ابراھيم ڪنڀر

حڪومت خلاف مخالف ڌر جي تحريڪ “هاءجيڪ”ٿي سگهي ٿي؟

ابراھيم ڪنڀر اوهانجو موقف ليکڪ

ابراھيم ڪنڀر

وزيراعظم جي صدارت ھيٺ ٿيل سياسي ڪميٽي جي اجلاس ۾ اپوزيشن کي احتجاج جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪري اعلان ڪيو ويو تہ اپوزيشن ڀلي احتجاج وارو جمھوري حق استعمال ڪري، ٻن ڏينھن کانپوءِ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪابينا اپوزيشن جي جلسن جلوسن تي غور ويچار ڪرڻ کانپوءِ چيو تہ ڪابينا ۾ اپوزيشن جي احتجاج تي ڪو غور ويچار ناھي ڪيو ويو، اپوزيشن جي احتجاج سان فرق نٿو پوي،وزيراعظم کان وٺي حڪومت جي سموري ٽيم ، حڪومت جي اتحادين توڙي ساٿين جو زور انھي ڳالھ تي آھي تہ ملڪ جي سڄي عوام تحريڪ انصاف حڪومت سان گڏ آھي انھي جي ڪري اپوزيشن جو احتجاج ناڪام ٿيندو،اھو حڪومت جو نظرايندڙ موقف آھي جڏھن تہ اندر جيڪو خوف،ٿرٿلو ۽ زلزلو برپا آھي انھي جي خبر ٻاھر نٿي اچڻ ڏني وڃي، اپوزيشن جو احتجاج تہ پنھنجي جاءِ تي حڪومت جا جيڪي پنھنجا فيصلا آھن انھن تي بہ ڪابينا جي اجلاس ۾ وزير پاڻ ۾ اٽڪيو بيھو ٿا رھن، حڪومت بظاھر اھو اعلان ڪري ٿي تہ اپوزيشن کي احتجاج جو حق آھي جيڪو کين استعمال ڪرڻ گهرجي پر زميني حقيقت انھي جي ابتڙ آھي،زميني حقيقت اھا آھي تہ گجرانوالاڊويزن کان وٺي لاھور تائين اپوزيشن جي احتجاج جي رستا روڪ جا مڪمل بندوبست ڪيا ويا آھن، 16 آڪٽوبر واري جلسي کي تہ ڇڏيو پر انھي کان اڳ ۾ جيڪي ڪارنر گڏجاڻيون ٿي رھيون آھن انھن جي تي پوليس چڙھايون، رستن جي بندش، ڪارڪنن جي گرفتار مطلب تہ حڪومتي مشينري مڪمل حرڪت ۾ اچي وئي آھي، رڳو گجرانوالا ڊويزن جي ڊي آئي جي کان وٺي ايس ايڇ اوز تائين پوليس مشينري کي ٽي ڀيرا تبديل ڪيو ويو آھي ڳولي ڳولي اھڙو ايس ايڇ او مقرر ڪيو ٿو وڃي جيڪو احتجاجي جلوس کي روڪي سگھي، سموري شھر اندر سياسي پارٽين جا بينر لاٿا پيا وڃن، آخري اطلاعن تائين گجرانولا جي ضلعي انتظاميا جلسي جي لاءِ اجازت نہ ڏني آھي، لاھور جي شريف خاندان جي گهر جاتي امرا ۾ گذريل رات کان ڪنٽينر پھچايا مريم نواز جي رستا روڪ جو بندوبست ڪيو ويو آھي، قول ۽ فعل ۾ تضاد انھي کي چيو ويندو آھي، تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪوڙ ھڻي رھي آھي،اپوزيشن جي احتجاج کي روڪڻ جي لاءِ رڳو رياستي مشينري کي استعمال ڪرڻ جو بندوبست ئي نہ ڪيو ويو آھي پر ڪارڪنن تي ڪريڪ ڊائون بہ شروع آھي،
اسان اڳ ۾ ھنن صفحن تي لکيو آھي تہ ھن سياسي گرما گرم صورتحال ۾ جيڪو بہ اين آر او وٺڻ جي لاءِ غير جمھوري قوتن سان ساز باز ڪندو، غير جمھوري قوتن تي شرطن تي ٿوري گهڻي اقتدار جي لاءِ راضي ٿيندو، جيڪو بہ سياسي پارٽين جي پٺ ۾ خنجر ھڻندو انھي جو حشر ق ليگ، ضيا ليگ، عوامي ليگ سميت مقتدر قوتن جي اتحادي طور مستقل بنيادن تي ڪم ڪندڙ پارٽين وارو ٿيندو، ھي وقت آئيني بالادستي، حقيقي جمھوريت، پارليامينٽ جي استحڪام، جمھوري ادارن جي مضبوطي ۽ شفاف اليڪشن جي نعري کي ھٿي ڏيڻ جو وقت آھي، انھي جي ڪري اپوزيشن کي ھن دور ۾ ڦونڪي ڦونڪي قدم کڻڻو پوندو، اپوزيشن جي ٻن پارٽين نواز ليگ ۽ جي يو آئي جي قيادت جو رويو انتھائي جارحاڻو آھي، ڪجھ سياستدان معتدل نموني احتجاج ڪرڻ چاھين ٿا، ڪجھ ڌرين جو خيال آھي تہ احتجاج پرامن پر پراثر ھجڻ گهرجي ائين نہ ٿئي جو رڳو ھڪ ٻن جلسن يا مظاھرن مان حڪومت جي وڃڻ جي ڳالھ جذباتي ڳالھ آھي ڇاڪاڻ جو حڪومت کي جنھن بہ اقتدار جي مسند تي ويھاريو آھي اھو ھڪ ٻن جلسن مان خوش ٿي انھي کي گهر نہ موڪلندو، جن قوتن عمران خان جي آڱر پڪڙي آھي اھي قوتون اپوزيشن جي ھڪ ٻن جلسن جي ڪري کيس گهر موڪلي پنھنجي شڪست تسليم نہ ڪنديون،انھي جي ڪري اپوزيشن جھڙي ريت ھن اتحاد کي تحريڪ جو نالو ڏنو آھي تہ انھي ۾ مستقل مزاجي جو شرط ھجڻ لازمي آھي،تحريڪون سالن جا سال ھلنديون آھن، رڳو ھڪ ريلي، ھڪ جلسي، ھڪ مظاھري سان ھن ملڪ جي خطرناڪ منصوبابندي ۽ ڌانڌلي سان جڙيل حڪومت جي نيڪالي جي اميد سان گڏ اپوزيشن کي آھستي آھستي پنھنجا پتا اڇلائڻ گهرجن،پر سڀ کان وڌيڪ اھم اپوزيشن جو اتحاد قائم رکڻ حڪومت يا کين سھارو ڏيندڙ قوتن جي لاءِ خطرو آھي، ھن اتحاد ۾ ڦوٽ وجھڻ جي لاءِ غير سياسي قوتون ڪيتريون ئي سياسي چالون بہ ھلنديون، ڪجھ پارٽين کي آسرا مستقبل جا سونھري خواب ڏيکارينديون، ڪن کي جھانسا ملندا، ڪن کي روشن مستقبل جي نويد ٻڌائي ويندي اصل ۾ اھا گھڙِي اپوزيشن جي لاءِ آزمائش جي گھڙي ھوندي، جيڪڏھن انھي آزمائش مان سياسي پارٽيون نڪري ويون، عوام تي اعتماد ڪيو ويو تہ اپوزيشن جي ھي تحريڪ ڪنھن منزل تي پھچي ويندي، ٻي صورت ۾ خال خواري کان سواءِ سياسي نظام جي لاءِ وڌيڪ مشڪلاتون بہ پيدا ٿيڻ جو امڪان آھي،
وفاقي گادي ۾ حڪومت جي ڏھاڪو ترجمانن مان ڪجھ ترجمانن کلي عام اعلان ڪندا وتن تہ آصف علي زرداري يا سندس پارٽي ڪڏھن بہ سنڌ حڪومت ھٿان وڃائڻ نہ چاھيندي، انھي جي ڪري ڪڏھن استعيفائون ڏيندي نہ وري اپوزيشن جو اھڙي نموني ساٿ ڏيندي، اسلام آباد ۾ اھي بہ خبرون آھن تہ پيپلز پارٽي جي اعلي قيادت اندر ٻہ ڌڙا آھن انھن مان ھڪ ڌڙي جو خيال آھي تہ نواز ليگ يا جمعيت علماءِ اسلام جي ھلايل تحريڪ جو ٻارڻ نہ ٿجي،نہ وري رياستي ادارن سان ڦٽائجي، جنھن مان مراد تہ خيرات ۾ جيڪو ملندو رھي اھو کائبو رھي، خابرو حلقن جو چوڻ آھي انھي ڌڙي جوخيال آھي تہ ھن صورتحال ۾ جيڪڏھن نواز ليگ يا جي يو آئي جو بيانيو اختيار ڪري انھن سان گڏ ھلبو تہ مقتدر قوتون پيپلز پارٽي تي وڌيڪ سختي ڪنديون، مستقبل ۾ بہ ڪجھ نہ ملندو، سڄي ڏانھن ڀڄنداسين تہ اڌ بہ ھليو ويندو،ڄاڻو حلقن جو خيال آھي تہ اعتزاز احسن ، رحمان ملڪ، نويد قمر، سميت ٻين اڳواڻن جو ھڪ اھڙو حلقو آھي جيڪو سمجھي ٿو تہ پيپلز پارٽي پنھنجي نظرئي تي ھلي،پنھنجو نظريو معني بس آسري ۾ رھجي، جيڪو وڏي سنگت کي منظور ھجي انھي سان ھا ۾ ھا ملائجي، کلي ميدان ۾ نہ اچجي، مولانا يا شريف خاندان جي سياست ۾ پنھنجو پاڻ کي زيان نہ ڪجي يا گهٽ ۾ گهٽ ايترو گھرائي ۾ وڃجي،ڪجھ حلقن جي اھا بہ دعوا آھي تہ اعتزاز احسن ذريعي مقتدر حلقن کي نياپو بہ موڪليو ويو آھي تہ نوازشريف يا فضل الرحمان جو جيڪو بہ موقف آھي اھوسندن ذاتي موقف آھي اسان انھن سان بيٺل آھيون پر انھن جي زبان ٻولي يا انداز اسان جو نہ سمجھيو وڃي.
ھن تحريڪ کي برداشت ڪرڻ، عوام کي رستن تي نڪرندو ڏسڻ حڪومت ئي نہ حڪومت کي آڻيندڙ قوتن جي وس جي ڳالھ ناھي انھي جي ڪري حڪومت جو اھو موقف غلط آھي تہ سياسي پارٽين کي احتجاج جي اجازت مليل آھي، ڪوروناکان وٺي دھشتگردي تائين ڊڄارڻ جي لاءِ وزيرن جا بيان اسان جي سامھون آھن، انھي جي ذريعي احتجاج کي روڪي بہ سگھجي ٿو،شيخ رشيد احمد جيڪا ڳالھ ڪئي اھا گهڻي خطرناڪ ھئي تہ اپوزيشن جي جلسن يا مظاھرن جي ڪري دھشتگردي بہ ٿي سگھي ٿي، ڪراچي ۾ مذھبي عالم جي قتل سان شيخ رشيد جي اھا ڳالھ درست ثابت ٿي آھي ، شيخ رشيد ڄاڻو، باخبر ۽ منصوبابندي ڪندڙن جو ماڻھو آھي انھي جي ڪري کيس اھڙو سچ بيان نہ ڪرڻ گهرجي جيڪو سندس ڳلي ۾ پئجي وڃي ھن صورتحال کانپوءِ سعيد غني جي مطالبي کي ڪھڙي پاسي رکجي جنھن چيو ھو تہ شيخ رشيد انھي دھشتگردي جي اڳڪٿي ڪري چڪو آھي انھي جي ڪري کيس جاچ ۾ شامل ڪرڻ گهرجي ھن ملڪ جا اڳوڻا صدر، وزيراعظم وڏا وزير جيل يا عدالتن ۾ پيشيون ڀوڳي رھيا آھن، پنجاب جي وڏي وزير سميت ڪجھ ٻيا وزير کنڊ ڪميشن ۾ جاچ دوران بيان ڏئي آھن تہ ھن معاملي ۾ شيخ رشيد کان جاچ ٿي سگھي ٿي، سعيد غني جي مطالبي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آھي، سنڌ پوليس جڏھن بہ انھي ڪيس جي باضابطا جاچ شروع ڪري تہ شيخ رشيد کي سمن جاري ڪري،پر ھتي موضوع شيخ رشيد نہ پر اپوزيشن جي ايندڙ وقت ۾ سياسي سرگرمين،حڪومت جو حال ۽ مستقبل آھي،
مون کي رکي رکي خبر ناھي ڇو پرويز مشرف جا آخري ڏينھن ياد اچي رھيا آھن، پرويز مشرف جي خلاف وڪيلن ۽ سياسي پارٽين جي منظم تحريڪ شروع ٿي چڪي ھئي، سندس ڪک مان جنم وٺندڙ ق ليگ، فنڪشنل ليگ سميت ٻين پارٽين جو مٿس اعتماد وڌندو رھيو، حڪومت مخالف تحريڪ کي ڪچلڻ جي لاءِ ھن سمورا حربا استعمال ڪيا، ڪيترائي ڪارڪن جيلن ۾ ھئا، ملڪ اندر موجود بينظير ڀٽو شھيد کي وڏن جلسن جي اجازت نہ ملندي ھئي لاھور، ملتان يا اسلام آباد جي اعلاڻيل جلسن دوران کيس نظربند ڪيو ويندو ھو، ق ليگ يا پرويز مشرف جا سمورا ساٿي کيس چاڙھا ڏيندا رھندا ھئا تہ اپوزيشن جي تحريڪ ۾ ڪو دم ناھي انھي جي ڪري اوھان ڇڪي رکو، ھڪ طرف حڪومتي ناڪام حڪمت عمليون ھيون تہ ٻي طرف اپوزيشن جي تحريڪ جاري ھئي تان جو نتيجو اھو نڪتو جو پرويز مشرف کي انھي ساڳي اپوزيشن جي اتحاد ايوان صدر مان پھرين تڙي ڪڍيو ٻي مرحلي ۾ سندس آئين ۾ ڪيل والار کي ارڙھين ترميم جي شڪل ڏئي اڇلائي ٻاھر ڦٽو ڪيوويو، ٽئين مرحلي ۾ مٿس ڪيس داخل ٿيا، انھي مان ھڪ ڪيس ۾ ڦاسي جي سزا بہ اچي وئي، بلڪہ عدالت جي ھڪ جج سزا تي عمل کان اڳ ۾ مرڻ جي صورت ۾ سندس لاش گھلي عبرت جي لاءِ ڊي چونڪ تي ٽنگڻ جي آبزرويشن بہ ڏني آھي،اھا ڳالھ الڳ آھي تہ مشرف جا حامي، باقيات يا ساٿين جو اتحاد وزنائتو آھي جو انھي جي ڪري ھو سزا کان بچيل آھي، کيس ملڪ مان فرار ڪرايو ويو،پر ھو جنھن کي پاڻ تي وڏو گھمنڊ ھو انھي جي حالت ھاڻ اھڙي تنگ آھي جو ملڪ واپس نٿو وري سگھي،غداري ڪيس واري سزا تہ آئي وئي ٿي وئي آھي پر سندس واپسي جي صورت ۾ سپريمڪورٽ ۾ لاھور ھائيڪورٽ جي التوا ۾ پيل درخواست تي ڪو بہ آرڊر اچي سگھي ٿو انھي سان گڏ بينظير ڀٽو، لال مسجد وارا ڪيس بہ شروع ٿي سگھن ٿا، ڳالھ جو مقصد اھوتہ پرويز