عاصمه شيرازي
طاقت جي راند ۾ ويڙهه جا اصول طئه ڪيا ويندا آهن، ۽ اهو ڏٺو ويندو آهي ته ڪهڙي وقت ۽ ڪهڙي رنگِ ۾ ڪهڙو پهلوان لاهڻو آهي، ڪهڙي ٽيم کي کيڏائڻو آهي ۽ ان جي کٽڻ لاءِ ڪهڙي قسم جي حڪمت عملي طئه ڪرڻي آهي. سٺا ڪپتان ڪنهن به رانديگر مان گهڻيون اميدون نه رکندا آهن ، پر هو هر رانديگر جو بيڪ اپ ضرور رکندا آهن ته جيئن ضرورت جي وقت انهن کي استعمال ڪري سگهجي.
منهن اڇو ٿئي ستارن جي چال جو نه عطارد زوال پذير ٿئي ٿو ۽ نه ئي وري زُحل پنهنجي خاني مان نڪري ٿو، نه ئي سج پنهنجي جاءِ ٿو مٽائي ۽ ئي وري چنڊ پنهنجو نماءُ ٿو ڪري، بس رڳو سج جي ٿوري جاءِ تبديل ٿيڻ جي دير هُئي جو ان جا اثر ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن، جڏهن انهن گهڙين جو زوال ٿيو ته وري سج پنهنجي وڏي گهر ۾ آهي.
سياست ۽ راند ۾ اهو ئي فرق آهي جو سياست ۾ هر ستاري کي پنهنجي ميدان ۾ لاهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ۽ زوال جي وقت صبر ۽ عروج جي لاءِ وري جدوجهد شروع ڪئي ويندي.
موجوده ”پراجيڪٽ تبديليءَ“ لاءِ هر قسم جا جتن ڪيا ويا، وڏي گهر سمورا انڊا هڪ ئي ٽوڪريءَ ۾ وجهي ڇڏيا ته وري ننڍي گهر وڏو داءُ هڪ ئي شخصيت تي لڳائي ڇڏيو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته هاڻي ٻئي مايوس آهن ۽ جنتريءَ مان نوان منتر ڪڍڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن.
گذريل ٻن هفتن کان پياري وطن ۾ هلندڙ ” سموري اننگ“ جو نتيجو جيڪو به نڪري، هڪ ڳالهه ته طئه آهي ته هٿن مان ڪبوتر ڪڍندي ڪڍندي طوطا اڏايا ويا آهن، هاڻي هڪ طرف ذميوارن کي تبديل ڪيو پيو وڃي ته وري ٻئي طرف الوداعي ملاقاتون ٿي رهيون آهن. ….اها ڳالهه ته طئه آهي ته ادارو ڪڏهن به پنهنجي باس کي باءِ پاس نه ڪندو آهي ۽ نه ئي وري پنهنجا فيصلا واپس وٺندو آهي، ائين ڪڏهن به نه ٿيو آهي ۽ هاڻي به ائين سوچي ئي نه ٿو سگهجي.
هاڻي جيڪا ڳالهه ٿيڻي آهي ان کي ڪير ٿو ٽاري سگهي، اداري کي مقررين لاءِ وقت جي کوٽ ۽ ڪجهه بگڙيل معاملن کي درست ڪرڻ جو احساس، روزاني جي بنياد تي ملڪ جي بگڙجندڙ معيشت ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ ڪجهه وڌيڪ مقرريون….
سياسي جماعتون هجن يا وري عدالتي نظام هُجي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ان کي سڌاريو وڃي، اداري لاءِ بهتر اهو ئي هيو ته وقت ۽ حالتن جي پيش نظر فيصلا ڪيا وڃن ها، پر اهو خيال ڪڏهن به نه ڪيو ويو ته فيصلي مٿان فيصلا به ٻڌائي سگهجن ٿا.، اهو لوڏو بهرحال اچي چڪو آهي، هن لوڏي کانپوءِ ڇا ٿيندو؟، اسلام آباد ۾ اهڙُو سوال هر هنڌ پڇيو پيو وڃي.
گذريل ڏينهن ۾ جيڪا ڌوڙ اٿي هُئي اها جيئن جو تيئن هوا ۾ آهي، سوال هي آهي ته اڳتي ڇا؟، ٿيندو، مملڪت جا معاملا ڪهڙي نموني هلايا ويندا؟، ملڪ، معيشت ۽ سياست جي بند گليءَ ۾ بيٺو آهي، حڪومت غير مقبول ٿي وئي آهي ۽ عوام سخت ڪاوڙ ۽ غصي ۾ آهي، ان کان اڳ جو غير يقينيءَ موجوده صورتحال کي ئي پنهنجي قبضي ۾ وٺي، اهڙي صورتحال ۾ هاڻي ڪرڻو ڇا؟، آهي، اهو هڪ سوال آهي.
سچ ته اهو آهي ته هڪ طرف ته ايف اي ٽي ايف جي تلوار ٽنگيل آهي ۽ ٻئي پاسي وري دنيا جو اعتماد کڄي رهيو آهي، آءِ ايم ايف جو ٽوڙهو پاڪستان جي ڳلي ۾ سوڙهو ٿي رهيو آهي، ڇا، اهڙين حالتن ۾ هاڻي ڪا سياسي جماعت ملڪ سنڀالڻ لاءِ تيار ٿي سگهندي.
ڇا؟، هاڻي اهڙو وقت اچي ويو آهي جو بنگلاديش وانگر فوج جو ادارو مڙني سياسي جماعيتن کي هڪ هڌ ويهاري ۽ انهن سان قومي ڊائلاگ ڪري، صاف ۽ شفاف چونڊُون ڪرائي ملڪ سياستدانن جي حوالي ڪري وڃي پنهنجو بنيادي ڪردار ادا ڪري؟.
اهي سڀ سوال مشڪل ضرور آهن پر ناممڪن نه آهن، اڄ به ميثاق معيشت تي ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي، مخالف ڌر جون سنجيده سياسي پارٽيون ان هائوس تبديليءَ وارو آپشن اختيار ڪن يا وري مختصر مدي جي حڪومت جوڙين، اها ڳالهه طئه آهي ته ڪابه هڪ جماعت حڪومت هلائڻ جي اهل نه آهي. ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي تحريڪ انصاف کي سياسي شهادت ڏيڻ کان سواءِ ئي تبديلي ڪهڙي نموني آڻي سگهن ٿيون ۽ نظام کي ڪرڻ کان ڪيئن بچائي سگهن ٿيون، اها ڳالهه انهن ٻنهي وڏين پارٽين لاءِ چيلينج آهي، پر ان ڳالهه لاءِ مخالف ڌر جي جماعتن کي تمام جلد هڪ صفحي تي اچڻو پوندو.
هاڻي ڀلي ڪارن ٻڪرن جي قرباني ڪئي وڃي يا وري ڪبوترن جو خون وهايو وڃي، تعويذ ساڙيا وڃن يا وري بوتن ۾ سئيون هنيون وڃن معيشت کي اهڙي نموني سنڀالي نه ٿو سگهجي، جڏهن ته معيشت جي تقاضا تبديليءَ جو مطالبو ڪري رهي آهي. هاڻي تبديليءَ جي انهيءَ چرخي ۾ ڪير ڪير ايندو ، سياسي چال ستارن جي حال کان وڌيڪ اهم آهي.