سالن کان روزانو اها هاڻي مشڪري ٿي پئي آهي ته، ڪير، ڪيلي جي کل تان ترڪي، مينهن جو پاڻي، گند ڪچرو روڊ تي گڏ ٿئي يا ٽريفڪ جام ٿئي، مخصوص ميڊيا ۾ ويٺل طوطن کان وٺي، ڪجهه منافق نام نهاد شهري” سياستدان ۽ دانشور رودالي طبقو ڪن تي هٿ رکي، اڳ پٺ ڏسڻ کانسواءِ شروع ٿي ويندا ته ڪراچي کي الڳ ڪريو، ڏکڻ صوبو ٺاهيو، سنڌ کي ٻه حصا ڪريو.
اهو سلسلو 1947ع کان شروع ٿيو، نواب مظفرجي سوچ ۽ ايم ڪيوايم جي ٺهڻ سان اڃان وڌي وئي ۽ اڄ تائين جاري آهي. سنڌي جيئن ته پنهنجي وطن جي معاملي ۾ ڏاڍا حساس آهن، ڪنهن به طرف کان ٿيندڙ اهڙي حرڪت تي هر طرف کان ”هلان“ ٿئي، ”نه ويندين“ ”آيو، آيو“ ”پهتو“ جا آواز، سدائون گونجي اٿن ٿيون. ايئن محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ سنڌ وري جديد ارغونن، ترخانن جي دور ۾ هلي آئي آهي. ارغونن، ترخانن جي ظالماڻي دور ۾ به سنڌ کي حصن ۾ ضرور ورهايو ويو هو پر اها هڪ ملڪ جي صورت ۾ ايئن ئي موجود هئي جيئن اڄ آهي. اهڙيون ڳالههيون ڪري سنڌي ماڻهن کي چيڙايو، مڇرايو وڃي ٿو ته جيئن هو ڪو انتهائي قدم کڻن ته انهن خلاف ڪارروائي جو وجهه، سبب ملي پوي. پر سنڌي ماڻهن هميشه پنهنجي اجتماعي ڏاهپ ذريعي، پنهنجي “جاڳيو هجڻ” جو ثبوت ضرور ڏنو آهي پر، ڪنهن به هوڙيائي، اٻهرائپ، نسلي وحشت کان پري رهيا آهن. ۽ وفاقي جمهوري سياست جو دڳ نه ڇڏي، سازشي قوتن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي.
پر هاڻي هي روزانو، سنڌ ٽوڙڻ جي ڀنڊي، مخصوص ميڊيا پاران، “سنڌ اور ڪراچي” جي نفرت انگيزلفاظي، ايئن آهي جيئن ڪير ڪنهن کي تڪليف ڏئي مزو وٺندو هجي. سنڌي ماڻهن جو پنهنجي وطن جي باري ۾ حساس هجڻ انساني فطرتي ڳالهه آهي پر هاڻ ان ڳالهه کي تماشو بڻايو ويو آهي. توڙي جو سنڌ اسيمبلي ان سلسلي ۾ قرارداد به منظور ڪري چڪي آهي ته سنڌ ۽ ڪراچي کي الڳ ڪري نه لکيو وڃي پر مخصوص ميڊيا ۾ ويٺل ذهنيت پنهنجي حرڪتن کان مڙڻ جا نه آهن.
هڪ بل، نيوزپيپرز، نيوز ايجنسيز، پريس بڪ ايڪٽ، سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ٿيڻ جي مرحلي ۾ آهي. ان حوالي سان گذريل يا موجوده سنڌ اسيمبلي ۾ حڪومتي ڌر جڏهن ان بل کي اسيمبلي مان پاس ڪرائڻ پئي وئي ته ان ۾ ڪجهه شقن تي اعتراض هجڻ ڪري روڪرايو ويو هو. ان بل کي اسيمبلي ۾ پيش ٿيڻو آهي. هاڻوڪي اطلاعات جي صوبائي وزير سعيد غني ۽ حڪمران پارٽي جي سرڪرده پارليماني اڳواڻن کي مون ذاتي طور به پنهنجون ڪجهه گذارشون رکيون آهن، ۽ هاڻي هن اخبار ذريعي به سندن آڏو هڪ تجويز به رکان ٿو.
