ابراھيم ڪنڀر
عمران خان جو بي مقصد مارچ ختم ٿي ويو، ملڪ ۾ افراتفري، ڏُڦيڙ،رتوڇاڻ ۽ خوني انقلاب جي خوف جا ڪڪر ڇڊيا ٿي ويا آھن، اصل ۾ عمران خان جي مارچ جي ڪري انھي قسم جو ڪو خوف نہ ھو پر ففٿ جنريشن وار کي بنياد بنائي مثبت خبرون ھلائڻ وارن قوتن جيڪو پلان ٺاھيو ھو انھن جي ڪجھ ڪردارن ۽ انھن جي ترجمانن اھڙي پروپگنڊا ڪئي ھئي تہ جيڪڏھن تحريڪ انصاف جا لکن جي انگ ۾ ڪارڪن اسلام آباد پھچي ويا تہ بس ڍينگو ڍيري ٿي ويندو، انھي ۾ ڪو شڪ ناھي تہ ماڻھن جا انبوھ جڏھن ڇڙواڳ ٿي وڃن،ائين شھرن اندر ڪاھي پون تہ انھن کي ڪير روڪي نٿو سگھي پر ھن ڀيري اھا صورتحال نہ ھئي انھي کانپوءِ عمران خان جي 2014ع واري احتجاج ۽ ھاڻوڪي احتجاج ۾ ڏينھن رات جو فرق ناھي، ھتي عمران خان جي موجودگي ۾ ماڻھن جو گڏ ٿيڻ، وڏا جلسا ٿيڻ، ماڻھو طرفان عمران خان جي تقرير ٻڌڻ يا سندس جھلڪ پسڻ جي بيتاب ٿيڻ وارين حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگھجي پر انھي فرق کي بہ سمجھڻ ضروري آھي تہ وزيرآباد حملي کانپوءِ جڏھن عمران خان زخمي ٿي شوڪت خانم ۽ انھي کانپوءِ زمان پارڪ جي گهر ۾ بند ٿي ويھي رھيو تہ انھي جي لانگ مارچ سان ڪھڙي جٺ ٿي، جيڪڏھن ڪا سياسي پارٽي ھجي ھا تہ انھي جي سيڪنڊ ليڊر شپ يا قيادت جو ٽيون جٿو انھي مارچ کي پنھنجي سربراھي ۾ پنھنجي منزل ڏانھن وٺي اچي ھا پر ھتي اڃان اھو ئي بحث ختم نٿو ٿئي تہ عمران خان سياسي ليڊر آھي يا سيلبريٽي شخصيت آھي؟لازمي ناھي ھر ھيرو سياسي ھيرو ھجي، جيڪڏھن ڪنھن کي فن سياست نٿو اچي تہ انھي کي تسليم ڪرڻ گهرجي، عمران خان ھيستائين ثابت ڪيو آھي تہ نہ ھو پاڻ کي ڪامياب سياسي ليڊر ثابت ڪري سگھيو آھي نہ وري قابل حڪمران ثابت ڪيو آھي، جيڪڏھن 2011ع واري لاھوري جلسي کان وٺي راولپنڊي واري لانگ مارچ ٽائيپ جلسي تائين سمورن واقعن جي ڪڙي ڪڙي سان ملائي اھو نتيجو ڪڍي سگھجي ٿو تہ جيڪڏھن عمران خان بنا سگھارين قوتن جي مدد کان سواءِ ڪجھ ناھي، اصل ۾ عمران خان جو ڏوھ ناھي ڪرڪيٽ جي ڪپتاني کان وٺي وزارت عظمي تائين عمران خان کي اھا خاص مدد ملندي رھي آھي، جڏھن پاڻ عمران خان جي سياست جو انھي پاسي کان جائزو ٿا وٺون تہ انھي جو مطلب ھرگز اھو ناھي تہ پاڻ ٻين سمورن سياستدانن کي پاڪ صاف پارسا سمجھون ٿا، پاڪستان جي سياست جو الميو اھو ئي رھيو آھي جو سياستدانن سمجھي ورتو آھي تہ ڪرسي کان سواءِ عوامي خدمت نٿي ڪري سگھجي، جمھوري نظام جي ڳالھ ڪندڙ وڏين سياسي پارٽين جي قيادت ڪڏھن پنھنجي ڪردار ۾ جمھوريت کي جاءِ نہ ڏني آھي، اسان نظام تي ڏوھ ڏيون ٿا تہ انھي ۾ سدائين مداخلت ٿيندي رھي آھي پر اسان کي سياسي ڌرين کي بہ سمجھائڻو پوندو تہ سياسي نظام مان مداخلت جي خاتمي جي نالي تي اوھان ھيٺين سطح تائين جيڪا مداخلت ڪريو ٿا انھي کي ڪھڙي کاتي ۾ ھڻجي؟ مثال طور پاڻ پاڪستان جي ھن نظام کي جمھوري نظام چئون ٿا پر جمھوري نظام رڳو قومي اسيمبلي، سينيٽ يا صوبائي اسيمبلي صوبائي حڪومتن تائين قائم ناھي اسان جي آئين ۾ مڪاني نظام جي ڳالھ بہ ٿيل آھي، مڪاني نظام جي ڳالھ ڪجي تہ ڪھڙي پارٽي آھي جيڪا حقيقي معني ۾ مڪاني ادارن جي مضبوطي چاھي ٿي، يا ڪھڙي پارٽي آھي جيڪا انھي نظام تحت ملڪ کي ھلائڻ گهري ٿي، ڪيڏي نہ بدقسمتي آھي جو ھن ملڪ ۾ ھر فوجي آمر وقت سر مڪاني چونڊون ڪرايون، پر جڏھن بہ سياسي حڪومت آئي تہ انھن مڪاني نظام حڪومت کان ڪن لاٽار ڪئي آھي، فوجي آمرن طرفان مڪاني نظام حڪومت جوڙڻ جا پنھنجا مقصد ھئا انھن جو مقصد وڏيري جاگيردار کي لالچ ۽ رشوت ڏئي پنھنجي مٺ ۾ ڪرڻ رھيو آھي ۽ اھو ھنن ڪيو، ھنن ماڻھن کي غير سياسي ڪرڻ ۽ سياسي قيادت مان جند ڇڏائڻ جي لاءِ پنھنجا پنھنجا پاڪيٽ تيار ڪيا، سوجيڪڏھن جمھوري ٿيڻو آھي تہ اڌ جمھوري نہ ٿيڻ گهرجي مڪمل جمھوري ٿيڻ گهرجي.
ھاڻ عمران خان راولپنڊي جلسي کانپوءِ واري صورتحال تي ٿا اچون، عمران خان جڏھن سمورا گس بند ٿيندي ڏٺا تہ اعلان ڪري ويھي رھيو تہ ھو ھن ڪرپٽ نظام جو حصو بڻجڻ بدران صوبائي اسيمبلين کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪريون ٿا جلدي انھي ڏس ۾ وڏن وزيرن سان مشاورت ڪري اسيمبلين کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪنداسين، سندس انھي اعلان مان ئي ظاھر آھي تہ انھي معاملي تي ھن پارٽي جي سينئير قيادت سان قطعي مشورو نہ ڪيو ھو، عمران خان جي جمھوري ھجڻ جو اندازو انھي مان لڳائي سگھجي ٿو تہ اربين رپين جي قيمت تي جيڪو احتجاج شروع ٿيو ھو انھي بابت آخري اعلان، فيصلي يا حڪمت عملي بابت بہ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي کان پڇڻ مناسب نہ سمجھيو ۽ آخري لمحي تي ھڪ اھڙو اعلان ڪري ويھي رھيو جنھن جو نتيجو ابتو بہ نڪري سگھي ٿو، انھي جو نقصان سندس پارٽي کي بہ ٿي سگھي ٿو، ڪجھ حلقا عمران خان جي انھي اعلان کي ترپ جو پتو سمجھي رھيا آھن تہ عمران خان اعلان ڪري موجودہ حڪومت ۽ اتحادي قيادت مان سياسي ھوا ڪڍي ڇڏي آھي، حڪومت جي ڳالھ تہ پري رھي، جڏھن فوج باقاعدا غير سياسي ٿيڻ جو اعلان ڪري چڪي آھي تہ اليڪشن ڪرائڻ يا ضمني اليڪشن ڪرائڻ جو فيصلو حڪومت کي ڪرائڻو آھي، ڪالھ اليڪشن ڪميشن جي ترجمان بہ انھي ڏس ۾ اھا وضاحت ڪئي آھي تہ اليڪشن ڪميشن سٺ ڏينھن اندر ضمني چونڊون ڪرائڻ جي پابند آھي، ٻن اسيمبلين جي ٽٽڻ سان قومي سطح تي اليڪشن نٿي ٿي سگھي، عمران خان جي اعلان مان انھي وضاحت ئي اڌ ھوا ڪڍي ڇڏي آھي، ٻيو تہ بنا سوچ سمجھ جي جڏھن انھي قسم جو اعلان ٿئي ٿو تہ انھي منفي يا مثبت پاسا سامھون ايندا آھن، پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ جي حوالي سان عمران خان ڪيترو پراعتماد آھي؟ پرويز الاھي سندس ڳالھ ٻڌندو يا پرويز الاھي پاڻ سمجھي ٿو تہ اھو سياسي بيان آھي انھي تي عمل نہ ٿي سگھندو، ٻيو تہ عمران خان ايترو سادو ناھي جو ھو پنھنجا ھٿ پاڻ وڍائي ويھي رھيو، فرض ڪجي جيڪڏھن پنجاب ۾ پرويز الاھي يعني تحريڪ انصاف جي حڪومت نہ ھجي ھا تہ ڇا عمران خان ايتري سولائي سان جي ٽي روڊ تي مي رقصم ڪندو مارچ ڪندو اچي ھا، انھي کانپوءِ عمران خان کي اھا بہ خبر آھي تہ پرويز الاھي ھن کان وڌيڪ ڪنھن جي ويجھو آھي، عمران خان جي من پسند ايف آئي آر داخل نہ ٿيڻ جي پويان شھباز شريف کان وڌيڪ ھٿ پرويز الاھي جو آھي، انھي کانپوءِ بہ پنجاب اسيمبلي کي ٽوڙڻ کان بچائڻ جا ڪيترائي ٻيا طور طريقا ٿي سگھن ٿا، پرويز الاھي گهاٽي جو سودو ڇو ڪندو؟ ھن کان جيڪا ويجھي ماضي ۾ غلطي ٿي آھي انھي جو ازالو ڪرڻ جي لاءِ ھن کي سياسي ڍنڍ جي پريان وڃڻ ۾ ڪيتري دير لڳندي؟ پرويز الاھي کي بہ اھا خبر آھي تہ پيمپر بدلائڻ وارن جي موڪل ٿي وئي آھي انھي جي ڪري غير حمايتي عمران خان ھاڻ سندس ڪنھن ڪم جو ناھي رھيو… گجرات جا چوڌري ڪجھ بہ ٿي سگھن ٿا مڪمل سياسي نٿا ٿي سگھن ۽ خاص ڪري انھي جا حمايتي تہ بلڪل نٿا ٿي سگھن جنھن جي سياسي غوراب کي وڏا سوراخ ٿي چڪا ھجن، انھي جي ڪري پنجاب جي حد تائين عمران خان جو اعلان ھجي يا انھي جي پيش منظر ۾ پرويز الاھي جو وڊيو بيان ھجي انھي کي آيو ويو سمجھيو وڃي، جيستائين خيبرپختونخواھ اسيمبلي جو سوال آھي تہ اتان ڪيترا ايم پي اي استعيفي ڏيندا؟ جيڪڏھن اسيمبلي ٽوڙڻي آھي تہ انھي کان اڳ آئيني تقاضا موجب نگران حڪومت مقرر ڪرڻي ھوندي، انھي قسم جا ڪيترائي آئيني قانوني مونجھارا پيدا ٿي سگھن ٿا، عمران خان ھن ملڪ جي نظام تي بي اعتمادي ظاھر ڪندي اسيمبليون ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آھي پر ھن نظام جي سڀ کان وڏي اداري سينيٽ ۾ پنھنجون سيٽون برقرار رکڻ چاھي ٿو، عمران خان جي سياستدان کان حڪمران جي ناڪامين جي پويان سندس مونجھارن سان ڀرپور ڪردار، غير واضع موقف ۽ مبھم ڪردار رھيو آھي.
عمران خان جمھوري نظام، پارليمنٽ جي خودمختياري، آئين جي بالادستي جي ڳالھ بہ تڏھن کان ڪرڻ شروع ڪئي آھي جڏھن ھڪ آئيني طريقي سان بي اعتمادي رٿ آڻي کيس ھٽايو ويو، انھي آئيني طريقي کان بچڻ جي لاءِ ھن آئين، قانون، پارليمنٽ جمھوريت جون واڳون جعلي ووٽن تان کٽي ڊپٽي اسپيڪر ٿيل قاسم سوري جي حوالي ڪري ڇڏيون جنھن پاڻ عدالت بنجي بي اعتمادي رٿ تي ووٽن بدران انھي کي رد ڪري ڇڏيو، انھي جي ڪري ڪرسي تي رھڻ دوران ۽ ڪرسي وڃڻ کان پوءِ جمھوري عمران خان جي ڪردار ۾ ڏينھن رات جو فرق رھيو آھي انھي صورت ۾ ڪير مٿس اعتبار ڪري تہ ڪئين ڪري.صورتحال ڏينھنون ڏينھن تبديل ٿي رھي آھي، عمران خان وڏي ۾ وڏي غلط فھمي ۾ آھي تہ ملڪ جي وڏي ۾ وڏي پارٽي تحريڪ انصاف آھي ۽ ملڪ جو وڏي ۾ وڏو ليڊر عمران خان آھي، انھي جي ڪري جڏھن بہ عام چونڊون ٿينديون تہ ھن جي پارٽي ئي سوڀاري ٿيندي.پر عمران خان اھو وساري ويھي ٿو تہ 2018ع ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراھي ۾ عدالت کان وٺي رٽائرڊ جسٽس سردار رضا خان جي سربراھي ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ فوج جي مڪمل حمايت ھوندي، کلي ڌانڌلي جي باوجود ھن جي پارٽي سادي اڪثريت حاصل نہ ڪري سگھي ھئي انھي وقت نہ رڳو عمران خان کي ادارن جي حمايت ھئي پر وٽس عليم خان، ملڪ رياض، جھانگير ترين سميت وڏا وڏا اي ٽي ايمز موجود ھئا جيڪا گهربل سھوليت ھاڻ حاصل ناھي،جيڪڏھن ڪير اھو پڇي تہ شيخ رشيد فوجي امداد کان سواءِ يونين ڪائونسل جي سيٽ کٽي سگھي ٿو تہ منھنجو جواب نہ ۾ ھوندو، سياسي نظام ۾ ڪيترائي پيراسائيٽ آھن جيڪي پرايا اسٽيج استعمال ڪري وڏا حڪومتي عھدا حاصل ڪندا آھن انھي دوران وڏن وڏن عالمي ليڊرن سان تصويرون ڪڍائي وٺندا آھن، شيخ رشيد اڄڪلھ انھن تصويرن کي رکي پاڻ کي وڏو سياسي ليڊر ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي، عمران خان سان گڏ ھن وقت بہ انھي قسم جون سياسي الجيز فنجيز گڏ آھن، انھن جي مشورن عمران خان کي تباھ بہ ڪيو، اڪيلو بہ ڪيو ۽ انھن جي واھ واھ تي عمران خان لڳي پنھنجو سياسي الھ تلھ وڃائي ويٺو، ٻين سمورن معاملن کي ڇڏي بہ ڏجي مڃي وٺجي تہ عمران خان اڄ جو وڏو ليڊر آھي، وڏو مدبر سياستدان آھي پر جنھن ماڻھو کي ملڪ جي سياسي نظام تي يقين ناھي، جنھن کي ڪنھن ھڪ اداري تي اعتبار ناھي اصل ۾ ھو پنھنجي لاءِ سياسي کڏ کوٽي رھيو آھي.منھنجي خيال ۾ وقت اڃان ويو ناھي، ھن ملڪ ۾ سياست انھن کي ڪرڻي آھي جيڪي ھن ملڪ جا ڄاوا آھن، جو بائڊن، ٽرمپ، بورس جانس، طيب اردگان، پرنس محمد بن سلمان کي اچي پاڪستان ۾ سياست ناھي ڪرڻي آھي، انھي جي ڪري سياستدانن کي چور چور چوڻ ۽ سياسي نظام جو بائڪاٽ ڪري پنھنجي سياسي بقا جي جنگ وڙھڻ انتھائي ڏکي آھي، عمران خان کي پنھنجي غلطين تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، عمران خان کي سياسي نظام کي سگھارو ڪرڻ جي لاءِ سياسي ڌرين سان ھٿ ونڊائڻ گهرجي، عمران خان ملڪ جي سياسي نظام جي تباھي جي لاءِ جوڙيل پلان عمران خان جو اعتراف ڪري انھي جي سمورن ڪردارن کي وائکو ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ جو پلان عمران خان ھن ملڪ جي سياسي، معاشي، سماجي، سفارتي تباھي ڪئي آھي،عمران خان کي اعتراف ڪرڻ گهرجي تہ ھن کي مھرو بنائي ڪنھن ڪنھن ڇا ڇا ڪرڻ ٿي گهريو،ڪھڙي ريت ملڪ جي قسمت سان کيڏيو ويو… جيڪڏھن عمران خان ساڳي ھوڏ ۽ لوڏ تي قائم رھيو تہ ھاڻ سندس سھارو ڪير نہ بڻجندو خاص طور جڏھن کيس تاتي پالي وڏو ڪري ڪرسي تي ويھارڻ وارن واضع اعلان ڪري ڇڏيو آھي تہ ھو غير سياسي ٿي ويا آھن، اسٽبلشمنٽ جي غير سياسي ٿيڻ جو عمران خان کي نقصان قطئي نہ ٿئي ھا جيڪڏھن ھو ڪجھ سياست سکي وٺي ھا….في الحال تہ عمران خان ماضي، ويجھي ماضي ۽ حال مان ڪجھ سکڻ جي لاءِ تيار نٿو لڳي.