ابراھيم ڪنڀر
حڪومت ڇا بہ چوي پر ڪوئيٽا ۾ پي ڊي ايم سياسي طاقت جو مظاھرو ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي، حڪومت انھي جلسي کي ناڪام بنائڻ جون گهڻيون سڌون ڪيون، نيڪٽا دھشتگردي جو خطرو ڏيکاريو، آخر ۾ شھر اندر ھڪ ڌماڪو بہ ٿيو، ڪوئيٽا ڏانھن ايندڙ رستن تي عوام جي رستا روڪ بہ ٿي پر اختر جان مينگل، محمود خان اچڪزئي ۽ انھي کان وڌيڪ مولانا فضل الرحمان جي ڪارڪنن ھن جلسي کي ڪامياب ڪري ڏيکاريو. انھي کان بہ سياسي ڌرين جي وڏي ڪامياب ميان نواز شريف جو وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ھو جنھن ٽي اھم معاملا ھن جلسي ۾ اٿاري واضع ڪيو تہ ڪارگل واقعو پرويز مشرف جو ھٿ ناٽ ھو جنھن ۾ پنھنجي ملڪ جي سرحدن جي حفاظت ڪندڙ سپاھين کي اڪيلو ڪري ڇڏي ڏنو ھو، اھو الزام ڪو معمولي الزام ناھي، خير انھي تي نواز شريف ماضي ۾ بہ ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ۽ واعدو ڪري چڪو ھو پر سندس اقتدار ۾ مداخلت ڪندڙن اھڙو ڪم ڪرڻ نہ ڏنو، ڪوئيٽا جلسي کان اڳ وڏي ۾ وڏو خوف دھشتگردي جو ھو، شيخ رشيد احمد واضع اعلان ڪري ڇڏيو ھو تہ دھشتگرد ڪوئيٽا ۾ داخل ٿي چڪا آھن، ھن کي چوڻو تہ اھو ھو تہ دھشتگرد ٺيڪ اتي حملو ڪندا جتي اپوزيشن احتجاجي جلسوڪري رھي آھي پر انھي ڊپ، حڪومت جي دٻاءُ ۽ جي ڌمڪين جي باوجود اپوزيشن ھڪ لمحي جي لاءِ پنھنجي پروگرام کي تبديل نہ ڪيو، ڪوئيٽا بلوچستان جي گادي جو شھر يا مرڪز ضرور آھي پر انھي جا شھر سوين ڪلوميٽر پري،ڏورانھين آبادي، ماڻھو پري پري کان جن جلسو ڪامياب جلسو ڪري حڪومت کي واضع پيغام ڏنو تہ جيڪڏھن عوام ھيتري انگ ۾ گڏ ٿي سگھي ٿي تہ اسلام آباد ۾ ڇا حال ٿي سگھي ٿو؟
ڪوئيٽا ۾ پي ڊي ايم جو جلسو حڪومت يا حڪومت جي اصل مالڪن جي لاءِ انھي جي ڪري خطرناڪ آھي جو بلوچستان اھوصوبو آھي، جنھن جي ڳالھ ميڊيا تي نٿي ڪري سگھجي، جنھن جي ماڻھن جو مسئلا ميڊيا تان گم ڪرڻ جي روايت آھي، بلڪہ ھاڻ تہ حڪومت جا پنھنجا اتحادي چئي رھيا آھن تہ بلوچستان اھو صوبو آھي جتي سول حڪومت جو وس گهٽ ٿو ھلي، ڪالھ قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي باپ پارٽي جي ميمبر سردار اسلم ڀوتاڻي چيو تہ گوادر، پسني، جيواڻي جي مسئلن توڙي سي پيڪ اٿارٽي جي معاملي تي ھن عسڪري قيادت کي خط انھي جي ڪري لکيو آھي جو بلوچستان ۾ سول حڪومت جو عمل دخل گهٽ آھي ھنن جووڌيڪ آھي انھي صوبي ۾ جيڪڏھن اپوزيشن جا اڳواڻ بيھي جلسي ۾ رياستي ادارن جي مداخلت جي ڳالھ ڪن محمود خان اچڪزئي کان وٺي سردار اختر مينگل سخت ڳالھيون ڪن، اتي انس نوراني جي زبان جو ترڪڻ ئي حڪومت کي ڳالھائڻ جي لاءِ گهڻو مواد مھيا ڪري ٿو..
حڪومت اپوزيشن جي انھي تحريڪ کان انھن ٽن جلسن جي نتيجي ۾ ايتري تہ گهٻرائجي وئي آھي ٻيو سڀ ڪجھ ڪرڻ سان گڏ غداري جا سرٽفڪيٽ، بغاوت جا طعنا، ملڪ دشمني جون فتوائون ھڻڻ گھڻو اڳيان نڪري وئي آھي، اپوزيشن جي ھن تحريڪ جي موٽ ۾ حڪومت کي جيڪو ڪرڻ گهرجي انھي پاسي سوچڻ بدران انھي جي ابتڙ قدم کڻي رھي آھي،حڪومت کي ڪرڻ تہ اھو گھرجي تہ جنھن مھانگائي، بيروزگاري، ڪروڙن نوڪرين جي ڪوڙن واعدن، پنجاھ لک گھر ڏيڻ واري ڏٽي کي اڳيان ڪري اپوزيشن ميدان ۾ لٿي آھي انھن مسئلن تي ڌيان ڏي، حڪومت کي ڪرڻ اھو گهرجي تہ عوام جي لاءِ زندگي جنجال ڪندڙ مھانگائي، بيروزگاري،بدانتظامي کي دل سان تسليم ڪري انھي جي روڪٿام جي لاءِ قدم کڻي پر انھي جي ابتڙ حڪومت ۾ شامل سڀ جا سڀ ترجمان اپوزيشن کي وڌيڪ چڙ ڏيارڻ واري ڊيوٽي تي آھن،حڪومت جي دانش يا عقل اتي وڃي دنگ ڪري ٿو تہ اپوزيشن جون سڀ پارٽيون انھي جا سڀ ليڊر ڀارت يا اسرائيل جا ايجنٽ آھن جڏھن تہ محب وطن رڳو ئي رڳو تحريڪ انصاف ۽ حڪومت جي اتحاد ۾ شامل ماڻھو آھن، انھي جي پويان ٻہ حڪمت عمليون ٿي سگھن ٿيون ھڪ پنھنجي بقا، ٻيو اپوزيشن ۽ اسٽبلشمينٽ ۽ اپوزيشن کي ھڪٻئي کان پري رکڻ وارو رجحان پيدا ڪرڻ آھي.
حڪومت اپوزيشن جي تحريڪ کان اڳ يا انھي کانپوءِ جيڪو ڪجھ ڪري رھي آھي انھي سان اپوزيشن جو گراف مٿي ٿي رھيو آھي، جڏھن تہ اپوزيشن وڌيڪ خوار خراب ٿيندي وڃي، ٻيو تہ وزيراعظم پاڻ جنھن جذباتي انداز سان ڳالھائي فيصلا ڪري يا اپوزيشن جي احتجاج تي رد عمل ڏيکاري رھيو آھي، انھي مان اھو تاثر عام ٿيندو وڃي تہ جن ادارن جي حوالي سان اپوزيشن احتجاج ڪندي بہ مدبراڻي،منطقي نموني ڳالھ ڪري ٿي وزيراعظم پنھنجي جذباتي انداز ۾ اھا ڳالھ ڪري اداران کي وڌيڪ ٻوھي ۾ وجھي رھيو آھي،
وزيراعظم صاحب ھاڻوڪن انٽرويوز يا پنھنجي ورڪرز کي خطاب دوران جيڪي جيڪي ڳالھيون ڪيون آھن اھي ڳالھيون اپوزيشن جي الزامن جو جواب گهٽ پر انھن بيانن تي تصديق جي مھر ھڻڻ برابر آھن، اسلام آباد ۾ تقرير ڪندي وزيراعظم پھرين خواجا آصف جي نقل ڪئي پر پوءِ ھن جيڪا ڳالھ ڪئي انھي سان ھن ميان نواز شريف جي انھي الزام کي سچ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ اليڪشن جي نتيجن ۾ رياستي ادارا مداخلت ڪندا رھيا آھن، وزيراعظم کي چئو تہ جيڪڏھن پنھنجي اداران جو دفاع ڪرڻ نٿو اچي تہ گهٽ ۾ گهٽ ڳالھ اھڙي ڍنگ سان رکي وڃي جو انھي ڪرسي تي رھي انھن جو دفاع تہ ڪري سگھين، ڄاڙي تي ھٿ رکي نواز شريف کي ڌمڪي ڏيڻ يا اپوزيشن جي اسيمبلي ميمبرن کي پراڊڪشن آرڊر نہ ڏيڻ جي ڳالھ وقت جي سرڪار جي چيف ايگزيڪيوٽو کي ڪئين ٿي سونھين؟ پراڊڪشن آرڊر اسيمبلي اسپيڪر جو صوابديد آھي، وزيراعظمون مين شو ڪئين ٿو ھلائي سگھي، اھڙي ٻولي استعمال ڪرڻ وقت کيس سوچڻ گهرجي تہ ھو ڪنٽينر تي جلسي کي مخاطب ڪو اپوزيشن ليڊر نہ پر ملڪ جو چيف ايگزيڪيوٽو ۽ 22 ڪروڙ جو عوام جووزيراعظم آھي.
ميان نواز شريف جڏھن ھڪ انٽلجنس ايجنسي جي اڳوڻي سربراھ تي الزام ھنيو تہ ھن کيس استعيفي جي لاءِ نياپو موڪلي، انھي جي رد عمل ۾ وزيراعظم جيڪا ڳالھ رکي انھي مان ثابت ٿيو تہ نواز شريف جو الزام درست ھو، وزيرعظم عمران خان نواز شريف جي ڳالھ جي رد عمل ۾ ٻہ ٽي اھڙيون ڳالھيون ڪيون جيڪي ادارن کان ڪڏھن ھضم نہ ٿينديون، نواز شريف ھڪ اداري جي سربراھ تي الزام ھنيو، انھي تي وزيراعظم جو پھريون رد عمل اھوھو تہ ھڪ اداري جي سربراھ کي اھا جرئت ڪئين ٿي جو نواز شريف کان استعيفي ٿي ورتس آئون ھجان ھا تہ کيس برطرف ڪري ڇڏيان ھا، ان مان مراد تہ وزيراعظم ايترو بااختيار آھي جو ھو انھي حيثيت جي مالڪ عھديدار کي برطرف ڪري سگھي، اھا ڳالھ سمجھڻ ضروري آھي تہ ھي جھيڙو ئي انھي تي آھي، ان ساڳي معاملي تي وزيراعظم ھڪ ٻيو بيان ڏئي نواز شريف جي بيان جي تصديق ائين ڪئي وئي تہ وزيراعظم چيو تہ جيڪڏھن جنرل ظھير الاسلام نواز شريف کي استعيفي جو چيو ھو تہ اھو رڳوانھي جي ڪري جو نواز شريف چور ھو، ڇاڪاڻ جو سمورن رياستي ادارن جي اک وزيراعظم تي ھوندي آھي، ھنن جي مون تي بہ نظر آھي، وزيراعظم عمران خان انھي کان بہ اڳتي وڌي اھا ڳالھ ڪري چڪوآھي تہ مون تي ڪو فرق نٿو پوي تہ ملڪ ۾ ڪير آرمي چيف آھي يا ڪير انٽجلنس اداري جو سربراھ آھي؟اھي سموريون اھڙيون شيون آھن جيڪي رياستي ادارن جي لاءِ قطعي طور قابل قبول نہ ھونديون آھن، کڻي جو ڪنھن کي بہ لڳندو ھجي تہ ادارا ھن تحريڪ ۾ بہ وزيراعظم سان گڏ بيٺل آھن پر ادارا ھڪ موقعي تي اھو بہ سوچيندا ھوندا تہ ھڪ شخص،ھڪ پارٽي، ھڪ حڪومت جي ڪري جيڪڏھن اسان سموري اداري جي خلاف ملڪ ۾ لائوو ٻيو ٻري تہ ھو پنھنجي دفاع جي لاءِ اھڙي حڪمت عملي تياري ڪندا جنھن سان اپوزيشن جو فائدو ٿئي يا نہ پر گهٽ ۾ گهٽ نفعو حڪومت يا وزيراعظم کي بہ نہ ملندو، جيڪڏھن اڄ ئي وزيراعظم کي جي پٺي تان ھٿ کڄي وڃي، سياسي پارٽين کي يقين ٿي وڃي تہ پارليامينٽ اندر چرپر سان سندس ميمبرن کي ڪا ڌمڪي، ڪو ڌڙڪو نہ ملندو، سياستدانن کي رڳو اھو يقين ھجي تہ سياسي لڳ لاڳاپن ۽ رابطن جي مڪمل آزادي ھجي تہ ھو ايوان اندر ھفتي اندر تبديلي آڻي سگھن ٿا، پر انھي سموري صورتحال جو ٻيو پاسو اھو آھي جو عمران خان کي گهر موڪلڻ سان انھن ٻن سالن جي محنت زيان ٿيڻ جو جيڪو خوف آھي انھي کي ڪھڙي پاسي رکجي؟
اپوزيشن جي ھن قسم جي تحريڪ ۾ جيڪڏھن ڪا بہ فھميدي، سنجيدہ، سياسي دانش ۽ فھم تي يقين رکندڙ حڪومت ھجي تہ وڏي نقصان کان بچڻ جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ پھرين ڌڪ ۾ عوام جي فلاح بھبود، ڀلائي جي لاءِ فوري،ھنگامي ۽ جنگي بنيادن تي قدم کڻي، جيڪڏھن اھي وس۾ ناھن، پئسن جي کوٽ جورينگٽ نٿو وڃي تہ گهٽ ۾ گهٽ اپوزيشن سان ڳالھائي تہ سگھي ٿي، ائين تہ ڪم ھلندو ئي ڪونہ تہ اپوزيشن جي تحريڪ ھجي، وزيراعظم ڄاڙي تي ھٿ رکي سمورن ادارن کي اپوزيشن جي پويان لڳائي ڇڏي، ھر جلسي جي پڄاڻي تي اپوزيشن جي سمورن اڳواڻن جي خلاف ڪيس درج ڪيا وڃن، ھوٽلن جي ڪمرن جا دروازا ٽوڙيا وڃن، حڪومت غير قانوني ڪم ڪري وري انھن کي مڃڻ جي لاءِ بہ تيار نہ ھجي، ادارن کي ادارن جي سامھون آڻي وري انھي سموري ڳالھ کي اپوزيشن کي ڳلي ۾ فٽ ڪري ڇڏي، اپوزيشن جو تہ گذريل چئن سالن کان نقصان ٿي رھيو آھي، مٿن پابنديون، اليڪشن ۾ ڌانڌلي، عوام جي لاءِ آزار بنيل حڪومت جو مڙھجڻ، حڪومت جو پاليسي ۾ ڪردار نہ ھجڻ جي ڪري ملڪ کي نقصان الڳ ٿيندو ٿو رھي پر انھي جي باوجود حڪومت اھو سمجھندي رھي تہ اپوزيشن جي تحريڪ طاقت جي زور تي ناڪام ٿيندي، سياسي حڪمت ۽ منصوبابندي جي بنياد تي ھلندڙ تحريڪون رڳو حڪومتن کي ختم نہ ڪنديون آھن پر گهڻيون شيون انھي ۾ لڙھي وينديون آھن انھي جي ڪري حڪومت کي ھوش کان ڪم وٺڻ گهرجي، حڪومت اھو نہ سمجھي تہ ھنن کي آخري ڀيرو حڪومت ملي آھي انھي جي ڪري آخري لمحي تائين ويڙھ ٿيندي،عوام سان ويڙھ ۾ ڪير ڪامياب ناھي ٿيو،سوا ٻہ سال اوھان پاڻ کي آزمايو، اڳيان ڪنھن بھتري جو آسرو ناھي، حڪومت جي لڇڻن،روين، غير سنجيدگي، رد عمل ۽ انتقامي سياست جي ڪري ھي ويڙھ ھاڻ حڪومت يا اپوزيشن پارٽين بدران مقتدر ڌرين ۽ عوام جي وچ جي جنگ بڻجي رھي آھي،ھن سموري صورتحال ۾ وزيراعظم يا سموري حڪومت جو بيانيو تہ کڻي رياستي ادارن جي حق ۾ ھجي پر ھنن جي ڳالھ رکڻ جو انداز اھڙو آھي جو اانھن ادارن جي لاءِ اپوزيشن جو ڪيس وڌيڪ مضبوط ٿي رھيو آھي، اپوزيشن جي بيانئي کي ھٿي ملي رھي آھي.