ابراھيم ڪنڀر

حڪومت مخالف مشق جا ڪھڙا اثر نڪرندا ؟

ابراھيم ڪنڀر اوهانجو موقف ليکڪ

ابراھيم ڪنڀر

عمران خان صاحب کي وزارت عظمي جي ڪرسي تان ھٽائڻ جي راند آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آھي، ھن آخري مرحلي ۾ ڪجھ نالا سامھون بہ آيا آھن ھيستائين حڪومت مخالف پارٽين جي وچ ۾ حڪومت کي ھٽائڻ جا مختلف آپشنز، مرحلا، حڪومت ھٽائڻ کانپوءِ نئين حڪومت جي لاءِ نالن جي چونڊ، طريقيڪار تي تقريبن اتفاق ٿي چڪو آھي، اڄوڪي مضمون ۾ انھي جو ذڪر ڪنداسين پر انھي سان گڏ غير جابنداراڻي انداز سان انھي ڳالھ جو بہ ڇيد ڪنداسين تہ اپوزيشن جي ڪاميابي جي صورت ۾ ملڪ کي ڇا ھڙ حاصل ٿيندو، جيڪڏھن اپوزيشن ھن سموري مشق کانپوءِ ناڪام ٿي وئي تہ انھي سان ملڪي سياست تي ڪھڙا اثر پوندا، ھن وقت بظاھر جيڪو ڪجھ ڏسڻ ۾ اچي پيو ڳالھ انھي کان گهڻي اونھي ۽ پراسرار آھي انھي کي ھئين سمجھڻ گهرجي تہ آصف علي زرداري ، شھباز شريف جون حڪومت جي اتحادين سان ملاقاتون، اپوزيشن جون پاڻ ۾ گڏجاڻيون، اتحادين جا ھڪٻئي سان اجلاس اجايا ناھن، اھي تہ اسان جي اکين آڏو ملاقاتون ٿي رھيون آھن پر انھي جي پس منظر ۾ جيڪي اجلاس، رابطا گڏجاڻيون يا ميل ملاقاتون ٿيون آھن انھن جي وري ڪھاڻي ئي الڳ آھي، بظاھر اسان ڏسي رھيا آھيون تہ لاھور سمورين سياسي سرگرمين جو مرڪز آھي، پر پس منظر ۾ راولپنڊي لاھور سان بہ رابطن ۾ ڳنڍيل آھي تہ ساڳي ھاٽ لائين لنڊن سان بہ قائم آھي، ڳالھ جو مطلب تہ پس منظر واريون خبرون سامھون نٿيون اچن پر اصل ايجنڊا اتي طئي ٿي رھي آھي.
ھنن سمورين بظاھر گڏجاڻين يا رابطن ۾ اھا خبر ڪٿي بہ جاءِ نہ وٺي سگھي آھي تہ ملڪ جي بااختيار ۽ سگھاري شخصيت ھنن ڏينھن ۾ لنڊن ۾ اھم سياسي اڳواڻ سان ملاقات ڪرڻ جي لاءِ اسھي ھئي، اھا خبر ڏيندڙ ذريعو ڪو معمولي نہ پر غير معمولي سورس رکندڙ صحافڻ ھئي، جنھن ٻڌايو تہ اھا شخصيت 20 ھين فيبروري تي لنڊن ھئي، انھي ڳاالھ کي اتي فل اسٽاپ ٿا ڏيون پر ھتي اھو چوڻ ضروري آھي تہ ملڪي حالتن ۾ ڪيترائي ڀيرا اھڙا موڙ آيا آھن جو سياسي قيادتن جي ضرورت پوندي رھي آھي انھي جو ويجھي ماضي جو مثال پرويز مشرف آھي جيڪو بظاھر پريس ڪانفرنسن يا جلسن ۾ محترما بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف جي وطن واپسي تي بندش ھڻيو اھي اعلان پيو ڪندو ھو تہ ھاڻ ٻنھي جو سياسي ڪردار ختم ٿي چڪو آھي پر جڏھن ساڳيو پرويز مشرف گهيرجي چڪو يا ڪمزور ٿيو تہ ھن دبئي ۾ محترما بينظير ڀٽو سان ٻہ ٽي ملاقاتون ڪيون، انھي جي نتيجي ۾ اين آر او آيو، اين آر او اصل ۾ ھن ملڪ ۾ سياسي ماحول ٺاھڻ، جمھوريت کي وري پٽڙي تي چاڙھڻ جي لاءِ وقتي طور ڪيل معاھدو ھو، پرويز مشرف ۾ انھي کي پنھنجو مفاد نظر آيو، جڏھن تہ پيپلز پارٽي انھي کي پنھنجي مفاد ۾ سمجھيو، مزي جي ڳالھ اھا تہ اھو ھڪ آمر ۽ جمھوري پارٽي جي وچ ۾ اھڙو معاھدو ھو جنھن جو سڀ کان وڏو فائدو ايم ڪيو ايم ۽ نواز ليگ ورتو *۽ فائدو وٺڻ جي باوجود انھي جي خلاف واويلا ڪئي، ميان شھباز شريف درخواستگذار بنجي انھي اين آر او کي افتخار چوڌري جي ذريعي ڪالعدم ڪرايو، پرويز مشرف ۽ شھيد راڻي ۾ ٿيل ملاقاتن جون خبرون دير سان ظاھر ٿيون ھاڻوڪين ملاقاتون سامھون اچڻ ۾ بہ وقت لڳندو، سو ڳالھ جو مطلب تہ سياسي يا غير سياسي ملاقاتن جو مقصد ھڪ ئي سلسلي جي ڪڙي آھي.
ھن حڪومت جي خاتمي جون ڪجھ نشانيون بظاھر نظر اچن ٿيون، ھن ملڪ ۾ سول اقتدار جي خاتمي کان اڳ ۾ اھڙيون ڪجھ نشانيون نظر اينديون رھنديون آھن، انھي جو تازو مثال نواز شريف حڪومت جي آخري ڏينھن جو ڏئي سگھجي ٿو، جڏھن ميان نواز شريف کي جوتو اڇلائي ھنيو ويو، خواجا آصف مٿان مس اڇلائي وئي احسن اقبال کي گولي ھنئي وئي ايستائين جو احسن اقبال ھن ملڪ جو گهرو وزير ھو پر رينجرز کيس عدالت جي احاطي اندر وڃڻ کان روڪي ڇڏيو ھو، انھي دوران احسن اقبال بيان ڏنو تہ رياست اندر رياست ڪم ڪري رھي آھي، اھا جيڪي اندرين رياست آھي انھي کي ميان نواز شريف رياست کان مٿاھين رياست قرار ڏنو ھو، ھاڻ ڇا ٿي رھيو آھي؟ وزيرن جي منھن جا پنا لٿا پيا آھن، جيڪي سدائين اھو چوندا ھئا تہ اسٽبلشمينٽ ھڪ صفحي تي آھي اھا راڳڻي بند ٿي چڪي آھي وڏي ڳالھ تہ شيخ رشيد جيڪو ڏيڍ ھفتو جيڪا ٻولي ڳالھائي رھيو ھو انھي جي ٻولي ئي بدلجي چڪي آھي، شيخ رشيد پاڻ کي وڏي واڌ ۽ ڌوم ڌڙاڪ سان گيٽ نمبر چار جي پيدوار چوندو رھيو آھي اھو سدائين انھي گيٽ جي ترجماني ڪندو رھيو آھي پر ھن ڀيري انھي بہ اکيون پوريندي اھو چيو آھي تہ عمران خان کي جھانگير ترين سان ڳالھائڻ گهرجي،ڪجھ وقت اڳ ھن چيو ھو تہ اپوزيشن وارا چاھين ٿا تہ جيڪو ھٿ عمران خان جي حڪومت مٿان آھي اھو ھٿ مٿن اچي پر اھو ھٿ سندن گلي ۾ پوندو، شيخ رشيد ھاڻ اھا ڳالھ ئي نٿو ڪري ھاڻ ھن جي ٻولي ئي ٻي آھي ھو چوي ٿو تہ رياستي ادارا چونڊيل حڪومتن سان گڏ ھوندا آھن، آئون حڪومت سان گڏ آھيان پر راءِ رکڻ ۾ آزاد آھيان، ٻيو اشارو نواز ليگ جي ترجمان جو اھو بيان آھي جيڪو پنھنجي حساب سان وزندار بيان آھي،مريم اورنگزيب بنا نالو وٺڻ جي ھڪ وڏي سرڪاري عملدار کي نشانو بنائيندي چيو تہ ھو چونڊيل ميمبرن کي بي اعتمادي رٿ روڪڻ يا ناڪام ڪرڻ جي معاملي تي فون ڪري رھيو آھي،ھو اھو سڀ ڪجھ ڪرڻ کان پاسو ڪري ٻي صورت ۾ نواز ليگ سندس نالو کڻي ڇڏيندي، انھي ڏس ۾ چيو پيو وڃي تہ انھي فون رڪارڊ جا ثبوت نواز ليگ وٽ آھن ايندڙ ڏينھن ۾ ڪا آڊيو ليڪ يا فون ليڪ اچي سگھي ٿي،جڏھن سياسي پارٽي ڪنھن حاضر سروس آفيسر کي انھي قسم جي تنبيھ ڪري تہ سمجھي وڃجي تہ ترپ جو پتو انھي جي ھٿ ۾ آھي، نہ تہ اھي ساڳيون سياسي پارٽيون ھيون جن تي اڻ اعلاڻيل پابندي لڳل ھئي.
ايم ڪيو ايم جي قيادت چئي رھي آھي تہ ھو عمران خان جي حڪومت ۾ بارڊر تي بيٺل آھن بارڊر پار ڪرڻ ۾ ڪو وقت نہ لڳنندو،ق ليگ پاڻ کي مليل وزارت اعلي جي آڇ کي ٿڏڻ جي لاءِ تيار ناھي، ق ليگ تي اعتبار ڪجي يا تحريڪ انصاف جي اندر ويٺل ماڻھن تي انھي تي تفصيلي بحث جي ضرورت آھي،آصف علي زرداري جو موقف آھي تہ تحريڪ انصاف جي ميمبرن بدران حڪومت جي اتحادين کي پاڻ سان ملايو،اھا ڳالھ نواز ليگ جي فائدي ۾ آھي ڇاڪاڻ جو تحريڪ انصاف مان جيڪي ماڻھو ڇڏي نواز ليگ ۾ ايندا انھن جي پھرين شرط اھا ھوندي تہ کين ايندڙ اليڪشن ۾ جاءِ ٺاھي ڏني وڃي،مطلب ايندڙ چونڊن ۾ پارٽي جي ٽڪيٽ ڏني وڃي، ھتي سوال اھو ٿو پيدا ٿئي تہ پنجن سالن دوران جيڪي ماڻھو نواز ليگ ۾ ڄمي بيھي رھيا اھي نواز ليگ جي لاءِ اھم ھوندا يا جيڪي ماڻھو پيراشوٽي ھوندا اھي اھم ھوندا،ھتي اھو بہ نہ وسارڻ گهرجي تہ سمورين رياستي ، ادارتي، حڪومتي ۽ انتظامي توڙي انتقامي ڪوششن جي باوجود نواز ليگ جا ميمبر نواز شريف کان پري نہ ٿيا، سوين ڪوششن، ڪيسن، ريمانڊ، جيلن، چالانن، ريفرنسز، انڪوائري، حلف نامن جي باوجود نواز ليگ کي ٽوڙڻ جون سموريون ڪوششون ناڪام رھيون، انھن پنجن سالن اندر نواز ليگ وقتي طور خاموشي، اڻ اعلاڻيل ڪنارا ڪشي، پاڻمرادي جلاوطني وارن سمورن حربن جي باوجود متحد رھي، انھي کي ھاڻ سياسي حڪمت عملي سڏجي ٿو، تاريخ ۾ اھو ٿيندو رھيو آھي، ٿيو آھي.. ھڪ ٻيو واقعو بہ ٿيو آھي ، عمران خان جي ويڳي پٽ يعني خاتون اول جي سڳي پٽ تي پنجاب ۾ ھڪ بوتل شراب رکڻ جي ايف آئي آر داخل ٿيڻ ڪنھن جي لاءِ ڪھڙو پيغام آھي؟ ڪڏھن تہ ائين ھوندو ھو تہ ھڪ وفاقي وزير جو فون نہ کڻڻ تي وفاقي گادي جي شھر جو آئي جي ھٽي ويندو ھو، لاھور ۾ عمران خان جي ڀيڻيوئي جي پلاٽ تان قبضو خالي نہ ٿيڻ تي سي پي او بدلي ٿي ويندو ھو،پنجاب جو آئي جي خاتون اول جي ڇڏيل گهر ڀاتين کي پروٽوڪول نہ ڏيڻ تي اسٽبلشمينٽ ڊويزن ۾ رپورٽ پيو ڪندو ھو، ھاڻ ڇا ٿي ويو آھي؟ ساڳيو وزيراعظم عمران خان آھي، پنجاب جو وڏو وزير عثمان بزدار آھي،ڪجھ تہ آھي جنھن جي پريداري ٿي رھي آھي؟
اھي سموريون ڪوششون ۽ نشانيون حڪومت جي خاتمي جي حوالي سان آھن، انھي ۾ ڪاميابي جي صورت ۾ اپوزيشن جو پاسو تبديل ٿي سگھي ٿو، تحريڪ انصاف اپوزيشن ۾ اچڻ شرط ڇڙوڇڙ ٿي ويندي، عمران خان جي ويجھي جيڪي بہ ماڻھو آھن اھي ساڻس گڏ رھندا پر جيڪي پري آھن اھي پري ٿيندا ويندا ، ٻڏندڙ اقتداري ٻيڙي مان ٽُپ ڏيڻ جي لاءِ ڪيترائي ماڻھو تيار آھن، ھاڻ ٻي پاسي جيڪڏھن سوچجي تہ جيڪڏھن اپوزيشن جي اھا سموري مشق ناڪام ٿئي ٿي، بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿئي ٿي تہ انھي جو نتيجو ڪھڙو نڪرندو؟ انھي جو نتيجو انتھائي خراب نڪرندو، اھو رڳو عمران خان کي مضبوط نہ ڪندو پر انھي ھٿ کي ڪمزور ڪندو جيڪو ھٿ سمورين سياسي پارٽين جي اتحاد جو سوچي رھيو آھي، انھي مشق جي ناڪامي جي صورت م انتشار پيدا ٿيندو، اپوزيشن جي ڌرين تي ڏمر جي نئين تاريخ جنم وٺندي، عمران خان جو اقتدار بچائڻ واريون ڌريون سگھاريون ٿيڻ جي صورت ۾ عمران خان مخالف سياسي قوتن جي لاءِ ئي رڳو مسئلا پيدا نہ ٿيندا پر ادارن جي سطح تي معاملا خراب ٿي سگھن ٿا،اليڪشن ويجھي ايندي ملڪ ڪنھن سياسي، آئيني گھوٽالي جو شڪار ٿيڻ ڏانھن وڌي سگھي ٿو،انھي جي ڪري بھتري انھي ۾ آھي تہ پارليامينٽ اندر سياسي معاملا سياسي انداز ۾ بدلاياا وڃن.ڇاڪاڻ جو ھي ملڪ ڪنھن بہ سياسي انتشار جي سٽ سھڻ جي پوزيشن ۾ قطعي ناھي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *