ابراھيم ڪنڀر
رابطن جي فقدان، خدشن، خاموشي، ڳالھ ٻولھ کان ڪن لاٽار ۽ شڪ شبھن جي نيٺ پڇاڻي ٿي ۽ مخالف ڌر جي بچيل سچيل اتحاد پي ڊي ايم جو خير سان اجلاس بہ ٿي گذريو آھي، اجلاس ۾ ميان نواز شريف، مريم نواز وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا، شھباز شريف لاھور مان پاڻ ھلي آيو، نواز ليگ جي ميزباني ۾ ٿيندڙ ھن اجلاس ۾ پيپلز پارٽي اڳواٽ ئي بائڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھو، ھونئن بہ پيپلز پارٽي توڙي عوامي نيشنل پارٽي ٻئي اتحاد جو حصو ئي ناھن انھي جي ڪري انھن جو اجلاس ۾ ويھڻ ٺھي ئي نٿو.پر موجودہ وايو منڊل ۾ اپوزيشن اتحاد ھجي، مخالف ڌر جون اتحاد کان الڳ ڪي پارٽيون ھجن يا وري حڪومتي پارٽي يا انھي جو اتحادي سياسي پارٽيون ھجن، حالت سڀني جي ساڳي آھي، ڪرڻو ڇا آھي؟ سياست ڪيڏانھن وڃي رھي آھي، سياست ڪھڙا ٽرينڊ سيٽ ڪري رھي آھي، مستقبل ۾ ڇا ٿيڻ وڃي رھيو آھي؟ ھن نظام سان ڪھڙي ھٿ چراند ٿي رھي آھي؟ انھي جا نتيجا ڪھڙا نڪرندا؟ ھن ملڪ يا انھي جي نظام جو رخ ڪھڙو بيھڻو آھي؟ انھي جي خبر ڪنھن کي نٿي پوي ائين پيو لڳي ٿو تہ سڀ ڪجھ ايڊھاڪزم تي ھلي رھيو آھي، ڏھاڙي جي سياست، ڏھاڙي جي حڪومت، ڪجھ شيون ضم ٿيل آھي، ڪجھ شيون ڊپيوٽ ٿيل آھن ڪجھ شيون ڊيلي ويجز جي بنياد تي ھلي رھيون آھن.
مخالف ڌر جي ھڪڙي سياسي پارٽي چئي رھي آھي تہ ڇونڊون ڪنھن بہ وقت ٿي سگھن ٿيون پر ساڳي وقت ھنن جي ٻين سياسي پارٽين کان ٻي فرمائش آھي، حڪومت ڌر اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي تڪڙا تڪڙا تجربا ڪري رھي آھي پر انھي جي لاءِ قانونسازي جا جھول، اليڪشن ڪميشن جا اعتراض، آڊيٽر جنرل جي رپورٽ سميت جيڪي بہ مونجھارا آھن اھي ختم ڪرڻ جي لاءِ تيار ناھي، پاڻ ھن ملڪ جي سياسي، حڪومتي مونجھارن تي ڪجھ لکنداسين تہ حڪومت يا اپوزيشن جون مک پارٽيون سوچي ڇا رھيون آھن، ڪري ڇا رھيون آھن يا اھي آخر چاھين ڇا ٿيون؟ ڇاڪاڻ جو بظاھر لڳي اھو پيو سياست انھي چوواٽي اچي منجھي پئي جتي نہ اپوزيشن جي لائين سڌي آھي نہ وري حڪومت جو گس سنئون ٿو ڀاسجي.سڀ جون سڀ پارٽيون ھڪ ئي وقت متضاد ، مبھم ۽ منجھائيندڙ ڳالھيون ڪري رھيون آھن.مثال طور پيپلز پارٽي جو چئرمين بلاول ڀٽو زرداري چئي رھيو آھي تہ عام چونڊون ڪنھن بہ وقت ٿي سگھن ٿيون،ٻي ساھي ۾ ھو اپوزيشن جي اتحاد پي ڊي ايم کي صلاح ڏئي رھيو آھي تہ جيڪڏھن وارو ڪريو تہ وفاق ۾ عمران خان جي حڪومت ۽ پنجاب ۾ عثمان بزدار جي حڪومت کي بي اعتمادي جي رٿ ذريعي ڊاھي سگھجي ٿو، جيڪا ڳالھ بلاول ڀٽو سوچي نہ پيو اھا ھي تہ جيڪڏھن اپوزيشن صوبائي ۽ وفاقي حڪومت ڊاھي بہ وجھي تہ عمران خان جي ساھ ڪڍيل ھن حڪومتي ٽائيٽنڪ ۾ ھٿ ڪير وجھندو، سوا ٽن سالن جي محنت سان عمران خان ۽ سندس ٽيم جيڪا خارجي، اندروني، معاشي، سياسي ۽ سماجي تباھي آندي آھي انھي کي سھارو ڏيڻ جي لاءِ سيني تي ھٿ ھڻڻ وارو ڪير ۽ ڪھڙي پارٽي جو اڳواڻ آھي؟ ٻي ڳالھ اھا تہ نااھل، ناڪام ۽ ناتجربيڪاري جي باوجود جيڪڏھن عمران خان ڌڻي اڃان کيس ننڌڻڪو ڪري زير ڪرڻ جي لاءِ تيار ئي ناھن تہ اھا بي اعتمادي جي رٿ ڪامياب ڇو ٿيندي؟ بلاول ڀٽو کي جيڪڏھن بي اعتمادي جي رٿ تي ايترو اعتماد آھي تہ انھي کي سينيٽ ۾ آزمائي، سينيٽ ۾ يوسف رضا گيلاني جي چئرمين طور کٽيل سيٽ ھٿ سان ھارائي، اپوزيشن وٽ اڪثريت جي باوجود صادق سنجراڻي جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ آڻڻ تي ڪير صلاح مشورو ڪرڻ جي لاءِ تيار ناھي جڏھن تہ قومي اسيمبلي ۾ اقليتي پارٽي، پنجاب اسيمبلي ۾ چند سيٽون رکڻ جي باوجود انھن اسيمبلين ۾ بي اعتمادي جي رٿ آڻي حڪومت ٽڀا اونڌا ڪرڻ ھڪ سٺي خواھش ٿي سگھي پر عملي طور ڪاميابي جا پري پري تائين اثر نظر نٿا اچن، جيڪڏھن اعتبار ناھي تہ پيپلز پارٽي سڀاڻي سينيٽ ۾ انتھائي ڪمزور صادق سنجراڻي جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ آڻي تہ خبر پئجي ويندي تہ گهڻين ويھين سئو آھي. انھي جي ڪري بي اعتمادي جي رٿ، اليڪشن جي ويجھي ھجڻ، حڪومت جي غير مستحڪم ھجڻ، ڪمزور ھجڻ، حڪومتي عملداري نہ ھجڻ اھي سڀ جا سڀ سياسي بيان آھن، حقيقت اھا آھي تہ ھن وقت سڀ جا سڀ سياستدان گڏ ھجن يا الڳ الڳ تحريڪ انصاف جي سربراھ ۽ ملڪ جي وزيراعظم عمران خان جي سھولتيڪاري جو ڪم ڪري رھيا آھن. آصف علي زرداري کي اھو ڪم سڀ کان اڳ سونپيو ويو ھو، انھي جي لاءِ شرط شروط بہ رکيا ويا پر وقت سان گڏ شرط رکندڙن اھي شرط ٽوڙيا، ھن جي خلاف ڪيس درج ٿيا، عدالتن ۾ پيشين تي کيس گهليو ويو، ڪڏھن نيب ڪسٽڊي تہ جڊيشل رمانڊ تي جيلن يا اسپتالن ۾ گرفتار ڪري رکيو ويو، پر ھن کي عمران خان جي سھوليتڪاري وارو ٽارگيٽ مليل ھو جيڪو اڄ تائين پورو ڪري رھيو آھي، بلاول ڀٽو پيپلز پارٽي جو ھڪ چھرو آھي جيڪو اسٽبلشمنيٽ تي ڳالھائيندڙن تي ڪاوڙ جو اظھار ڪري ٿو، آخر ۾ بطور اتحادي انھن کان رستا ڌار ڪري ٿو، ھڪ راءِ آھي تہ پيپلز پارٽي جنھن جو وجود اينٽي اسٽبلشمينٽ پارٽي طور پيو اھا پارٽي ھيڏا نقصان کڻي ليڊر مارائي انھي ساڳي اسٽبشلمينٽ جي پيرن ۾ رڳو انھي آسري تي پئي آھي من ڪو اڳيان ھلي وڏي اقتداري مسند تي ويھڻ جو ڪو چانس ملي وڃي. يعني ھي ملڪ ھلي ئي آسرن، جھانسن، مستقبل جي سونھري خوابن تي پيو، جيڪڏھن حڪومت پاسي کان ڏسجي تہ ملڪ ھلي ئي استخارن، داڳن، ٽوڻن، ڦيڻن ۽ جادو تي پيو،پر حڪومت جي سموري ڪارڪردگي پوءِ ٿا اچون پھرين اپوزيشن جي ٻي وڏي پارٽي تي ڳالھايون ٿا.ھي سياست ڪيڏانھن ڌڪجي رھي آھي، سياسي پارٽيون يا بي ساھيون ٿي چڪيون آھن يا انھي جا ڌڻي بي وس ٿي چڪا آھن، مسلم ليگ نواز جي بلي بلي ھئي نواز شريف تقرير ڪندو ھو تہ ٿنب لڏي ويندا ھئا، نواز شريف يا سندس پارٽي کي پيغام پيا ملندا ھئا تہ اوھان کي جيڪو بہ چوڻو آھي اھو حڪومت کي چئو، عمران خان تي ڳالھايو، حڪومت جي ڪاڪردگي تي ڇوھ ڇنڊيو پر مھرباني ڪري ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ اسٽبلشمنيٽ جي خلاف نہ ڳالھايو، نواز شريف يا سندس پارٽي کي مختلف ذريعن وٽان اھي نياپا ملندا رھيا،نياپن تي ڳالھائڻو آھي،نياپن تي چپ رھڻو آھي جڏھن نواز ليگ جي انھي سياست کي ڏسون ٿا تہ وري بہ ڳالھ ڦريو گهريو اتي ٿي اچي بيھي تہ ھي سياستدان ڪھڙي ڪم جا انھي کان سياسي پارٽين جي قيادت روبوٽس کي ڏئي ڇڏجي جن کي بٽڻ تي اٿاريو، بٽن تي ھلايو، بٽن دٻايو تہ فلاڻو ڪم ڪندو، جڏھن سياستدانن کي ھلڻو ئي ٻين جي چوڻ تي آھي جڏھن انھن کي ڪرڻ جي لاءِ جيڪو ڪم آھي اھو ڪرڻو ئي ٻين کي آھي تہ پوءِ کين کٽ خالي ڪرڻ گهرجي.نواز ليگ جي سياست ھن وقت ڪنھن کي سمجھ ۾ نٿي اچي، گذريل ڏينھن اھو فرمان جاري ٿيو يا وري اھو شوشو ڇڏيو ويو آھي تہ نواز شريف شھباز شريف کي ھدايت ڪئي آھي تہ پٽ ھاڻ پي ڊي ايم جي سياست کي زور وٺرائي ھاڻ حڪومت مخالف تحريڪ ۾ ھوا ڦوڪيو.
حڪومت مخالف تحريڪ مان ھوا ڪڍڻ جو ٺيڪو پيپلز پارٽي کي مليو جنھن ٻاراڻي ڳالھ تي اسٽبلشمنيٽ جي خلاف ھڪ تحريڪ ھلائڻ واري فورم کي مٽي ۾ ملائي اپوزيشن جي اتحاد جا بخيا اڊيڙي ڇڏيا، اپوزيشن تسليم ڪري ٿي تہ پيپلز پارٽي انھي وقت حڪومت مخالف اتحاد جي پٺي ۾ خنجر کوڙيو آھي جڏھن ھو ھڪ صلاحي ٿي ڪجھ بہ ڪري پئي سگھيا، پر خير ھڪ ٻن پارٽين جي نڪرڻ سان نظريو، فڪر، منشور يا تحريڪ ختم نہ ٿيڻ گهرجي جڏھن اپوزيشن جي نيت ۾ ئي اھڙي ڳالھ نہ ھئي تہ پوءِ لازمي ڳالھ آھي تہ حالت اھڙي ئي ٿيڻي ھئي جيڪا ھن وقت اپوزيشن جي آھي. ھڪ ڀيرو جڏھن اپوزيشن مان ھوا نڪري چڪي آھي تہ ھاڻ انھي عروج تي پھچڻ جي لاءِ وقت ۽ حالتون گهرجن.ٻيو تہ رڳو اپوزيشن جي اتحاد اندر ڏڦيڙ ڪونھي، پر اپوزيشن جي جنھن پارٽي کي حڪومت خلاف تحريڪ ھلائڻ جو پروانو جاري ٿيو آھي انھي جي پنھنجي حالت بہ رحم جوڳي آھي، وڏي خاندان تي ٻڌل سياسي پارٽي جيڪا اڃان اپوزيشن ۽ عتاب ۾ ھوندي بہ ڪن خاص ماڻھن کان سواءِ باقي ڪارڪنن تي اعتبار ڪرڻ جي لاءِ تيار ناھي، شريف خاندان ۾ ڪير ڪنھن سان ٺھي ٿو، ڪير ڪنھن سان ھٿ نٿو ملائي، پھرين جوڙ جي قيادت ۾ ڪيترا اختلاف آھن، ڪو مفاھمت، سوديبازي، فرمانبرداري چاھي ٿو، ڪو وري اھو سڀ ڪجھ ڪنھن حد تائين چاھي ٿو، ڪو گوڏن تي ھٿ ھڻڻ جي لاءِ تيار آھي ڪو وري گوڏن کان ٿورو مٿي جھڪڻ جي لاءِ تيار آھي، انھي پارٽي جي آل اولاد جي پنھنجي فطرت ۽ خيال الڳ آھي، ڪن جو خيال آھي تہ مڪمل نظرياتي ٿي انھن قوتن کي ٽف ٽائيم ڏجي جن اسان کي رت جا لولا ڏنا آھن، ڪن جو خيال آھي تہ صوبائي ڪرسي تي ويھي آڱر سان سمورا حڪم ھلائجن، ڪاروبار بہ سڌا ڪجن، انھي کانپوءِ جيڪا قيادت يعني ٻي جوڙ جي قيادت آھي اھا ورھايل بہ آھي،، مايوس بہ آھي تہ ڪنھن تي اعتبار ڪرڻ جي لاءِ تيار ناھي، انھي جي ڪري سيڪنڊ ڪيڊر جي قيادت ۾ اختلاف آھن، مثال طور شاھد خاقان عباسي جيڪڏھن مريم نواز سان گڏ بيٺو آھي تہ رانا تنوير شھباز شريف جو ساٿ ڇڏڻ جي لاءِ تيار ناھي، خواجا آصف پاڻ اعتراف ڪري چڪو آھي تہ سندس سافٽ ويئر اپ ڊيٽ ٿي چڪو آھي، سافٽ ويئر اپ ڊيٽ ٿيڻ مان مراد تہ کيس نواز ليگ جي سياست جي زير زبر کان سولي انداز ۾ سمجھايو ويو آھي، نواز ليگ مان ڪي باغي پيدا ٿيڻ جي اميد گهٽ چوڌري نثار جھڙا ڪٽي کائڻ وارا مجنا پيدا ٿيڻ جي اميد وڌيڪ ئي آھي. اھي سڀ حقيقتون ھوندي بہ اڄ جي دور جي متاثر، مظلوم،انتقام جي باھ ۾ سڙندڙ پارٽي مسلم ليگ نواز آھي،مونجھارا، مشڪلاتون، پروپگينڊا جي باوجود نواز ليگ کي ٽوڙي نہ سگھيا آھن، ھا نواز ليگ اندر ٻہ رايا رکڻ وارو رجحان شروع کان رھيو آھي،اڃان بہ اصل مالڪ نواز ليگ جي پويان پيل آھن، انھن کي پنھنجي شرطن تي جھڪائڻ چاھين ٿا، اھو بہ رڳو شھباز شريف کي نہ پر نواز شريف کي پوري پارٽي سميتھي جھڪائڻ چاھين ٿا، شريف ڀائر ھڪٻئي جي لاءِ ڪنھن المئي کان گهٽ ناھن، ھلڻو بہ گڏ آھي، پروگرام بہ الڳ آھن،لکاءُ بہ ناھي ڏيڻوآھي، ھڪڙي کي ڳالھائڻو آھي تہ ٻي کي وري وضاحت ڪرڻي آھي نواز ليگ ھڪ عجيب ڪشمڪش مان گذري رھي آھي جن تان گذري رھي آھي انھن کي ئي خبر آھي پر ھن وقت نواز ليگ بہ حڪومت بدلائڻ وارو رسڪ کڻڻ جي لاءِ تيار ناھي نواز ليگ ذھني طور تيار آھي تہ باقي وقت بہ عمران خان ڪٽي پورو ڪري جئين ايندڙ اليڪشن ۾ کين پورو ڪري دم پٽجي. رھي ڳالھ تحريڪ انصاف جي اھو وري انھن سمورين شين کان الڳ سوچي رھي آھي، تحريڪ انصاف گلگت بلتستان،، آزاد ڪشمير جي ڪاميابي ڌانڌلين کانپوءِ ھاڻ عام چونڊن ۾ ڌانڌلي جي لاءِ منصوبابندي ڪري رھي آھي، پھرين مرحلي ۾ ھنن جو پلان جديد انداز سان ڌانڌلي ڪرڻ جوآھي جنھن ۾ ھنن کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي تڪڙ کنيو بيٺي آھي انھي جو ٺيڪو ٻن ٽن ماڻھن کي ڏنو ويو آھي بابر اعواڻ جيڪو پارلياماني معاملن جو صلاحڪار آھي جنھن جو پنھنجو ڪو تڪ ناھي انھي کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز جي تڪڙ گهڻي آھي، ٻيو فواد چوڌري آھي جنھن جھڙو غير سنجيدہ وزير ھن پوري ڪابينا ۾ ناھي، ملڪ جي سمورين پارٽين مان ٽپ ڏيندو آخر ۾ جنھن پارٽي ۾ اچي بيٺو آھي سمجھي اھو پيو تہ ھو سدائين جي لاءِ وزارت ۾ رھڻو آھي، انھي کي بہ اي مشنينز، سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽن جو درد کائي ويو آھي ٻيو شبلي فراز آھي، جنھن جو عجيب ورتاءَ آھي، ھاڻ تحريڪ انصاف سوچيو اھو ويٺي آھي تہ انھن مشينز ذريعي ملڪ اندران يا ملڪ کان ٻاھران ڌڪ وٺبو،، لکين غير ملڪي ماڻھن کي قائل ڪيو ويندو تہ ووٽ تحريڪ انصاف کي ڏجن، پھرين تہ اليڪشن ڪميشن انھن ووٽنگ مشينز تي جيڪي 36 اعتراض واريا آھن اھي ختم ڪرڻا آھن، انھي کانپوءِ قانونسازي مان جھول ڪڍڻا آھن، آئين ۾ ترميم ڪرڻي آھي، انھن سمورن مرحلن کان اڳ ۾ ڪڏھن وزيراعظم، ڪڏھن صدر پاڪستان انھن مشيننز تي تجربا ڪري رھيا آھن،ھن ملڪ جا باقي سمورا مسئلا حل ٿي ويا، معشيت کي چار چنڊ لڳي ويا، پرڏيھي پاليسي جي ڪاميابي جي نتيجن ۾ اسان کي اقوام عاالم ڳلي سان لڳاائي ڪلھوڪلھي ۾ ملائي ھلڻ جي لاءِ تيار آھي، پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا آئيڊل ٿي چڪا آھن، سياسي طور اھڙا مستحڪم ٿي ويا آھيون جو ٻيا ملڪ اسان جو مثال ڏئي رھيا آھن، اسان ڪورونا جي ويڪسين جي لاءِ ڪشتو کڻيو بيٺا آھيون،آئي ايم ايف کان قسط وٺڻ جي لاءِ بجلي جي سبسڊي ختم ڪرڻ جو پروگرام آخري مرحلي ۾ آھي، دنيا ۾ اسان جو ڪو دوست رھيو ڪونھي جو انھي جي آڏو ھٿ ٽنگيون، سياسي وزيرن جي اخلاق جا مثال ڇا ڏجن ھن ملڪ جي پارليامنيٽ جي مضبوطي، آئين جي بالادستي، قانون جي حڪمراني کي يقيني ٺاھي ڇڏيو آھي،سپريمڪورٽ پنجاھ ھزار کان مٿي ڪيس التوا ۾ آھن، ھائيڪورٽن ۾ ڪيسن جو انگ لکن ۾ آھي، نظام عدل، پوليس جو سسٽم، پراسيڪيوشن سڀ جا سڀ نظام اھڙا ٿي چڪا آھن جو واھ واھ پئي ٿئي رھيل ھڪ اليڪشن جو نظام آھي جنھن جي ڳڻتي کائي وئي آھي، ھن ملڪ ۾ اليڪشن ۾ ڌانڌلي ختم ڪرائڻ ھڪ ڏينھن جو ڪم آھي، جيڪي جيڪي ڌريون اليڪشن ۾ ڌاانڌلي ۾ ملوث آھن انھن کي ڳريون سزائون ڏيون، 2018 جي اليڪشن ۾ جن ڌرين ڌانڌلي ڪئي آھي انھن تي ڪيس ھلائي انھن کي وائکو ڪريو، اسٽبلشمينٽ کي چونڊن کان پري رکو. اليڪشن ڪميشن کي مضبوط ڪريو، ادارن مان مداخلت ختم ڪريو، ڌانڌلي پاڻ ئي ختم ٿي ويندي، حڪومت جا مزا وٺڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف وري اقتدار جي مزن خاطر ڌانڌلين جا جديد طريقا ڳولي رھي آھي پر ڪامياب نہ ٿي سگھندي،، ننڍڙي سوچ رکندڙ معمولي صلاحڪارن جي صلاحن تي تحريڪا انصاف ملڪ کي ٻي ڪنھن ٻي بحران ۾ ڌڪيندي، بھرحال تحريڪ انصاف اپوزيشن کي زير ڪرڻ، انھن جي ليڊرن جي تذليل ڪرڻ، انھن کي مشرف جي سوچ جيان ملڪ مان ٻاھر رکڻ، پارليامينٽ ۽ سياست جا در مٿن بند ڪري عام چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري وري عوام تي مڙھجڻ جي منصوبابندي ڪري رھي آھي، ھن سموري پس منظر مان جيڪڏھن ڪا شي گم آھي تہ اھا شي پرامن، عوامي جمھوري جدوجھد آھي، جنھن دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڏا وڏا برج اٿلائي انقلاب آڻي ڇڏي، پر اسان جي سياست انھي جدوجھد انھي تحريڪ کان پري ٿيندي شارٽ ڪٽ ۾ پنھنجي ڪاميابي ڳولي رھي آھي.