سنڌ کي ورهائڻ جي ميڊيا ۾ ڳالهه ڪرڻ جي حوالي سان ڀلي سنڌ حڪومت ، حڪمران پارٽي اعتراض به ڪري پر ڪنهن جي خلاف ڪا قانوني ڪارروائي نه ٿي ڪري سگهي. ڇو ته ان سلسلي ۾ ڪا قانونسازي موجود ئي ناهي. توڙي جو سنڌ اسيمبلي ارڙهين ترميم کانپوءِ سڀني صوبائي اسيمبلين کان وڌيڪ قانونسازي ڪئي آهي پر، هن روز جي شرارت کان جند ڇڏائڻ لاءِ قانونسازي ضروري آهي.
ان حوالي سان مان 2010 ع ۾ پنجاب حڪومت پاران جاري ڪيل آرڊيننس جي تعريف ڪرڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگهان ته هنن، ميڊيا، پريس جي حوالي سان جاري ڪيل آرڊيننس ۾ هڪ جرئت منداڻي شق شامل ڪئي هئي. توڙي جو تاريخي حوالي سان پنجاب جو معاملو سنڌ کان مختلف آهي. سرائيڪي وسيب جا علائقا رنجيت سنگهه کان اڳ ڪڏهن به پنجاب جو حصو نه رهيا آهن، پنجاب جي ڀيٽ ۾ انهن جو تعلق سنڌ سان ويجهو رهيو آهي. پران هوندي به پنجاب جي پريس بابت آرڊيننس ۾ شامل ان شق سان سان ڪو به اختلاف نه آهي ، جنهن به اهو آرڊيننس ڊرافٽ ڪيو ان کي سلام ضرور آهي ته هنن پنهنجي صوبي جي حوالي سان اهڙو آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيوهو.
نيوز ايجنسيز،پبليڪيشنس اينڊ پرنٽنگ پريس آرڊيننس پنجاب 2010 جي آرٽيڪل 4 جي شق بي ۾ شامل آهي ته ڪابه اخبار، نيوز ايجنسي يا پريس اهڙو ڪو مواد ڇپيندي يا شايع نه ڪندي جيڪو “ پنجاب جي سلامتي، حرمت، حڪمراني، تصور، لاءِ خطري ۽ نقصان جو سبب نه بڻجي” هن شق جي انگريزي پڙهڻي به هتي ڏجي ٿي.
“Any material that is likely jeopardizes or be prejudicial to the ideology of Punjab or the sovereignty, integrity or security of Punjab”
پنجاب حڪومت پاران منظور ڪيل نيوز ايجنسي، پبليڪيشن ۽ پرنٽنگ پريسز آرڊيننس 2010ع جو عڪس
ڪنهن به صوبي کي اهڙي قانون ٺاهڻ جو حق آهي، جيئن اهڙو حق پنجاب استعمال ڪيو آهي، ان جي تعريف ۽ حمايت ڪجي ٿي. هاڻي ان جي حوالي سان پنجاب حڪومت ڪنهن به اخبار، نيوزايجنسي ۽ پريس تي قانوني قدم کڻي سگهي ٿي. پر سنڌ ۾ اهڙي قسم جي ڪابه قانونسازي موجود نه آهي جيڪا سنڌ جي سلامتي، حرمت، حڪمراني ۽ تصور،(آڊيالاجي) کي نقصان پهچائيندڙ ڪنهن به حرڪت کي قانوني طور روڪي سگهي. ان ڪري منهنجي تجويز آهي ته، سنڌ حڪومت نيوزپيپرز، نيوز ايجنسيز، پبليڪيشن پريس جي قانونسازي لاءِ بل سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪري ته اها شق ان ۾ شامل ضرور ڪري، ته جيئن سنڌ ٽوڙڻ، ڪراچي ۽ سنڌ جو جملو استعمال ڪندڙن تي قانوني قدم کڻڻ جو حڪومت وٽ اختيار هجي. عدالتون ان حوالي سان ڪو ڪيس به ٻڌي سگهن.
اهو انڪري به ضروري آهي جو وفاقي اداري پيمرا، جيڪو هر ننڍي وڏي ڳالهه تي چينلز کي نوٽيس جاري ڪري ٿو، ڏنڊ وجهي ٿو، سنڌ جي حوالي سان مخصوص ٽي وي چينلز تي ٿيندڙ مشڪري ۽ مذاق، توهين تي ڪڏهن به نوٽيس ناهي ورتو. سنڌ حڪومت جو اهو حق آهي ته قانون ۾ اهڙي شق شامل ڪري جيڪا پنجاب حڪومت پاران 2010 ع ۾ آرڊيننس جاري ڪري لاڳو ڪئي وئي هئي. ان حوالي سان سنڌ اسيمبلي جا ميمبر پنهنجو ڪردار ادا ڪن.