رياض ابڙو

حڪومت جو ڊرامو ۽ مهانگائيءَ جو ڄار 

اوهانجو موقف رياض ابڙو ليکڪ

رياض ابڙو

پهرين ڳالهه ته سرڪار ايتري تيزيءَ سان معيشت جا وزير مٽايا جو عوام حيران هيو ته واقعي ئي هيءَ سرڪار ايڏا ڪم ڪندي جو پنهنجن وزيرن جي نااهلي کي به برداشت نه ٿي ڪري پهرين اهڙو ناڻي جو وزير اسد عمر کڻي آيا جيڪو اينگرو فوڊز ۾ مارڪيٽنگ ۽ فوڊ ڪاسٽنگ ڪندو هيو جنهن جي لاءِ عمران خان جون اليڪشن کان پهرين ڊاڙون ڊشون لڳنديون هيون ته هن وٽ سڄو ”ڪورم“ پورو آهي، وري ٿيو ائين جو اهو به نه هلي سگهبو ۽ نَوَن ميهنن کانپوءِ ان کي به هٽائي ڇڏيائين، وري ناڻي جي علم ۾ ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري رکندڙ ڊاڪٽر حفيظ شيخ کي گهراين وري ان تي جڏهن نومبر 2020 ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اهو اعتراض واريو ته هي اڻ چونڊيل ناڻي جو وزير نٿو ٿي، نه پرائيوٽائيزيشن ڪميٽيءَ جو چيئرمين ٿي سگهي ٿو ان ڪري خان ان کي سينيٽ جي چونڊن ۾ آزمايو (۽ پاڻ کي به) وري حماد اظهر آيو (جيڪو پيشي جي حوالي سان وڪيل آهي) پر صنعتن جي وزارت تي قابض رهيو، وري ڊاڪٽر حفيظ شيخ جي وڃڻ سان هي به 18 ڏينهن وزير رهيو، وري آءِ ايم ايف جي دٻاءُ ۽ اندروني خلفشار ۽ معيشت جي ٻيڙي کي پار لڳائڻ جي لاءِ هنن کي شوڪت ترين مليو (جيڪو جهانگير ترين خان جو سڳو سوٽ آهي، هن جي مٿان به نيب جا اڻ ميا ڪيس لڳا پيا آهن) پر هي به ان شرط تي آيو ته نيب وارا هن جو نالو تيستائين نه وٺندا جيستائين هي وزارت ۾ هوندو، ان ڳالھه تي عمران خان راضي ٿي ويو، يا مٿان اهڙي ڊڪٽيشن مليس ته شوڪت ترين کي ئي ناڻي جي وزارت ڏيڻي آهي، ۽ نيب خاموش، ڪم پيو هلي، وري اهو به وزير مان مشير ٿي ويو (پر هتي ڳالھه جهانگيرترين خان جي ٿوري ڪجي ته جي هن شخص تي ٿورو به زور پيو (جيڪو هاڻي جهڪو آهي ته هي پنهنجي سڄي خان جي مخالف ٽيم جيڪا وڃي ٿي وڌندي ته هي ڦاٽ کائيندو.

پر ڪجھه به هجي هن سرڪار کي جيئن تيئن ڪري مڙئي وقت ڪڍڻو آهي، پوءِ وزيرن کي ڏهاڙي مٽائي، وزيرن کي امپورٽ ڪري، اڻ ڄاڻ وزير کڻي، چين کان ٻيڻ چئوڻ تي قرض وٺي، آءِ ايم جا شرط مڃي، ادارن کي خانگائي، اسٽيل مل جهڙا ادار تباھ ڪري، ملازمن کي دربدر ڪري، هن خان جي مرضي آ.

بجيٽ خسارو ڪڏهن پورو ٿيڻو ئي ناهي، هن سرڪار کان ڪير اها پڇا ڪري ته گذريل بجيٽ ۾ رکيل ترقياتي ڪمن جو ڇا ٿيو، ڪيترا روڊ رستا ٺهيا، ڪيترن روڊ رستن کي چتيون چاڙيون لڳيون، ڪيترا اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون کليون، صحت تي ڪيتري بجيٽ خرچ ٿي، ڪيتريون اسپتالون کليون، يا ڪيترين اسپتالن کي ترقي ڏياري وئي، ڪيترن ماڻهن کي روزگار مليا، تعليم جي بجيٽ ڪٿي ڪٿي خرچ ٿي جيڪا عوام به ڏسي ته هنن بجلي جي گهرن ۾ واڌ آندي، گئس فيلڊ جي رونمائي ٿي، پيٽرول، ڊيزل ۽ بجلي جي سبسڊي نه ڏئي هنن ٻيا ڪهڙا ٻوٽا ٻاريا، پر ڪير پڇي، ڪير چئي، ڪير ڳالهائي، سوال رهجي ويندا پر هيءَ سرڪار سڀ ڪم سرڪاري ڪري ٽپڙ ويڙهي هلي ويندي، خبر تڏهن پوندي جڏهن هي ٻاهرين ملڪن ۾ ويٺا هوندا ۽ هنن جي ڪرپشن جا دستان کلندا.

