sohail warraich

جيڪڏهن هُن استعيفى ڏني ته…

چونڊمواد سهيل وڙائچ ليکڪ

سهيل وڙائچ

جيڪڏهن هُن مطالبو مڃي استعيفى ڏني ته ملڪ ۾ وري نئون بحران پيدا ٿي ويندو، گذيل 70- سالن جي تاريخ ۾ ملڪ اندر ڪوبه اهڙو اڳواڻ نه ٿيو آهي جنهن مطالبو تسليم ڪندي يا غلطي مڃيندي استعيفى ڏني هُجي. هُن جا دوست کيس اصول پسند چئي سندس تعريف ڪندا ۽ چوندا هو ته ڪامياب ٿيڻ وارو ئي هو پر مولانا کائنس استعيفى ورتي جنهن ڪري هو ملڪ جي قسمت بدلائي نه سگهيو.

ان جا عقيدت مند چوندا معاشي اهڃاڻ ته تمام گهڻو بهتر هيا، صدين کان جاري ڪرپشن به ختم ٿيڻ واري هُئي پر مولانا کيس ائين ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو. نوجوان چوندا هو ته نوجوانن لاءِ نيون اسڪيمون آڻي ها پر ان کي ڪجهه ڪرڻ نه ڏنو ويو، سندس ڏيهي توڙي پرڏيهي حمايتي چوندا جاهل ماڻهو کيس سمجهي ئي نه سگهيا، کيس انهن اڻ پڙهيل ماڻهن ڪري مجبورن استعيفى ڏيڻي پئي.

انصافي بقراط وري اهڙا دليل به ڏيندا ته اها هڪ بين الاقوامي سازش آهي، اقوام متحده ۾ تقرير بعد يهودي کيس حڪومت مان ڪڍرائڻ کان سواءِ ڪو چين سان ٿورئي ويهن ها، هُن جيڪڏهن استعيفى ڏني ته هو پنهنجي سياسي دوستن لاءِ سياسي شهيد ٿي ويندو ۽ مخالف ڌر اهڙي سياسي شهيد لاءِ تارا مسيح بڻجي ويندي.

اهي طلسماتي ملڪ آهن جتي ريل جو حادثو ٿئي ته وزير استعيفى ڏئي ڇڏي ۽ عوام مهانگائيءَ خلاف احتجاج ڪري ته وزيراعظم استعيفى ڏئي ڇڏيندا آهن، هتي ته شروع کان وٺي اڄ تاريخ تائين جي رڳو ظلم، جبر ۽ مزاحمت سان ڀري پئي آهي. هتي ضمير، اخلاقيات ۽ ڀلائيءَ جا سبق رڳو ڪتابن ۾ ئي قيد آهن.

مملڪتي مامرا هجن يا عملي سياست جو ميدا هتي بيحسي، ظلم ۽ زبردستي ئي ٿيندي رهندي آهي ۽ ان ۾ ڪا تبديلي ايندي نظر به نه ٿي اچي، ان ظلم خلا وڙهندڙ احمد خان کرل هُجي، نواب مظفر خان هُجي، ڀٽو هُجي يا سوين گمنام ماڻهو هجن اهي پنهنجو خون ڏئي ڪاري رات کي سونهري ته بڻائي ويندا آهن پر ان کي بدلي نه سگهندا آهن. ظلم رنگ ۽ روپ مٽيندي قائم رهي ٿو پر مظلوم ڪجهه ڪري نه ٿا سگهن.

ڌرڻا ۽ لانگ مارڇ اصولي طور تي غلظ آهن پر اڄ جو مسئلو اهو آهي ته اسلام آباد ۾ ڌرڻي تي ويٺل هزارين ماڻهن جا ڳوڙها ڪير اگهندو، انهن لاءِ اهو ئي بهتر ٿو چيو وڃي ته هو اتان اٿي هليا وڃن ڇو جو جيڪڏهن ڪنهن کي ان ڌرڻي جي ڪري هار نظر آئي ته ڪجهه به ٿي سگهي ٿو ماڻهن جون زندگيون به وڃي سگهن ٿيون.

اها ڳالهه واضع آهي ته هيڏي وڏي ڌرڻي کي طاقت جي زور تي اٿاري نه ٿو سگهجي ۽ نه ئي انهن کي روڪي ٿو سگهجي، مولانا خادم رضويءَ جي ڌرڻي کي ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال ڪري منتشر ته ڪيو ويو پر ان سان کين ڪيتري بيعزتي نصيب ٿي اها سڀني کي خبر آهي جو انهن مجبور ٿي ساڻس لکت ۾ معاهدو ڪيو.

اطلاع اهي به آهن ته مولانا جي لانگ مارچ کي شروع ۾ ئي سنڌ ۽ پنجاب ۾ روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر جڏهن ماڻهن جو انگ ٽيهن کان چاليهه هزارن تائين پهتو ته اهڙو فيصلو ملتوي ڪيو ويو، هاڻي صورتحال اها آهي ته جيڪڏهن پنجاب يا اسلام آباد پوليس انهن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهو انهن لاءِ به آسان نه هوند، جيڪڏهن رينجرز يا ريگيولر فورسز جو مجموعي سان ٽڪراءَ ٿي پيو ته ڪيتريون ئي جانيون ضايع پڻ ٿي سگهن ٿيون

لال مسجد آپريشن ٿيو ته ان بعد سڄي ملڪ ۾ آپگهاتي بمن جو هڪ نه کٽندڙ سلسلو شروع ٿي ويو هو، آزادي مارچ جي ڌرڻي ڪري استعفى ڏيڻ وارو عمل عمران خان لاءِ ته فائدي وارو هوندو پر مخالف ڌر لاءِ نقصانڪار هوندو. مولانا پنهنجي مطالبن ۾ چونڊ ضابطن ۾ سڌارا آڻڻ، اليڪشن ڪميشن کي غير جانبدار بنائڻ، احتساب ۾ زيادتين جو سلسلو ختم ڪرڻ ۽ جمهوري آزادين جهڙا مطالبا شامل ڪيا آهن جيڪڏهن اهي سمورا مطالبا تسليم ڪيا ويا ته اها مخالف ڌر جي فتح ۽ عمران خان جي شڪست هوندي.

پنهنجي حڪومت لاءِ خان صاحب ڇا به چوندو رهي پر دنيا ۾ حڪومتن جي ڪاميابين جو دارو مدار ان تي آهي ته حڪومتن عوام جي معاشي حالتن کي ڪيترو بهتر بڻايو ۽ ڪيترو نقصان پهچايو، پي ٽي آءِ ان حوالي سان ڪا وڏي دعوى به نه ٿي ڪري سگهي، ها اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڪجهه بهتريءَ جي خوشخبري ضرور ٻڌائيندو رهندو آهي. اهو به چيو پيو وڃي ته وياج جي شرح گهٽ ٿيڻ واري آهي ۽ هاڻي ادائگين جو توازن به بهتر ٿيڻ وارو آهي، پر حقيقت ته اها آهي ته دانشوريءَ جي اهڙين ڳالهين سان عوام جو پيٽ نه ٿو ڀرجي.

دٻاءَ ۾ اچي خان صاحب جي استعفى ڏيڻ وارو عمل غلط آهي، پر ڇا؟ جيڪڏهن آزدي مارچ نه ٿئي ها ته نواز شريف کي آزاد ڪيو وڃي ها، آصف زرداريءَ کي اسپتال ۾ داخل نه ڪرائڻ جا ڪيئي سبب بيان ڪيا وڃن ها، واپارين تي فڪسڊ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ بجاءِ کين نوٽس ڏنا وڃن ها.

حڪومت سياسي ڳالهين تي يقين نه ٿي رکي اهو ئي سبب آهي جو سياسي ڳالهين جو دروازو کولي ٿي ته به مصلحتن ۽ وري بند ڪري ٿي ڇڏي. جيڪڏهن هي ڌرڻو نه ٿئي ها ته ڪجهه ٻيا سينيئر بيوروڪريٽ پڻ جيلن ۾ هجن ها، جيڪڏهن اهو ڌرڻو نه ٿئي ها ته تحريڪ انصاف اڃان غفلت واري ننڊ ۾ ئي رهي آهي، سياسي انتظام جو ڪات وڌيڪ تيزيءَ سان هلي ها ۽ ