قاضي آصف
سينئر پارليامينٽرين، قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳوڻو اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه کي نيب پاران ان وقت گرفتار ڪيو ويو. جڏهن هو چيئرمين سينيٽ جي سربراهي ۾ ڪنوينشن سينٽر ۾ پارليامينٽرين جي ٿيندڙ ڪانفرنس لاءِ گهران نڪتو. قومي اسيمبلي جو اجلاس هلندڙ آهي. ان وچ ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
مٿس الزام آهن ته هن جون ملڪيتون آمدني کان وڌيڪ آهن ۽ هڪ خيراتي پلاٽ جي نوعيت تبديل ڪرائي هئي. نيب سکر پاران کيس اڄ کيس سکر جي آفيس ۾ سڏايو ويو هو پر قومي اسيمبلي جي اجلاس سبب هو اسلام آباد ۾ هو.
خورشيد شاهه جي گرفتاري جون ڳالهيون گهڻن ئي ڏينهن کان هلي رهيون هيون ۽ ڪالهه اربع ڏينهن انهن ڳالهين کي عملي شڪل ملي وئي. تحريڪ انصاف جي موجوده حڪومت ۾ هي آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کانپوءِ سنڌ جو ٽيون سياسي ليڊرهو جنهن کي اسلام آباد ۾ گرفتار ڪيو ويو.
عمران خان جي حڪومت ۾ سياسي رهنمائن کي گرفتار ڪرڻ جي روايت جاري آهي. اڳتي هلي ڏسجي ته ڳالهه ڪٿي ٿي دنگ ڪري.
خورشيد احمد شاهه تي الزام گهڻا ئي آهن، جيڪي سندس سياسي مخالف مٿس لڳائيندا رهن ٿا. پر سياسي الزام به مٿس الاهي آهن. ڪنهن کي ياد هجي ته جڏهن نوازشريف حڪومت ۾ عمران خان ۽ طاهرالقادري ڊي چوڪ تي ڌرڻا لڳايا هئا، ان دوران، خورشيد شاهه قومي اسيمبلي ۾ قائد حزب اختلاف هو، هو عمران خان، شاهه محمود قريشي سميت ٻيا به قومي اسيمبلي جا ميمبر هئا. قومي اسيمبلي ۽ پي ٽي وي جي عمارتن تي حملا ٿيا. ان وقت، مخالف ڌر جو قائد هوندي به خورشيد شاهه حڪومت کي مشورو ڏنو ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرايو وڃي. اهو اجلاس گهرايو ويو هو. هڪ طرف اسيمبلي کان ٻاهر عمران خان ۽ طاهرالقادري جو احتجاج هلندڙ هو، ته قومي اسيمبلي اندر پارليامينٽرين خطاب ڪري رهيا هئا ته سسٽم کي ڪيئن بچائجي.
سياست تي نظر رکندڙن جو اهو رايو آهي ته نواز شريف جي اها حڪومت پارليامينٽرين جي متحد ٿيڻ، ۽ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي ڪري في الحال بچي وئي هئي ۽ نواز شريف کي اهڙي طرح نه هٽائي سگهيا ته عدالت ۾ ڪيس کڻي وڃي، کيس هٽرايو ويو پر، مسلم ليگ (ن) جي حڪومت برقرار رهي، مدو پورو ڪيو.
پارليامينٽري روايتن کي برقرار رکڻ ۽ ”ڪنهن جي پلان” کي ناڪام بڻائڻ ڪو گهٽ گناهه ته ناهي!!؟ جيڪڏهن ڪنهن کي ياد هجي ته انهن ڏينهن ۾ قومي اسيمبلي ۾ ڪهڙيون تقريرون ٿيون هيون، سسٽم کي بچائڻ لاءِ ڇا، ڇا چيو ويو هو!!؟ اها ڳالهه ڪنهن کي وڻندي.
2018 جي چونڊن کانپوءِ جڏهن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي چونڊ ٿي رهي هئي ته پيپلزپارٽي پاران، خورشيد شاهه کي اسپيڪر لاءِ اميدوار بڻايو ويو هو. انهن ڏينهن ۾ اتفاق سان مان به اسلام آباد ۾ ڪنهن ميڊيا ڪانفرنس ۾ ويل هوس. دوستن ٻڌايو پئي ته خورشيد شاهه کي پارٽي قيادت هدايت ڪئي هئي ته مهم ۾ هلڪو هٿ رکي، نه ته هو ايڏو مضبوط اميدوار هو جو ، جيڪڏهن سندس پارٽي سنجيدگي سان مقابلو ڪري ها ته خورشيد شاهه، تحريڪ انصاف کي ڏکيو پئجي ويو هو، ۽ گيم پلان پهرئين ئي مرحلي ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي ها.
انهن ئي ڏينهن ۾ اهي به خبرون عام هيون ته پارٽي قيادت خورشيد شاهه مان سان ڪجه ناراض آهي، اها ناراضگي پارٽي جي ڪجهه فيصلن تي ٿي هئي. اها هڪ حقيقت آهي ته خورشيد شاهه ۽ رضا رباني سميت ڪجه ٻيا پارليامينٽرين، پيپلزپارٽي جي هڪ بهترين سڃاڻپ بڻجي اڀريا آهن. انهن جا پارليمنٽ ۾ رويا غير جمهوري قوتن لاءِ قابل قبول ڪيئن ٿي پئي سگهيا!!؟
ويجهڙ ئي علي محمد مهر جي لاڏاڻي سبب خالي ٿيل سيٽ تي پيپلزپارٽي جي اميداوار جي ڪاميابي، ڪا معمولي ڳالهه ته ناهي، جنهن سان تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي ۾ هڪ وڌيڪ سيٽ کان محروم ٿي وئي. ان سڄي صورتحال ۾ سموري پيپلزپارٽي جون ڪوششون هيون پر، اهو تڪ خورشيد شاهه جي ڀرسان ۽ اثر رسوخ وارو تڪ هو. ان ۾ به سندس ڪارڪردگي غيرمعمولي رهي.
خورشيد شاهه سان ڪنهن جا به سياسي اختلاف ٿي سگهن ٿا، اهو جمهوريت جو حصو آهي، پر جنهن ڪيس ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو آهي اهو، جيڪڏهن لاڳو ڪجي ته تحريڪ انصاف سميت ڪيترين ئي پارٽين جا پارليمنٽرين بچي نه سگهندا. پر جيئن ته حڪومت جا پنهنجا مقرر ڪيل ٽارگيٽ آهن، ان تحت هو هلي رهيا آهن.
ڪيڏو نه عجيب آهي ته سرحدن تي ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي، حڪومت هتي ملڪ اندر ميڊيا ۽ سياسي مخالفن کي ”فتح“ ڪرڻ ۾ پنهنجي ڪاميابي تصور ڪري ٿي. اڱاري ڏينهن وفاقي وزير اطلاعات فردوس عاشق اعواڻ، ميڊيا لاءِ ٽربيونلز قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ان جو سادو سبب نه رڳو ميڊيا کي وڌيڪ سوڙهو ڪرڻ هو پر، حڪومت مخالف راين ۽ تجزين جا به آواز بند ڪرڻ آهي. اڃا ان تي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي هئي ته اربع ڏينهن پنهنجي هڪ سياسي مخالف کي اهڙي الزام ۾ بند ڪيو ويو جنهن جي اڃان جاچ هلي رهي آهي.
خورشيد احمد شاهه جي گرفتاري کانپوءِ پيپلزپارٽي شايد پنهنجي حڪمت عملي ۾ تبديلي آڻي، جو خورشيد شاهه جي گرفتاري کانپوءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي گرفتاري به شايد رڪجي نه سگهجي. مولانا فضل الرحمان جي اسلام آباد لاڪ ڊائون جي مخالفت ڪندڙ پيپلزپارٽي به شايد خورشيد شاهه جي گرفتاريءَ کانپوءِ پنهنجي رويي ۾ تبديلي آڻي ۽ ڪو مختلف فيصلو ڪري.
سياسي تجزيي نگار ان ڳالهه تي متفق آهن ته، سياسي اڳواڻن جون هي گرفتاريون، ڪرپشن جي الزامن، ڪرپشن ختم ڪرڻ کان وڌيڪ، سياسي پارٽين کي سگهارين ڌرين طرفان پنهنجي شرطن تي آڻڻ لاءَ مجبور ڪرڻ لاءِ آهن.
خورشيد شاهه جي گرفتاري بهرحال پارليماني تاريخ ۾ هڪ وڌيڪ اڻ وڻندڙ باب هوندي. ان کان اڳ، ٻه اڳوڻا وزيراعظم، هڪ اڳوڻو صدر، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سميت ڪيترائي اڳوڻا وفاقي وزير جيل اندر نيب جي ور چڙهيل آهن. اهو سمجهڻ ڪو ڏکيو ناهي ته حڪومت جنهن پاليسي کي پنهنجي ڪاميابي سمجهي رهي آهي، اصل ۾ اها سندس رستو کٽائي رهي آهي . سو خورشيد شاهه جا “ڏوهه” ته گهڻا ئي آهن، ان کي ته گرفتار ٿيڻو ئي هو.