوري امداد لاءِ 20 ڪروڙ امداد جو اعلان ڪيو هو، جنهن بعد صدر، وزيراعظم، پنجاب صوبي سميت ڪيترن ئي ملڪن مان پئسا پهتا، جيڪي خبر ناهي ته ڪيڏانهن ويا. هونئن به آفت هيٺ آيل علائقا، پوءِ چاهي ٺٽو هجي، بدين يا ٿر، ڪميشن مافيا لاءِ فائديمند هجن ٿا، جنهن جو مثال ٿر جو هڪ اڳوڻو ضلعي عملدار آهي، جنهن لاءِ مقامي ماڻهو ته اهو چون ٿا ته ڏڪار سٽيلن ۾ ورهاست لاءِ آيل ڪڻڪ جون خالي ٻوريون به ڪميشن تي وڪرو ڪيون ويون. جيڪڏهن اڄ به سرڪاري رڪارڊ کولبا ته متاثرن جي مدد جا ”تاريخي مثال“ ملي ويندا، جنهن ۾ کاڌ خوراڪ ۽ رهائش جي بندوبست کانسواءِ سندن بحاليءَ جا به انتظام ۽ انهن تي ڪيل خرچ باقاعده لکيل هوندو. سر زمين تي کڻي ڀينگ هجي پر اسان وٽ پوئيواري ته لکت ۾ رڪارڊ جي ڪئي ويندي آهي. اهي ئي انگ اکر سڀاڻي ضلعي توڙي صوبائي اجلاس ۾ سلائيڊن تي ڏيکارڻ ۾ ڪم ايندا آهن. ان وقت جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر متوڪل قاضي ڪرپشن جي تصديق ڪندي چيو هو ته ائنٽي ڪرپشن ۽ ٻين ادارن کي ڳجهين رپورٽن ٺاهڻ لاءِ چيو ويندو، جنهن جي بنياد تي ڪارروائي ٿيندي، پر قاضي صاحب انهن رپورٽن کان اڳ وڃي اسلام آباد وسايو، پويان ڪنهن خبر چار به نه ورتي.
سرڪار کانسواءِ ماڻهن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندڙ اين جي اوز جو به ساڳيو ڪردار هو، جن 3 کان 6 مهينن ۽ سال تائين پراجيڪٽ هلايا. انهن پراجيڪٽن جي مال اين جي اوز جي ڪيئي دوستن کي ويڙهائي ڇڏيو. سنڌ سنڌ ڪري سڄي رات تڪليف ۾ سمهي نه سگهندڙ هڪ شاعر ۽ ڊاڪٽر سڀني کي هن معاملي ۾ ڌڪي ڇڏيو ۽ پنهنجا ويچار ۽ آدرش ايل بي او ڊي جي نالي ۾ ٻوڙي سٺو بئنڪ بيلنس ٺاهيو. امداد جي حالت ته اها هئي جو ماڻهن جي آرام لاءِ مڇردانيون به پراجيڪٽ ۾ شامل ڪيون ويون هيون، جڏهن ته اهي ڪهڙي کڏ ۾ ويون، اها خبر ڪنهن کي ناهي. حيدرآباد جي هڪ پوش علائقي ۾ آفيس رکندڙ هڪ معتبر اين جي او جي نيوز ليٽر ۾ سنڌ جي ريجنل ڊائريڪٽر جو انٽرويو پڙهي ڏاڍي حيرت ٿي هئي، جنهن ۾ هن ماڻهن جي وڏي پيماني تي مدد ڪري ثواب حاصل ڪرڻ جون دعوائون ڪيون هيون. جڏهن ته حالت اها هئي جو ماڻهن کي پوکيءَ لاءِ ٻج به پئسن تي وڪرو ڪيا ويا هئا، جيڪي خبرون اخبارن ۾ شايع پڻ ٿيون پر وٽن اهي تصويرون موجود آهن ۽ انگ اکر به موجود آهن ته انهن متاثر هزارين ماڻهن جي مدد ڪئي. سڀاڻي اهي تصويرون ڊونر کي ڏيکاري آئنده جو رستو به ٺاهي سگهجي ٿو.
اهڙين تعدين ۽ پاڻ کي وڪرو ٿيندو ڏسي ظاهر آهي ماڻهن تذليل بجاءِ پنهنجي ڪکن ۾ ئي موت کي ترجيح ڏني هوندي. انهن ڪيمپن ۾ سال اڳ ماني گهرڻ وارن تي گوليون به هليون. 2 ڏينهن کان بک ۾ پاهه ٿيندڙ گهر وارن لاءِ ماني وٺڻ لاءِ ويندڙ محمد حسن پوليس جي گولين جو کاڄ بڻجي ويو. بدين ۽ گولاڙچي شهرن ۾ بک ۾ ماڻهن دڪانن تي حملا ڪيا. اهڙن تجربن سبب ماڻهو ڪيمپن ۾ رهڻ کي ترجيح نٿا ڏين، عزت نفس کي مارڻ بجاءِ ماڻهو موت کي ترجيح ڏين، اهو ئي اهي بهتر ٿا سمجهن. پنهنجا گهر ڇڏي انتظاميا جي آسري تي ڪيمپن ۾ آيل ماڻهن سان به ساڳئي حالت آهي، جيڪا گذريل سال هئي. تازي صورتحال ڪئميرا ۾ قيد ڪري آيل ذلفي پنهور کان جڏهن مون پڇيو ته گذريل سال ۽ هن سال انتظامن ۾ ڪهڙو فرق آهي، ته سندس چوڻ هو ته هن ڀيري ماڻهن گهرن مان نڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڪيمپن ۾ ترسيل ماڻهن لاءِ اهي ئي اڇا چانور آهن، جڏهن ته سرد هوائن ۾ مٿان اوڍڻ لاءِ ڪمبل به نه هو.
ٺٽي ۾ آيل طوفان ۽ تباهه ڪارين بعد حڪومت اعلان ڪيو هو ته طوفان جو اڳواٽ اطلاع ملندي ئي ريڊيو نظام تحت لانچن ۽ هوڙن کي واپس ڪيو ويندو، جهازن ذريعي فضا ۾ ڳاڙهو رنگ اڇلايو ويندو ته جيئن ملاح خطري کي محسوس ڪن، پر اهي اعلان به زبان خرچي کانسواءِ ڪجهه نه هئا. موجوده وقت به ڪيئي ماڻهو پنهنجي روزگار لاءِ اونهي سمنڊ ۾ ويا هئا، جيڪي اڃا تائين ناهن موٽيا، جنهن مان ظاهر آهي ته کين ڪو اطلاع ناهي مليو.
سنڌ جي ساحل سان طوفان جي ٽڪرائجڻ کان اڳ وڏي وزير ارباب رحيم جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اڳواٽ انتظام وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو. حڪومت کڻي اها سنجيده ڪوشش ڪئي هجي پر هيٺين سطح تي سنجيدگيءَ سان ڪوششون نه وٺڻ جي ڪري اها سڄي مشق بي فائده نظر اچي ٿي. اڳواٽ اپاءُ وٺڻ جو مطلب خبر ناهي ته انتظامي ڊڪشنري ۾ ڇا هوندو آهي، پر عملي طور تي لائوڊ اسپيڪرن وسيلي اعلان ۽ اسڪول خالي ڪرائڻ جي ٻيو ڪو اڳواٽ انتظام نظر نٿو اچي. باقي ”هر ڪو پنهنجي طور تي اچي، قيام ۽ طعام جو انتظام حڪومت ڪندي“ واري صورتحال آهي. اهو ته شڪر ٿيو جو طوفان جو زور ٽٽي پيو، نه ته گذريل تجربن باوجود ماڻهن کي هڪ ٻئي تجربي مان گذرڻو پوي ها. موجوده برساتن سان جاني نه ته مالي نقصان ضرور ٿيو آهي. هاڻي ٻيهر رليف ڪمشنر جي آفيس مان ليٽر ايندا، ان جي جواب ۾ ڊي سي او آفيس مان ليٽر ويندا ۽ اها ليٽر بازي جاري رهندي ۽ ماڻهو بک ۽ بنا اجهن جي مدد جي آسري ۾ ويٺا رهندا. نيٺ سال گذرڻ بعد ڪجهه ماڻهن کي ڀڳڙن جي مٺ ملندي. برساتون، طوفان ۽ ڏڪار هاڻي جڏهن سال ۾ هڪ ڀيرو ضرور هتي جو رخ ڪن ٿا، ته ان لاءِ ضروري آهي ته سرڪار باقاعده ڪو نظام جوڙي ۽ Disaster Mitigation جو کاتو وجود ۾ آندو وڃي. روايتي رليف ڪمشنر کي يا ته ختم ڪيو وڃي يا ان کي اپ ڊيٽ ڪيو وڃي، جيڪو موسميات، صحت ۽ روينيو کاتن سان رابطي ۾ هجي، ته جيئن ڪنهن به ڏکئي وقت جي صورت ۾ سموري مشينري ڪم ڪري. آفتون ظاهر آهي ته قدرتي آهن، جن کي روڪي نٿو سگهجي پر بهتر انتظامن ۽ حڪمت عمليءَ سان ان جي نقصانن کي گهٽ ۾ گهٽ ته ڪري سگهجي ٿو.