هاڻي سڀ ڪجھه ٺيڪ آهي، سڀ صحيح پيو هلي، بجيٽ به صحيح آهي، ناڻي جي وزارت به صحيح آهي، وزير به صحيح آهن، پاڻ فارين فنڊنگ ۾ فاٿا پيا آهن، کنڊ، اٽي ۽ ٻين بحرانن جي ڳالھه ڍڪجي وئي، هي ڳالھه ته سرڪار کي مڃڻ گهرجي ته هيءَ بجيٽ ٺاهي رڳو آءِ ايم ايف جي ٽيم هئي، ڇو ته ناڻي جي وزارت مان سڀ ڏاها شخص ته هن گهر موڪلي ڇڏيا هئا، ۽ بجيٽ جي انگن اکرن جي گيم آءِ ايم ايف جي ٽيم جي حوالي هئي (اهي به هتان جا ئي آهن) آءِ ايم ايف ڪو نيويارڪ بجيٽ ٿورئي موڪلي هئي جو اهي سڀ ورڪ شيٽون، بيلينس شيٽون، ڊيبٽ، ڪريڊٽ ۽ فائدي نقصان جا فارمولا ٺاهي جوڙي ڏيندا، ڳالھه اها اهي ته آءِ ايم ايف ٽيم هتي به خريد ڪري سگهجي ٿي، ايستائين جو هي ناڻي جو وزير، ايس بي پي ۽ ناڻي جي سيڪريٽريئٽ جا ملازم به آءِ ايم ايف جا ليکيا ويندا آهن، ڇو ته حڪومت کي رڳو قرض جي قسط سان ڪم آهي، ملڪ، عوام ۽ مهانگائي پئي هلندي، هنن کي پرواھ ناهي.

اهو به آهي ته هنن پنهنجا خرچ ناهن گهٽايا، عمران خان، نوازشريف تي تنقيد ڪندو هيو ته هنن وٽ وزيرن، مشيرن ۽ صلاحڪارن جي ڄڃ لٿي پئي آهي، پر گهٽ ته هن به ناهي ڪئي، 40 کان مٿي رڳو صلاحڪار رکيون ويٺو آهي، جن کي اچي ڪجهھ ڪو نه ٿو، مثال ناڻي جا وزير به سفارش تي برٿي ٿي ٿا وڃن، ڪي کير جا مارڪيٽر، ڪي وڪيل، ڪي ورلڊ بئينڪ جا ملازم به وزير ٿي ٿا وڃن، هاڻي وري آءِ ايم ايف پاڻ پنهنجي سر.

هي ڳالھه ته عام فهم آهي ته مهانگائي جي وڌڻ جا سبب رڳو حڪومت جي سبسڊي ختم ڪرڻ، ٽيڪس بيس جا ريٽ وڌائڻ، يا ٽيڪس نيٽ وڌائڻ ئي آهي، مثال طور جي پهرين ڪنهن فرم يا فيڪٽري کان 100 روپيا ٽيڪس اوڳاڙيندا هيا ته هاڻي انهن کان روپئي جي قدر ڪِرڻ جي ڪري 100 مان 150 ڪئي وئي، پوءِ فيڪٽريون ۽ فرم به ترن جو تيل وري ترن مان ڪڍندا، معني اهي شيون مهانگيون ڪندا، ان ڪري سرڪار به چاهي ٿي ته مهانگائي جي شرح وڌي، ان ڪري کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون ٿينديون، معني جيڪي فرم، فيڪٽريون، شخص ۽ شيون ٽيڪس جي دائري ۾ نه پيا اچن اهي هاڻي ايندا، مثال روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي جي ڪري ٽيڪس جي ريٽ ۾ واڌ ڪندا يا انڪم ٽيڪس جي لمٽ يا سيلنگ ۾ به واڌ ڪندا ته جيئن هاڻي هيٺيون طبقو به ٽيڪس ڏئي، ڇو ته بجيٽ جي مطابق هنن اهو اشارو ڏنو هيو ته ”جي ڊي پي“ جو ڪاٿو وڌندو، ظاهر آ جڏهن هي ٽيڪس نيٽ، ٽيڪس بيس ۽ مهانگائي وڌائيندا ته گروس ڊوميسٽڪ پروڊڪٽ ۾ به واڌ ايندي، معني حڪومت جي کيسي ۾ پئسا گهڻا ڪرندا، ماڻهو شيون مهانگيون خريد ڪندا، امپورٽس وڌنديون، ايڪسپورٽ گهٽبيون، پر اتي شيون به ته مهانگيون ٿينديون، گهريلو ۽ روزاني استعمال جو شيون مهانگيون ٿي وينديون، بجلي، گئس ۽ پيٽرول مهانگو ٿيندو (جيڪو هنن آءِ آيم ايف سان پهرين واعدو ڪيو هو ته هي هر ٽئين مهيني بجلي، گئس ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ ڪندا) پوءِ جيڪي به شيون انهن انرجي رسورسز تي هلن ٿيون اهي به پنهنجا اگهھ وڌائينديون، ڪرايا ڀاڙا، بجلي جا بل، گئس جا بل ۽ ان سان لاڳاپيل سڀ صنعتون ۽ فيڪٽريون ائين ئي پنهنجا اگھه به وڌائينديون.