مشرف انا ۽ گھمنڊ جي حوالي سان موجودہ حڪمرانن جيان ئي ھو ،ھاڻوڪا حڪمران بہ سمجھن ٿا تہ ادارن جي حمايت جي ڪري ھو اھو ڪجھ ڪري سگھن ٿا جيڪو اڳ ۾ نہ ٿيو آھي، بلڪل ھنن ادارن کي جھڙي ريت سياسي قيادت جي خلاف استعمال ڪري ملڪ اندر سياسي طرز جو نئون تجربو ڪيو اھو ھاڻ پنھنجي ناڪامي جي آخري ڏاڪي تي آھي، حڪومت ھر طرف کان زوال جو شڪار آھي، ھي جيڪي روز معاشي انگ اکر ٻڌايا پيا وڃن انھن ۾ ڪا حقيقت ناھي، حڪومتي عملداري جي حيثيت اھا آھي جو وزيراعظم جنھن معاملي جو نوٽس وٺي ٿو نتيجا انھي جي ابتڙ اچن ٿا، کنڊ جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽس ورتو ويو تہ 60 رپين واري کنڊ ھاڻ 105 رپيا ڪلو ٿي وئي آھي، اٽو اڻلڀ تي ويو آھي، مھانگائي تي ڪنٽرول جي لاءِ وزيراعظم ملڪي مشنيري کي استعمال ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناھي، ٽن صوبن ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت آھي، انھي جي باوجود ھو ٽائيگر فورس جو محتاج آھي تہ مھانگي جي روڪٿام جي حوالي سان اھا فورس سندس مدد ڪري، ٽائيگر فورس جي ڪا قانوني حيثيت ناھي، ملڪ اندر صوبائي، ڊويزنل، ضلعي، سب ڊويزنل، تعلقي انتظاميہ قلم ڇڏ ھڙتال تي ناھي، مئجسٽريٽي نظام، ڪمشنرز، ڊپٽي ڪمشنرز، اسسٽنٽ ڪمشنرز کان مختيارڪار تائين سموري انتظاميہ جو ڪم ٽائيگر فورس جي حوالي ڪرڻ جومطلب تہ ملڪ جو چيف ايگزيڪيوٽو ھاڻ ھٿيار ڦٽا ڪري چڪو آھي، سپريم ڪورٽ کيس نوٽس موڪلي وڌيڪ پريشاني ۾ وجھي ڇڏيو آھي،جيڪڏھن عدالتي فيصلي تي معزز ججن جي ڪا بئنچ ٺھي وڃي ٿي تہ انھي جو نتيجو بہ خبر ناھي ڪھڙو اچي،
حڪومت سمجھي ٿي تہ اپوزيشن کي احتجاج جي اجازت ڏئي مٿن ٿورو ڪيو ويو آھي پر حڪومت وٽ اھڙو ڪو آپشن ناھي تہ سياسي قيادت کي جلسن جلوسن کان روڪي، جيڪڏھن حڪومت تسليم ڪري ٿي تہ ملڪ ۾ جمھوريت آھي، آئين ڪم ڪري رھيو آھي تہ انھي آئيني اعتبار سان ملڪ ۾ احتجاج ڪرڻ ھر ڪنھن جو جمھوري ۽ بنيادي حق آھي تہ اھو احتجاج ٿيڻ ڏيڻ گهرجي، بلڪہ عمران خان اپوزيشن کي ڪنٽينر ۽ ماني ڏيڻ جو واعدو پورو ڪري، ھي جيڪي لڪ چوري ۾ سرڪاري مشنري کي استعمال ڪري آمريتي روايت کي ورجايو پيووڃي اھو ڇو پيو ڪيو وڃي؟ ٻيو تہ احتجاج کي طاقت جي زور تي روڪڻ جا نتيجا حڪومت جي حق ۾ نہ ويندا، حڪومت جيتري وٺ پڪڙ ڪندي احتجاج ايترو زور وٺندو ۽ پرتشدد ٿيندو، سمورن ادارن جي حمايت جي باوجود ئي حڪمرانن ملڪ ھلائڻ ۾ بي وس آھن تہ اھو سمجھي وٺجي تہ جڏھن سياسي قيادت جيل ۾ ھجي، ڪارڪنن جو روڊن تي رت وھندو ھجي تہ انھي وقت حڪومت تہ ثانوي حيثيت آھي پر سوچڻ گهرجي تہ ملڪ جي صورتحال ڪٿي بيٺي ھوندي؟ جيڪڏھن حڪومت سمجھي ٿي تہ اپوزيشن جلسو جلسو کيڏي ماٺ ٿي ويندي تہ ان غلط فھمي مان نڪري اچڻ گهرجي،حڪومت کي اھو سوچڻ گهرجي تہ ٿي سگھي تہ کين آڱر مان پڪڙي ڪرسي تي ويھاريندڙن مان ڪجھ اھڙا بہ ھجن جيڪي ھاڻ اوھان مان ٿڪي، مايوس ٿي ھاڻ نجات چاھيندا ھجن، انھي جو اندازو ان جي ڪري لڳايو پيو وڃي ٻن سالن جي اڻ اعلاڻيل سياسي بندشن ۽ پابندين ھر پاسي کان احتجاج ۽ مظاھرا شروع آھن، سياسي طور ملڪ فعال ٿي ويو ھجي،،سياسي ڪارڪن رستن تي اچڻ جي لاءِ آتا ھجن، ھڪڙو سياسي ماحول پچي راس ٿي ويو ھجي، لازمي آھي انھي سياسي سرگرمين جي پويان بہ ڪي مقصد ھوندا عين ممڪن آھي تہ حڪومت آڻيندڙ ڌرين ۾ بہ ڪي ٻہ رايا پيدا ٿي ويا ھجن اھي پنھنجي غلطي جو ازالو ڪرڻ جي لاءِ ڪا ڪوشش ڪندا ھجن، شايد ڪجھ ڌرين کي انھي جو احساس ٿي ويو ھجي تہ ھي ملڪ بيھي رھيو آھي بلڪہ ملڪ کي ترقي يافتہ يا ترقي پذير جي دائري مان ڪڍي زوال پذير ڪري چڪو آھي، ٻيو تہ وزيراعظم ڪنھن کي اھو پيغام ڏئي رھيو آھي تہ تہ اپوزيشن کي اين آر او ڏنو ويو تہ ملڪ ھيٺ ويھي رھندو، کيس ڪير سمجھائي تہ جيترو ھن ملڪ کي ھيٺ ويھاريو آھي ايترو ڪڏھن نہ ويٺو آھي، ھاڻ وڌيڪ گنجائش ناھي ھو ھٿ ڪڍندو تہ ملڪ مٿي تري نڪري ايندو،انھي جي ڪري بظاھر ملڪي منظرنامي تي جيڪو ڪجھ ڏسڻ ۾ اچي رھيو آھي انھي مان لڳي پيو تہ اپوزيشن جي ھي تحريڪ ڪاميابي سان ھم ڪنار ٿيندي، ڇاڪاڻ جو سياسي منظرنامي تي جيڪڏھن سياسي ورڪر اچي ويو، يا ميدان عمل ۾ جيڪڏھن سياسي قيادت اچي وئي تہ اھا مقصد حاصل ڪرڻ کان سواءِ واپس نہ ويندي، اپوزيشن جو واپس نہ وڃڻ جو مطلب حڪومت جو گهر وڃڻ آھي، ھاڻ موجودہ اپوزيشن تي آھي تہ ھو ھن تحريڪ مان ڪھڙا نتيجا حاصل ڪري ٿي؟ سياسي تحريڪ پرتشدد ھجي يا عدم تشدد جي پردنيا جي ڪا تحريڪ ناڪام نہ ٿي آھي، انھي جا ڪي نہ ڪي نتيجا ضرور نڪتا آھن،پر شرط اھو آھي تہ اپوزيشن ھڪٻئي جي پٺي ۾ خنجر نہ ھڻي، اپوزيشن جنھن 26 نڪتن کان ھن تحريڪ جي شروعات ڪئي آھي انھي کي منطقي انجام تائين پھچائي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *