asma shirazi

خوش نصيب حڪمران، بدنصيب عوام

عاصمه شيرازي ليکڪ

عاصمھ شيرازي

پھريون اکر سوچڻ،لکڻ ۽ چوڻ ڪيترو نھ ڏکيو آھي،سوچ جي جھولي مان نڪرندڙ اکر حرمت جي ساھمي کڻي پيدا ٿئي ٿو،حرف قلم مان نڪرندو آھي ۽ سوچ ذھن ۽ دل مان ۽ دل جو مڪالمو لفظ آھي.

قلم جو قسم لفظ جي اھميت کي وڌائي ٿو ڇڏي، سو معمولي جنبش محرم کي مجرم ۽ مجرم کي محرم بڻائي ڇڏيندي آھي.وقت جي گھرج آھي تھ سچ لکيو وڃي، ڇاڪاڻ جو حالتون غير معمولي آھن،معاملا سمجھڻ جوڳا پر لکڻ جوڳا ناھن. پياري ملڪ کي مالي،معاشي آزادي تھ ڪڏھن بھ نھ ملي ھئي پر ھاڻي معاشي غلامي جي جنھن زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آھي،ان جو ذميدار ڪير آھي ؟ سوال تلخ آھي ۽ حقيقتن کان عوام کي آگاھھ ڪرڻ ضروري آھي.

سوويت يونين ڪيئن ٽٽو ۽ افغانستان ھن حال ۾ ڪئين پھتو، ايران جي اقتصاديات کي ڌڪ ڪنھن ھنيو جڏھن تھ بنگلاديش ترقي جي منزل ڪيئن طئي ڪري ويو ۽ انڊيا جي پرڏيھي ناڻي جي مٽا سٽا کربن جا ذخيرا ڪيئن بڻايا،ان جي لاءِ نھ تھ ڪنھن تحقيق جي ضرورت آھي ۽ نھ ئي ڪنھن مخصوص نظريي جي سواءِ ان جي تھ اسان ڄاڻون تھ رياستون جمھوريت ۽ سياسي استحڪام سان معاشي مضبوطي ۽ جاگرافيائي سلامتي يقيني بڻائين ٿيون.وڏن قرضن ۾ جڪڙيل نھ تھ اسان آزادي حاصل ڪري سگھون ٿا نھ ئي ”ايبسيليوٽلي ناٽ “ اسان کي غلامي مان نجات ڏياري سگھي ٿو.

”اسان ڪو غلام آھيون “ جو نعرو نھ تھ اسان کي اربين ڊالرز جي قرضن مان نجات ڏياري سگھي ٿو ۽ نھ ئي ”حقيقي آزادي“ پليٽ ۾ رکي حاصل ڪري سگھجي ٿي ان جي لاءِ بينڪ دولت پاڪستان ۾ گھربل ذخيرا ھئڻ گھرجن جيڪي موجود نھ آھن ۽ کيسو بھ اھڙو ڦاٽل آھي جيڪي سڪا ايندا سي بھ نڪري ويندا.

معيشت ڪڏھن بھتر ناھي رھي پر موجودھ صورتحال ڳڻتي جوڳي آھي،عوام مھانگائي جو ستايل آھي ۽ معمولي شيون بھ عام ماڻھون جي پھچ کان پري ٿي ويون آھن. نھ تھ ڪالھھ ماکي ۽ کير جون نديون پئي وھيون نھ ئي ھاڻي اٽو، لٽو ۽ اجھو عوام جي رسائي ۾ آھي،پر حالتون ايتري قدر خراب ھونديون اھو وھم و گمان ۾ بھ نھ ھو. افواھن جي بازار گرم آھي ۽ موجودھ بي يقيني کي ختم ڪرڻ ۾ حڪومت يا تھ قطعي دلچسپي نھ پئي رکي يا وري اھا بي چيني کي سمجھڻ جي صلاحيت کان محروم آھي.

ھڪ پاسي سوويت يونين جامثال تھ رياست جي ايڪائين پنجاب، ڪي پي ڪي، آزادڪشمير ۽گلگت بلتستان پاران معاشي مطالبي پوري نھ ٿيڻ جي صورت ۾ وفاق تي چڙھائي جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.هر سطح تي هر قسم جي ورهاست شدت اختيار ڪري رهي آهي ته ٻئي طرف الهندي سرحدن تي عدم تحفظ جو انديشو وڌي رهيو آهي. تحريڪ طالبان پاڪستان ٻيهر اڀري چڪي آهي ۽ اي اين پي جي اڳواڻ ايمل ولي خان کي تازيون ڌمڪيون هڪ غير معمولي خطري ڏانهن اشارو ڪن ٿيون، جنهن جو بروقت احساس ضروري آهي.

ڪمزور معيشت جو خوف رياست لاءِ هڪ ڀوائتو خواب آهي، ته وري اندريون بحران هڪ تلخ حقيقت آهي، ان وچ ۾ نفسياتي جنگ جو مقابلو رياست ۽ عوام کي گڏجي ڪرڻو پوندو، پر سياسي ويڇا آھن جيڪي وڌي رهيا آهن.اسان نھ تھ سوويت يونين آهيون، ۽ نه ئي اسان جون پاليسيون پروسترائيڪا (گهٽ حڪومتي ڪنٽرول) ۽ گلاسنوسٽ (شفافيت ) جون معاشي پاليسيون ٿي سگهن ٿيون.

اسان هڪ جمهوري ملڪ هئاسين ۽ آمريت ۽ ڪنٽرولڊ جمهوريت جي باوجود به عوامي سطح تي جمهوري سماج آهيون. ڪنھن معاشي بحران يا سانحي جا منتظر موقعي پرست ياد رکن ته انهن جا سياسي مفاد به رياست سان جڙيل آهن.

هن وقت حڪومت ۾ 9 سياسي جماعتون شامل آھن،جنھن ۾لساني، مذهبي، علائقائي ۽ قومي پارٽين جي نمائندگي آھي ۽ ھي بنا مبالغي موجوده تاريخ جي واحد حڪومت آهي جنهن ۾ سڀ پارٽيون پنهنجي نظرياتي اختلافن جي باوجود آئين جي هڪ ئي صفحي تي متحد آهن. ان کي سياسي مجبوري چئو يا رياستي ضرورت، پر هاڻي انهن کي عوام جي اميدن ۽ رياستي ضرورتن تي پورو لهڻو آهي.ڪيسن جي پنجي مان آزاد ٿيندڙ خوش نصيب حڪمران بدنصيب عوام کي صرف دلاسا ڪيستائين ڏيندا؟

موجوده معاشي صورتحال جي گھرج تھ اھا ئي آھي تھ حڪومت پارليامينٽ جي پليٽ فارم تي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس گهرائي جنهن ۾ عمران خان کي به دعوت ڏني وڃي ۽ موجوده مسئلن تي اعتماد سان فيصلا ڪيا وڃن.

ساڳئي وقت معاشي بحران جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ لاءِ هڪ ’ٽرٿ ڪميشن‘ به ٺهڻ گهرجي جيڪا عوام کي آگاھھ ڪري تھ اهو ڪهڙين معاشي پاليسين ۽ ڪهڙين شخصيتن جي ڪري اڄ ان مقام تي پھتو آھي،جتي اڳيان کائي ۽ پٺيان سمنڊ آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *