جاويد مهر
ڪو اتفاق ڪري يا نه ڪري پر بدقسمتي سان انتهاپسندي جو لفظ ڄڻ ته مذهبي سوچ رکندڙ مسلمانن لاءِ مخصوص ٿي چڪو آھي، جيڪو به ڪاوڙجي ٿو، پنهنجي اندر جي باهه اهو چئي ڪڍي ٿو ته فلاڻو مولوي هينئن، فلاڻو مولوي هونئن، اها منهنجي ذاتي راءِ آھي, انهيءَ ڪري شروعات ۾ ئي چيم ته ڪو اتفاق ڪري يا نه، پر اهو هڪ مائنڊ سيٽ ٺھي چڪو آھي ۽ جيڪو اها ڳالهه نٿو مڃي، اهو ڀلي ڪيترو به روشن خيال سڏائي، منهنجي نظر ۾ انتها پسند سوچ جو مالڪ آھي، خبر ناهي ته انتهاپسند جي تشريح يا وضاحت ڇا آھي، پر ناقص راءِ اٿم ته انتها پسند اهو آھي، جيڪو رڳو پنهنجي سوچ کي صحيح سمجهي، ان کي ٻين تي زوري مڙهڻ چاهي يا وري ائين کڻي چئجي ته پنهنجي ضد تي هر حال ۾ قائم رهي، پوءِ اها سوچ غلط ئي ڇو نه هجي.
اسان هتي ڪنهن گهٽ پڙھيل ملان کي سولائي سان انتهاپسند چئي سينو تاڻي وڏيون ڳالهيون ڪندا آھيون، جنهن دوران انهن عالمن کي به گهٽ وڌ ڳالهائي وڃون ٿا، جيڪي اسلام جي صحيح ترجماني ڪندي حضور پاڪ جي آخري خطبي تي هلڻ جي هدايت ڪن ٿا، جنهن سان شايد ئي ڪو روشن خيال اختلاف ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته آخري خطبي ۾ انسانيت جي حوالي سان تمام وڏو پيغام ڏنل آھي، پر بدقسمتي سان روشن خيالن ۾ پيدا ٿيل انتها پسند، بلڪل اهڙي سوچ اختيار ڪري ويا آھن، جيڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن گهٽ علم رکندڙ مُلن، عالمن يا گهٽ پڙھيل ماڻھن جي آھي.
ڪوبه مذهب انسانيت جي تذليل، غلط ڪمن، فحاشي يا نشي جي اجازت نٿو ڏئي، اهو به هر مذهب ۾ درس ڏنل آھي ته جيڪڏھن ڪو غلط ڪم ڪري ٿو ته ان جي گهر ڀاتين، مٽن مائٽن، پاڙيوارن يا دوستن بدران ان فرد جي مذمت ٿيڻ گهرجي، جنهن جو ڏوهه آھي، پر ٺري مير واهه واقعي تي جنهن نموني استادن جي سوشل ميڊيا تي بي عزتي ڪئي وئي آھي، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته اسان وٽ روشن خيال به پنهنجي موقف ۾ انتهاپسند ٿي ويا آھن، سارنگ شر هڪ فرد آھي، پر سندس ڪڌي عمل ۾ جيئن پيغمبري پيشي جي توهين ۽ شر برادري کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، ان سان ڪنڌ جهڪي ويا آھن ته اسان ايترو به هيٺ ڪري سگهون ٿا.
جيتوڻيڪ ڪجهه ڏينهن کان ان سوچ خلاف مزاحمت ٿي آھي، پر شروعات ۾ جيڪو ردعمل سامهون آيو، ان مهل جيڪڏھن فرد جي بنياد تحت رڳو سارنگ شر جي عمل کي ننديو وڃي ها ته اهڙي نوبت پيش ئي نه اچي ها. انهي ڪري سوشل ميڊيا تي چوندا پيا اچون ته ٻيلي مدرسي ۾ پڙهائيندڙ بدافعالي، ڪرپٽ ۽ انتها پسند سوچ رکندڙ ڪنهن ملان جي عمل کي هڪ فرد جو عمل سمجهڻ گهرجي، جنهن کي سمورن عالمن يا اسلام سان ڳنڍڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ گهرجي. حيرت ٿي ته سارنگ شر جيڪو هن مهل استاد ناهي رهيو ۽ هو رٽائر ٿي چڪو آھي، ان جي ڪڌي عمل کانپوءِ چڱن ڀلن پڙهيل لکيل ماڻھن جي وڏي انگ اهڙا مطالبا ڪيا ته اسڪولن مان مرد استادن کي هٽائي رڳو عورت ٽيچر مقرر ڪيون وڃن.
منهنجي نظر ۾ اهو موقف به انتها پسنديءَ تي ٻڌل سوچ وارو آھي، ڇاڪاڻ ته شايد ئي دنيا جو ڪو اهڙو ملڪ هجي جتي رياستي اسڪولن ۾ رڳو ليڊي ٽيچرز ئي پڙھائينديون هجن ۽ هونئن به اهڙي تجويز اهڙي مسئلي جو حل ناهي. اصل ڳالهه اهڙن ڪريل واقعن جي هميشهه لاءِ رستا روڪ لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ جي آھي. ڪجهه ڏينهن اڳ اخبارن ۾ ھڪ ڇرڪائندڙ خبر شايع ٿي هئي ته ڀارت ۾ ھڪ ٽي وي نيوز چئنل جي ذميوار عهديدار آفيس جي چئن پنجن عورت ملازمن سان جنسي لاڳاپا قائم ڪري مختلف وقتن تي سندن لڄالٽ ڪندو رهيو، جنهن کي گرفتار ڪيو ويو هو، هاڻي ڇا ان مسئلي جو حل اهو آھي ته ان چئنل مان مردن کي ڪڍي رڳو عورتون ڀرتي ڪيون وڃن.
ائين ته هر شعبي ۾ ابتا سبتا ڪم ٿين ٿا، هر هند سارنگ شر واري سوچ جا مرد ويٺل به آھن، آخرڪار توهان ڪٿان ڪٿان مردن کي هٽائي عورتن کي مقرر ڪندئو ۽ ڇا اها انهن اڪثريت رکندڙ مردن سان ناانصافي نه هوندي، جيڪي هاڪاري سوچ رکن ٿا. ان ڪري اسان کي پنهنجي اصلاح ڪرڻي پوندي، سوچ کي بهتر بڻائڻو پوندو. گهرن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن سان به ڪيترائي اهڙي قسم جا واقعا پيش اچي چڪا آھن، ڇا ان جو حل ڪنهن مرد گهر ڀاتي کي نيڪالي ڏيڻ آھي، نه…بلڪل نه، اچو ته مستقل ۽ جٽادار حل ڏانهن هلون.
مٿي ذڪر ڪيل ڪجهه واقعن بعد مون اها راءِ قائم ڪئي آھي ته اهڙن فردن لاءِ سخت کان سخت سزا جو مطالبو ٿيڻ گهرجي. مون لفظ فردن استعمال ڪيو آھي، انهي ڪري جيڪي ملان مدرسن ۾ اهڙو ڪم ڪن ٿا، انهن کي به عبرت جو نشانو بڻايو وڃي، پر هتي وري انتها پسند سوچ کان ڪم وٺندي سمورن مدرسن تي آڱر کنئي وڃي ٿي، ڪنهن خانگي اسڪول ۾ هڪ عورت استاد ڪجهه نوجوان ڇوڪرن سان جنسي لاڳاپا قائم ڪري کين بليڪ ميل ڪندي هئي، ڇا ان سان سڄو اسڪول خراب ٿي ويو، بلڪل نه، سو انهيءَ ڪري ادارن بدران خراب ۽ اڻوڻندڙ فردن جي نشاندهي ڪيو، جڏھن اسان اها سوچ اختيار ڪنداسين ته يقينن اها اصل روشن خيالي هوندي. اچو ته سارنگ شر کي سزا ڏياريون، جيستائين معاشري ۾ سزا ۽ جزا جي عمل کي هٿي نه وٺرائي ويندي، تيستائين مسئلا حل نه ٿيندا، انهيءَ ڪري موت واري سزا تي اعتراض ڪرڻ بدران ان جي حمايت ڪرڻ گهرجي نه ته قائد آباد جي ريلوي مارشلنگ ڪالوني جي خديجه بتول کوکر، ڀٽائي آباد جي ڪائنات شاهه، پير ڳوٺ ۽ ٺري ميرواهه جهڙا واقعا ٿيندا رهندا.