ملڪ ۾ 12 مارچ تي عجب تماشو ٿيو جو کٽيندڙ هارائي ويا ۽ هارائيندڙ، سوڀارا ٿي چيئمين سينيٽ ۽ ڊپٽي چيئرمين بڻجي ويا. ٻنهي سرڪاري اميدوارن کي وڏي اهتمام سان سندن عهدن ۽ ڪرسين جو قسم کڻائي، ملڪ جي سڀ کان مٿين ايوان ۾ آڻي گهوٽ ڪري ويهاريو ويو ۽ ملڪ جو مالڪ بڻايو ويو آهي. سمورو ملڪ ڏندن ۾ آڱريون وجهي ڏسندو رهيو ۽ دنيا پنهنجي ٽي وي چينلن تي لائيو ۽ سڌي سنئين نشريات ۾ ٿيندڙ تماشو ڏسندي رهي ۽ عبرت حاصل ڪندي رهي يقينن اهي منظر هالي ووڊ جي ڪنهن جاسوسي فلم يا انڊيا جي فلمن ۾ پيش ٿيندڙ منظرن وانگر ئي هئا. سياست جي ايوانن ۾ ٿيندڙ سرگرمين ۽ آئين، قانون جي کليل لتاڙ ۽ جمهوري اصولن ۽ روايتن جي ڀڃڪڙين ۽ ڏسندڙ واسندڙ ماڻهن جي ڪيل ويساهه گهاتين وارا اهڙا منظر ته شايد انڊيا جي ڪنهن نئين فلم لاءِ بهترين فلمي منظر ۽ سياست نگر ۾ ٿيندڙ ڏوهن وارين ڪهاڻين جا ڪيترا ئي پلاٽ مهيا ڪري وڌا آهن. جنهن تي ڪيترن ئي ملڪن ۾ چار درجن کن فلمون ته آرام سان ٺهي سگهن ٿيون. اسان جي ملڪ جي حال تي اهي فلمون ٺهيون ته يقينن هائوس فل هوندا ، انهن جي نمائش گهٽ ۾ گهٽ پاڪستان جهڙي ملڪن جي سينيمائن ۾ ته چڪربازي وارين اڳوڻين فلمن جا رڪارڊ پڻ ٽوڙي سگهن ٿيون. سينيٽ آف پاڪستان جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي گذريل ڏينهن ٿيل چونڊن ۾ اڪثريتي ووٽ رکندڙ اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي چيئرمين سينيٽ جي اميدوار سيد يوسف رضا گيلاني جي پنهنجي مدمقابل سرڪاري اميدوار کان سرسي حاصل ڪرڻ بعد جهڙي ريت حڪومت طرفان مقرر ڪيل تڪراري پرزائيڊنگ آفيسر، حڪومت جي اتحادي جماعت فنڪشنل ليگ ۽ جي ڊي اي جي سينيٽر سيد مظفر حسين شاهه طرفان پنهنجي حاصل اختيارن کي جادوئي ڪمالن ۾ تبديل ڪرڻ جو جهڙي ريت مظاهرو ڪيو ويو اهو يقينن دنيا جي پارلياماني تاريخ جو وڏي فن جو مظاهرو آهي. جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن جي قانون ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلن جي برخلاف درست قرار ڏنل 7 ووٽ رد ڪري کٽيندڙ کي هارائڻ واري فن جو جهڙي ريت مظاهرو ڪيو ويو ان سان سموري ملڪ ۽ دنيا کي ڏندين آڱريون اچي ويون آهن. ملڪ جي سڀ کان مٿين ايوان سينيٽ آف پاڪستان جي ٻن وڏن عهدن واري چونڊ جي عمل تي پنهنجي ملڪ سميت، سموري دنيا جي ميڊيا ، اليڪٽرونڪ ميڊيا جي عالمي ادارن جي اکين اڳيان، نگاهن جي سامهون ۽ هزارين ٽي وي ڪيمرن جي پل پل جي جنبش ۽ حرڪت جي ريڪارڊنگ ۽ رپورٽنگ دوران ئي مخالف ڌر جو هيڏو وڏو اڳوڻو وزير اعظم۽ چيئرمين سينيٽ جو اميدوار جهڙي ريت، سانگهڙ جي سيد جي هٿن مان ڏسندي ئي ڏسندي غائب ٿي ويو ۽ ماڻهو مان تبديل ٿي ڪبوتر بنجي ويو اهو يقينن اچرج ۾ وجهڻ وارو جادو هو يا ايوان ڪرامت واري ڪا ڪرامت هئي ؟ اهو منظر جيڪو ڪجهه به ٿيو، اهو يقينن تمام وڏي فن جو مظاهرو هو، جيڪو ملڪ جي پارلياماني تاريخ جو پڻ هڪ ٻيو يادگار واقعو بنجي ويو آهي. هن کان اڳ 30 سال اڳ پڻ اهڙي قسم جو واقعو سنڌ اسيمبلي جي تاريخ جي رڪارڊ تي آهي جنهن ۾اهو ساڳيو ”سنڌ جو فنڪار“ اسپيڪر جي عهدي تي فائز هو. 1990ع ۾ٿيل عام چونڊن ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي اڪثريت حاصل ڪئي پر هنن ساڳي جادوگرن طرفان ( اڳوڻي صدر غلام اسحاق خان مرحوم واري دور ۾) پيپلز پارٽي جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪري سنڌ ۾”مشهور زمانه، ڄام صادق علي“ جي حڪومت قائم ڪئي ويئي ، جنهن ۾ اسانجو ساڳيو سيد مظفر حسين شاهه اسپيڪر ۽ سينيئر وزير ٿيو. ڄام صادق علي جي اقتدار دوران فوت ٿيڻ بعد ساڳيو شاهه صاحب باقي مدت لاءِ سنڌ جو وڏو وزير پڻ ٿي رهيو. ڄام صادق علي ۽ سيد مظفر شاهه وارو اهو دور سنڌ جي تاريخ جي جبر واري دور طور پڻ مشهور ٿيو جنهن ۾ مخالف ڌر يا مخالفن جو ڳالهائڻ ۽ صحافين جي لکڻ تي بندشون ۽ پرنٽ ميڊيا ۽ پريس خلاف ڪارروائيون پڻ انهي آمراڻي دور واري تاريخ جو هڪ باب آهي. انهيءَ دور ۾ پڻ اسيمبلي ۾ اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ، شينهن کي رڍ بنائڻ، اٺ کي ٻڪري ۾ تبديل ڪرڻ وارا ڪم عام جام ٿيندا هئا. سينيٽ جي چونڊن واري اجلاس کان اڳ ايوان جي پولنگ بوٿ ۾ لڳل جاسوسي وارا ڪيمرا هٿ اچڻ واريون ڪارگذاريون ٿيڻ ۽ انهن اوزارن جو هٿ اچڻ پڻ يقينن جيمس بانڊ واري فلمن وانگر قرار ڏئي سگهجي ٿو جنهن ۾ مک ۽ ڪوئن جيتريون ڳجهيون ڪيمرائون رات جي پيٽ ۾ ايوان ۾ جهڙي ريت لڳائي ديده دليري سان پارليامينٽ جي توهين ڪئي ويئي۽ ووٽ جي رازداري ختم ڪرڻ واري غير آئيني حرڪت ۽ واردات ڪئي ويئي. اهي واقعا يقينن، پاڪستان جي سياسي سرشتي ۽ ملڪ جي پارليامينٽ تي بدنما داغ بنجي ويا آهن. اهڙي ريت، اڪثريتي ووٽ حاصل ڪندڙ اميدوار جا 7 ووٽ رد ڪري ان کي زوري هارائڻ بعد ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جي چونڊ ۾ وري ان مسلم ليگ نواز جي باغي سينيٽر کي حڪومت ۽ مخالف ڌر جي سينيٽرن کان به وڌيڪ ووٽ ڏياري جهڙي ريت ڊپٽي چيئرمين سينيٽ طور ڪامياب ٿيڻ واري جادو منتر وارو مظاهرو ڏسڻ جو موقعو مليو، اهو نظارو پڻ يقينن پنهنجو مثال پاڻ آهي.اسان جي سنڌ جي ڳوٺن ۽ راڄ ڀاڳ ۾ سهڻي سنڌيءَ ۾هي چوڻيون، عام آهن ته،”سائين! عمر ۽ تجربي جو ڪو جوڙ يا شارٽ ڪٽ نه ٿيندو آهي“. يا هيءَ چواڻي پڻ عام جام آهي ته، ”سائين! پوڙهو اٺ به ٻه ڪوانٺ لهي“. يعني پراڻي پاپيءَ جون فنڪاريون يا گر به ڪمال جا هوندا آهن. پارليامينٽ ۾ اڪثريت نه هئڻ ڪري سرڪار کي جيڪڏهن آئين ۾ ترميم ڪري ووٽرن جي فيصلن کي چٽو ۽ ظاهر ڪرڻ ناممڪن بنجي ويو ته، سينيٽ جي ايوان ۾جاسوس ڪيمرا لڳائي ووٽرن تي نظر رکڻ واري واردات ڪئي وئي پر جڏهن اها فنڪاري به پڪڙجي پئي ته، ان بعد جديد ۽ قديم جادوگرن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون . انهن پراڻن فنڪارن اک ڇنڀ ۾”ڏينهن کي رات“ ۽” رات کي ڏينهن“ ڪري ڏيکاريو. بيشڪ ! ملڪ تي حڪمرن، مثالي ۽ انصاف واري سرڪار جي سمورن ڪارنامن کي جهڙي ريت، ٻڌي جي اگهه ۾سندون ۽ سرٽيفڪيٽ ملڻ وارو سلسو هلي رهيو آهي، تنهن بعد هاڻي 2018ع جي چونڊن ۾ ٿيل ڪرامتن تي پڻ يقين ٿي ويو آهي. عجب معاملو آهي ته، ووٽ ڪنهن کي ٿا ڏجن ۽ ڪامياب ڪير ٿو ٿئي؟، يقينن، اهڙا تماشا اسان جي ملڪ ۾ اڪثر ٿيندا رهندا آهن. ممڪن آهي ته، ايندڙ ڏينهن اهي لقاءُ پڻ ڏسڻ ۾ اچن ته، ماڻهو ووٽ وجهڻ لاءِ پولنگ اسٽيشنن تي پهچن ته اتي کين اهي خبرون ملن ته، سندن ووٽ اڳ ئي پئجي چڪاآهن ۽ هو اجايو تڪليف ڪري آيا آهن. اهي ڪرامتون پڻ ٿي سگهن ٿيون ته ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ موجود رهندا پر فرمانبردار جنن ۽ ڀوتن وارا لشڪر پاڻمرادو سموري ملڪ جي ماڻهن جا ووٽ پاڻ وجهي ايندا. باقي جيڪڏهن هارائيندڙ ڌرين کي ڪا پريشاني محسوس ٿئي ٿي ته انهن کي پڻ صلاح ڏني ويندي ته هو پڻ ” ٽائيگر خان“ وانگر ڪاميابي ڏياريندڙن واري ڪلب ۾وڃي شامل ٿين ته، سندن ٻيڙا پڻ پار ٿي ويندا. چونڊن ۾ فارم ڀري هو پڻ پنهنجي ٻانهن سيراندي رکي سمهي رهن ۽ صبح جو وڃي پنهنجن ايوانن ۾ ڪاميابين وارا حلف کڻن. واهه سائين واهه !
