عاصمه شيرازي
بس ۾سوار ٿيندڙ شخص جي هٿ ۾ هڪ ڳٺڙي ۽ ٻئي هٿ ۾ ڪجهه شيشيون هيون. مسافر سوار ٿيندي هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو ۽ پنهنجي مطلب جا چند چهرا ڏسي مطمئن ٿي ويو.
انهن، چهرن ۾ڪجهه لوڏا کائيندڙ بس ۾ مٿي ڦرندي پاڻ کي سنڀاليندڙ ڪجهه نوجوان، ٻار ڄڻڻ بعد ڪيترين ئي بيمارين جو شڪار عورتون ۽ پيٽ ٻاهر نڪتل ڪجهه ماڻهو هئا، جيڪي مال کپڻ جي لاءِ ضمانت هئا.
ڀائي جان، قدردان، مهربان، ڀينرو، ڀائرو! مترو ۽ بيليو..توهان جي معدي ۾ تيزابيت آهي ياهوا يا هاضمي جو ڪو مسئلو آهي يا پيٽ جو سُور، خانه خراب آهي يا قسمت ..رشتن جي بندش هجي يا نالائق اولاد،محبوب بي وفا هجي يا مٽ مائٽ جو جادو ڦيڻو ..هي ڦڪي نه رڳو ڪارآمد آهي بلڪه اوهان جي سمورن مسئلن جو حل پڻ.
هڪڙي ئي ساهي ۾ بس ۾ ويٺل ڪيئن ماڻهون متاثر ٿيا جن جي پيٽ ۾ هوا هئي يا جن کي اوڳرائي نه پئي آئي.جن جي معدي ۾ تيزابيت هئي يا سُور. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اهڙا ماڻهو به متوجهه ٿيا جن جي رشتي جي بندش هئي يا جن کي اهو خدشو هو ته سندن مائٽ انهن تي جادو ڦيڻوڪري رهيا آهن.
ڦڪي يا چورو وڪڻندڙ کان ڪنهن به نه پڇيو ته، وڪڻي تون ڦڪي رهيو آهين ۽ علاج جادو ٽوڻي جو به ڪري رهيو آهين، مسئلن ۾ ڦاٿل عوام ان اعتماد سان يقين ڪري ورتو ته ڪوڙ ئي سهي پر انهن جي مسئلن کي چپٽي وڄائي حل ڪري رهيو هو، گڏوگڏ اصل مسئلن کي فريب جي ويس ۾ لڪائي به رهيو هو.
پاڪستاني سياست ۾ به ڪجهه ايئن ئي ٿي رهيو آهي. ستاويهه مارچ کان هن وقت تائين قوم هڪ سازشي خط جي پٺيان لڳل آهي. حد ته اها آهي جو هاڻي پي ٽي آءِ جا اسيمبلي ميمبر هر ڳالهه جو الزام آمريڪي سازش تي لڳائي رهيا آهن. بصر پٽاٽن جي قيمتن کان وٺي ناليءَ يا نالي جي نه ٺهي سگهڻ جو هر الزام ٻاهرين سازش تي لڳايو پيو وڃي.
جيڪو چورو هنن کي هٿ لڳو آهي، هن جا چاهيندڙ ان تي ڀرپور يقين ڪري رهيا آهن، ان جو سبب عمران خان صاحب جو اهو اعتماد آهي جنهن جون پوريون مارڪون ملڻ گهرجن. ڪنهن کي خبر ناهي ته هي چورو ڪيترو وقت وڪامندو. پر هرڪو ڄاڻي ٿو ته اهو ڇو وڪرو ٿي رهيو آهي.
رياست ۽ حڪومت اڻ ڏٺل خدشن ۽خوف جو شڪار آهن ۽ طاقت جي استعمال کان پاسيرا پڻ.
بهرحال، اهو هاڻي هڪ ’بيانيئو‘ بڻجي چڪو آهي ۽ خان صاحب جي طاقت جو مرڪز سوشل ميڊيا ان جي پروموشن ۾ ڏينهن رات مصروف آهي. اهي جيڪي گيٽ نمبر چار تان ڪڏهن اٿندا نه هئا، اهي هاڻي اکيون ڏيکاري رهيا آهن ۽ ميڊيا جا جادوگر جيڪي قومي ادارن جي ڪلهن تي چڙهي پنهنجي جاءِ ٺاهي رهيا هئا، اهي هاڻي ادارن جي صحن ۾ پٿر اڇلائي رهيا آهن ۽ مقتدر حلقا حيران،پريشان….
اهو نڪتو پنهجي جاءِ تي اهم آهي ته بيانيئي ۾ جان آهي يا ناهي پر نئين حڪومت جي حڪمت عملي ۾في الحال ڪو دم نظر نه پيو اچي. معاشي محاذ کان وٺي سياسي محاذ تائين، شهباز شريف صاحب جي حڪومت وٽ يا ته بيانيئي جو توڙ سر دست موجود ناهي يا وري عمران خان جي ٿڪجڻ جو انتظار ڪيو پيو وڃي.
ٻئي طرف عمران خان جنهن طريقي سان سوشل ميڊيا پليٽ فارم جو استعمال ڪري رهيو آهي ان جو ڪو ثاني نه آهي، ڪارڪردگيءِ جي محاذ تي شڪست جي باوجود، جنهن طريقي سان اڻ ڏٺل خط جو واويلا ڪيو پيو وڃي ان کي سياست چئجي يا جهالت يا عوام جو هڪ ٻيو استحصال….
ڏسڻو اهو آهي ته تحريڪ انصاف جي حمايتين کانسواءِ ٻين پارٽين جا ووٽر به تحريڪ انصاف جي بيانيئي کان متاثر ٿي رهيا آهن يا پي ٽي آءِ جي ڪارڪردگيءَ کان مايوس ماڻهون ٻيهر موٽ کائي رهيا آهن.اهو به ڏسڻو پوندو ته آمريڪا مخالف جذبات کي جنهن طرح پنهنجي حمايت ۾ استعمال ڪيو پيو وڃي اهو گهڻي دير ٽِڪي سگهندو۽ ڇا اها حمايت ووٽ جي طاقت ۾ بدلجي سگهندي.. اهو سوال بي حد اهم آهي.
حڪومتي اتحاد ۾ شامل جماعتن جو نظرياتي ووٽ بئنڪ گهٽ ناهي پر گذريل هڪ مهيني دوران انهن حڪومتي جماعتن پنهنجي ڪارڪنن کي مخالف بيانيئو ناهي ڏنو، سوشل ميڊيا تي پکڙيل ناڪاري ۽ بي بنياد مهم کي روڪڻ جي قانوني پهلوئن کي به ناهي آزمايو ويو.تحريڪ انصاف جي حڪومت جي اسڪينڊلز تي به جاچ جي شروعات ناهي ٿي.
اهڙي صورتحال ۾ عمران خان هر حڪمت عملي ۾ هڪ قدم اڳتي نظر اچي رهيو آهي، ايتري تائين جو گرفتاري جي صورت ۾ ملڪ کي جام ڪرڻ جو فيصلو به ڪري چڪو آهي ۽ هاڻي هو پنهنجي سياسي تحريڪ کي ”جهاد“ جو نالو ڏئي رهيو آهي. سياست ۽ پوءِ مذهب جو رنگ اهو خطرناڪ ڪارڊ آهي جنهن جو توڙ صرف رياست وٽ ئي آهي.
معاشي ۽ سياسي اعتبار سان پاڪستان جنهن بحران جو شڪار آهي، اهو نه رڳو عدم استحڪام بلڪه ٽڪراءُ جي صورت اختيار ڪري سگهي ٿو،جنهن جو هڪ مثال سريلنڪا آهي جيڪو معاشي بحران کانپوءِ هاڻي سياسي ۽ رياستي بحران طرف وڌي ويوآهي. ماڻهو رستن تي آهن، دوائن ۽ کاڌي پيتي جي شين جي کوٽ آهي، جڏهن ته حڪومت مخالف مظاهرن ۽ جهڙپن ۾ شريڪ نوجوانن جو وڏو انگ سوشل ميڊيا ڪارڪنن جو آهي. ان سلسلي ۾ خان صاحب کي سادو سمجهڻ انتهائي بيوقوفي هوندي.
نئين حڪومت لاءِ ڪيترا ئي چئلينجز آهن، جتي آءِ ايم ايف جا ڪڙا شرط هڪ طرف ۽ مهانگائي ٻئي طرف، جڏهن ته بحرانن جو شڪار سياسي پارٽيون جنهن جي نازڪ ڪُلهن تي معيشت، سياست ۽ خان صاحب جي ڪارڪردگيءَ جو بار پڻ اچي پيوآهي.
حالتون اهڙي موڙ تي اچي پهتيون آهن جتي خان صاحب حالتون سڌرڻ نه ڏيندو ۽ نه ئي نظام کي هلڻ ڏيندو. رياست سوشل ميڊيا جي بلا جو شڪار بڻجي وئي آهي جڏهن ته ان کي خوف مان نڪري آئين ۽ قانون موجب فيصلا ڪرڻا پوندا.