سرڪار کي هيءَ ڳالھه مڃڻ گهرجي ته ڪووڊ جي وبا جي ڪري جتي آمريڪا جهڙي ملڪ ۽ سڄي يورپ جي ملڪن جو حال بڇڙو رهيو اتي لڳاتار لاڪ ڊائونن ۽ مارڪيٽن جي ٽائيم مٽجڻ، ٽائيم گهٽجڻ ۽ ٻين رنڊڪن سبب معيشت کي ڪاپاري نقصان رسيو، اتي ماڻهن جي روز جي ڪمائي، مارڪيٽن جي سرسري ڪمائي ۽ ملڪي جي ڊي پي کي به نقصان رسيو، جنهن کان انڪار ناهي، ۽ ٽيڪس ڪليڪشن نه ڪرڻ يا گهٽ ٿيڻ جي ڪري حڪومت آءِ ايم ايف جا ٽارگيٽ پورا نه ڪري سگهي جنهن جي ڪري حڪومت کي نقصان سهڻو پيو، پوءِ ڪووڊ جي هوندي معيشت بحال ڪيئن ٿئي، جو هن سال جي ڪيل مهانگائي، ٽيڪس جي شرح جي واڌ جي ڪري جي ڊي پي جو حصو 54 سو بلين ٿيو جيڪو گذريل سال 52 سو بلين روپيا هيو، پر سرڪار جي هيءَ ڳالھه سمجھه کان ٻاهر آهي ته 1.3 ملين نوڪريون پيدا ٿينديون، سرڪار جي چوڻ مطابق هيل جي ڊي پي 4 سيڪڙو جي بجاءِ 4.2 سيڪڙو جي واڌ سان هلي هلندي، ۽ مهانگائي 8 سيڪڙو جي بجاءِ 8.2 جي حساب سان وڌندي يا اڃان به گهڻي ٿيندي، ڇو ته اهڙي ڳالهھ ٻڌائڻ جو احسان هنن اڳئين سال به ڪيو هو ته مهانگائي 6.5 جي حساب سان وڌندي پر اها ته 8.2 جي انگن اکرن کان به چڙهي وئي هئي ڇو ته پرائيس ڪنٽرول ته هن سرڪار جي وس جي ڳالھه ئي ناهي، ۽ هاڻي ته اهڙي اڳڪٿي ته هنن پنهنجي بجيٽ ۾ ٽيڪس بيس جي ريٽ جي واڌ، ٽيڪس جي نيٽ جي دائري جي واڌ ۽ جي ڊي پي جي خاطرخواهه واڌ کي ڏسي اندازو هنيو آهي، پر ڪاٿو ان کان به گهڻو آهي، ان ڪري سرڪار ته پهرئين ئي چئي ڇڏيو آهي کاڌي پيتي جي شين جي انتها درجي جي کوٽ ٿيندي، پر ساڳي جاءِ تي ايندڙ بجيٽ به حسب معمول کوٽ جو شڪار ئي رهندي، جنهن ۾ 6.3 جي شرح سان ڊيفيسٽ هلندو رهندو، حالانڪه هلندڙ سال ۽ بجيٽ کانپوءِ هي 44 ادارا به خانگائيندا، جنهن مان 900 بلين تائين ڪمائيندا، ڇو ته نوان ادارا حڪومت کي وري ٽيڪس به ڏيندا، حڪومت جي مٿان اهي ادارن جا بار به لهندا، پر پوءِ به بجيٽ ڊيفيسٽ هلندو رهندو،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *