owais tauheed

زرداري سياسي دوزخ جو مسافر

اويس توحيد چونڊمواد ليکڪ

اويس توحيد

قديم روايتن موجب ماڻهو قربانيءَ جي جانور تي هٿ ڦيري پنهنجا سمورا گناهه ان تي سوار ڪري کيس قربان ڪري ڇڏيندا آهن، آصف رزداريءَ جا سياسي گناهه هڪ پاسي ڇا؟ هو پيپلز پارٽيءَ جي گناهن ۽ غلطين کي کڻندڙ اهو قربانيءَ جو جانور ته نه آهي؟. مرتضى ڀٽو جي شهادت، صدر فاروق جي هٿان بينظير ڀٽو جي حڪومت جي برطرفي، ڪرپشن جا الزام، مرتضى ڀٽو جي مارجڻ بعد ڀٽي خاندان ۽ پارٽيءَ جي بنيادن جو لڏڻ، خاندان ۽ سياست جي ورهاست ٿيڻ ۽ ان بعد سازشن جا ڍير.

مرتضى ڀٽو جي بيوهه غنوى ڀٽو ۽ سندس ساٿين پاران مٿس قتل جا الزام، مون کي ياد آهي جڏهن آصف زرداريءَ کي گرفتار ڪري ڪراچي جيل ۾ منتقل ڪيو ويو هو ته محترمه بينظير ڀٽو جي ان سان پهرين ملاقات ٿي هُئي جنهن ۾ هو جيل جي سيخن پويان هيو ملاقات ۽ انتهائي جذباتي جملن جي ڏي وٺُ ٿي هُئي.

ان وقت محترمه بينظير ڀٽو زرداريءَ متعلق جن لفظن جو اظهار ڪيو هو اهي لفظ مون کي ياد آهن، محترمه چيو هو، ” ڏسو منهنجو ويچارو مڙس- سازشون هميشه منهنجي خلاف ٿينديون آهن ۽ وري جيل هن کي ڀوڳڻا پوندا آهن، يا ته پرائم منسٽر هائوس يا وري جيل ۾، بي بي جي پهرين دور حڪومت جي خاتمي تي زرداريءَ کي جيل ڀوڳڻو پيو هو.

زرداريءَ جي ڪردار کي چاچڻ لاءِ اسان کي سندس ماضيءَ جي زندگيءَ ۾ جهاتي پائڻي پوندي، زرداري تڏهن سياسي طور تي هڪ غير معروف خاندان جو هڪ کل مک نوجوان هوندو هو، ضيا جي دور ۾ سندس والد حاڪم علي زرداريءَ ڀٽي جي سياسي مخالف طور تي چونڊن ۾ حصو ورتو، ان بعد زرداريءَ جي ڀاڳ جو ڪڻو نڪتو. بي بي سان سندن شادي ٿي، لياريءَ ۾ شاندار تقريب ٿي، ڀٽي جي نياڻي جنهن کي هو پري سمجهندو هو، ان کي ڏسڻ لاءِ هو بيقرار هو، وڏين وڏين مڇن سان مٿي تي پٽڪو ٻڌل جيڪو بي بي لاءِ بلڪل به اجنبي هو ۽ ان سان شاديءَ جي رشتي ۾ ٻڌجڻ وارو هو، ڀٽي ۽ بي بي جي سحر ۾ مبتلا جيالن لاءِ زرداري بلڪل به هڪ اجنبي ماڻهو هو.

مون کي زرداري هميشه نفرت ۽ محبت ، اقتدار ۽ قيد خاني، سياسي ۽ ڪاروباري سفر جي وچ ۾ ٽنگيل نظر آيو، ۽ شايد زرداريءَ کي به اهو احساس سڄي زندگي اندر ئي اندر ۾ کائيندو رهيو.

منهنجي زرداريءَ سان ملاقات مير مرتضى ڀٽو قتل ڪيس جي حوالي سان ڪراچي سينٽرل جيل ۾ ٿيندي هُئي، هن هڪ دفعي پنهنجي مڇن کي وٽ ڏئي هڪ انتهائي مصنوعي مسڪراهٽ چهري تي آڻيندي چيو هو، ماڻهو تي پهريان غلط الزام هڻو، ان جي شخصيت تباهه ڪريو بعد ۾ ته شخصيت کي مارڻ آسان ٿي ويندو آهي.

عجيب اتفاق آهي جو 11 جو انگ ڀٽو خاندان ۽ بينظير ڀٽو لاءِ پراسرار آهي، ڀٽي جي شهادت جي يارنهن سالن بعد بينظير ڀٽو کي اقتدار ملڻ، زرداريءَ جو تقريبا 11 سال جيل ۾ رهڻ، 11 سال ضيا جو دور، 1985ع ۾ شاهنواز ڀٽي جو موت ۽ 11 سالن بعد 1996ع ۾ مير مرتضى ڀٽي جو ظالماڻو قتل ۽ ان جي 11 سالن بعد ئي بينظير ڀٽي جي شهادت پر اهو ڪنهن جي وهم ۽ گمان ۾ به نه هو ته زرداري جيڪو بينظير ڀٽي جي اقتدار لاءِ جوڙ توڙ ڪندو هو پاڻ ئي وري ملڪ جو صدر ٿي ويندو.

مون کي ياد آهي جڏهن مان محترمه جي شهادت بعد فاتح خوانيءَ لاءِ نئون ديرو ويل هيس ته اتي مون کي پيپلز پارٽيءَ جي بدلجندڙ مستقبل متعلق احساس ٿي چڪو هو مون ان وقت نادر مگسي، ذوالفقار مرزا، آغا سراج درانيءَ کي انتهائي غير معمولي طور تي سرگرم ڏٺو، مون پنهنجي سياسي دوستن ڊاڪٽر ايوب شيخ ۽ احمد شاهه سان ڳالهه ٻولهه پئي ڪئي ته ڇا زرداري ملڪ جو وزيراعظم ٿيندو يا صدر؟، ان وقت ئي ڪجهه دوستن هڪ پڪي راءِ ڏيندي چيو ته نه هو رڳو ملڪ جو صدر ٿيندو ۽ هو صدر ٿيڻ ۾ ئي دلچسپي رکي ٿو. اوهان زرداريءَ جي نفسيات کي سمجهو، هو ماڻهن جي نفسيات سان کيڏندڙ ماڻهو آهي، هو طاقت به چاهي ٿو ۽ ماڻهن کي پنهنجو سلامي به بنائن چاهي ٿو، هو ماڻهن جي ڏور هلائي انهن کي به هلائن چاهي ٿو ۽ سياسي راند کيڏڻ به چاهي ٿو.

… ۽ بعد ۾ وري ٿيو به ائين ئي زرداري ملڪ جو صدر ٿيو، ملڪ ۾ نوان اتحاد ٺهيا ۽ مفاهمتن جي دور جو آغاز ٿيو، نواز شريف سان مفاهمت، اسٽبلشمينٽ جي ڳڙهه پنجاب ۾ مفاهمت، پاڪستان کپي جو نعرو ۽ سنڌ ڪارڊ جي پس منظر واري سياست.

هو اسٽيبلشمينٽ سان اعتماد جو رشتو قائم رکيون پئي آيو ۽ پنهنجيون سياسي چالون به هلندو رهيو، هو اقتدار ۾ آيو ته ان آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي کي گهرو وزارت جي ماتحت ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جيڪو کيس ڪجهه ئي ڪلاڪن بعد واپس وٺڻو پيو، اها سندس اسٽبلشمينٽ جي طاقت ۽ برداشت کي چاچڻ لاءِ سندس ڪوشش هُئي.

حسين حقانيءَ جي آمريڪا ۾ سفير طور تي مقرري شايد آمريڪين سان سندس پاران متوازن لاڳاپا قائم ڪرڻ جي ڪوشش هُئي، ڪيري لوگر بل ۾ سويلين قيادت کي اختيارات ملڻ تي دٻاءَ کي منهن ڏيڻ، ان وقت پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشيءَ جو آمريڪا جو هنگامي دورو، زرداريءَ جي دور ۾ ئي سويلن ملٽري قيادت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ، زرداري مزاحمت کي آخري هٿيار طور تي استعمال ڪرڻ پئي گهريو ان ڪري ٽڪراءَ ٿيڻ جي صورتحال پيدا ٿيڻ نه ڏنائين، هُن ڪيانيءَ جي ملازمت واري دور ۾ توسيع ڪئي.

هو اسٽيبلشمينٽ جي نفسيات کي سمجهندي صورتحال کي جاچي پوءِ ئي پنهنجي سياسي چال هلندو هيو.

جڏهن ميمو گيٽ اسڪينڊل ٿيو ۽ صورتحال انتهائي ڇڪتاڻ واري ٿي وئي ته زرداري ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿي بيمار ٿي پيو ۽ وڃي دبئيءَ وسايائين، ميمو گيٽ اسڪينڊل ۾ سويلين حڪومت ڪمزور ٿي رهي هُئي، اسامه جي ايبٽ آباد ۾ مارجڻ بعد اسٽيبلشمينٽ دفاعي صورتحال ۾ اچي وئي هُئي، آمريڪا سان لاڳاپا بي حد خراب ٿي ويا هيا. انهيءَ وقت وزير اعظم گيلانيءَ کان رياست اندر رياست قائم ڪرڻ وارو بيان به ڏياريو ويو، هڪ هنگامي جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي، اهو پهريون دفعو هو جو ڪنهن سويلين حڪومت پنج سال پورا ڪيا هيا.

مان جڏهن ايوان صدر ۾ ٻين صحافي دوستن سان گڏ اندر داخل ٿيس ته هڪ پيرين اگهاڙو بابا هال ۾ شوڪارا ڀريندو رهيو، منهنجي زرداريءَ کان وڌيڪ اهم ملاقات ته ان بابا سان ٿي، ڪاري ٻڪري جو صدقو ۽ زرداريءَ جي گاڏي ايوان صدر مان نڪرڻ کان اڳ گاڏي جي چوڌاري شوڪارا هڻڻ ان بابا جو معمول هيو. ميمو گيٽ اسڪيندل دوران جڏهن سياسي ۽ فوجي قيادت وچ ۾ سخت ٽڪراءَ واري صورتحال هُئي تڏهن ان بابا ئي زرداريءَ کي اهو مشورو ڏنو هو ته اوهان سمنڊ لڳ ڪنهن جاءِ تي آرام ڪرڻ وڃو ان ڏينهن بعد ئي هُو ڪلفٽن ۾ بلاول هائوس منتقل ٿي ويو هو.

خير زرداريءَ جا ڪجهه غير معمولي قدم ۽ فيصلا به ضرور هيا جن ۾ سرحد جو نالو تبديل ڪري خيبر پختون خواهه رکڻ، وفاق کان صوبن ڏانهن اختيار منتقل ڪرڻ.

زرداريءَ ڪڏهن به عوام جي سياست نه ڪئي، هو ڪڏهن به هڪ پاپولر ۽ مشهور اڳواڻ نه رهيو هو، هو ڀٽي ۽ بينظير وانگر ڪڏهن به عوام کي طاقت جو سرچشمو نه مڃيندو هو، هو رڳو مفاهمت ۽ اقتدار جي سياست جو رانديگر هيو، ان جي پاليسين ڪري پارٽيءَ کي بي حد نقصان پيو، پنجاب ۾ پارٽيءَ جون پاڙون سڪي ويون، هُن سياسي جانشين طور تي بلاول کي چونڊيو ته صحي پر ان ڪڏهن به کيس دل سان پارٽيءَ جي قيادت سندس حوالي نه ڪئي، پاڻ ئي پارٽيءَ جون واڳون سنڀالي رکيائين ۽ اهو سمجهيائين ته هو ئي هاڻي پارٽيءَ کي وري اقتدار تائين پهچائيندو پر سندس اهڙو خواب چڪنا چور ٿي ويو.

گهٽ ۾ گهٽ هن وقت اسٽيبلشمينٽ جي قابل قبول هجڻ وارن ماڻهن واري فهرست ۾ نه آهي پر بلاول کي قبوليت جي نگاهه سان ڏٺو پيو وڃي. اسٽيبلشمينٽ سان دوستي هميشه نه هوندي آهي، بلوچستان حڪومت جو خاتمو، صادق سنجراڻيءَ جو سينيٽ جو چيئرمين ٿيڻ، زرداري اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد جو اوسيئڙو رهيو ڪرپشن جي ڪيسن جي ڍير هيٺ، صحت جي خرابي، قيد جون مشڪلاتون، زرداري هاڻي دٻڻ ۾ ڦاٿل نظر اچي رهيو آهي.

ضمانت تي صحي ڪرڻ کان انڪاري شايد سياسي دوزخ ۾ وڌيڪ زندگي گذارڻ نه ٿو چاهي پر تاريخ ۾ نالو لکرائن چاهي ٿو، شايد ڀٽي کي چاهيندڙن جي دل ۾ جاءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پر ڪرپشن ۽ ڪيسن جي دٻڻ ۾ وڌيڪ ڦاسندو پيو وڃي.

قديم روايتن ۽ بائيبل موجب قربانيءَ جو جانور اهو ئي هوندو آهي جنهن تي ماڻهو هٿ گهمائي پنهنجا گناهه ان تي سوار ڪري ڇڏيندا آهن ۽ پوءِ ويراني ۾ وڃي کيس قربان ڪري ڇڏيندا آهن.

زرداريءَ جا سياسي گناهه پنهنجي جاءِ تي پر ڇا هو پيپلز پارٽيءَ جي سياسي غلطين ۽ گناهن کي پٺيءَ تي کندڙ اهو قربانيءَ جو جانور ته نه آهي يا وري سمورا سياسي گناهه ان جي ڪلهن تي وڌا پيا وڃن.

زرداري تاريخ جو ولن ٿيندو يا سياسي رانديگر…اها ڪنهن کي خبر نه آهي…، بس زرداريءَ جو سياسي دوزخ جو سفر جاري آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *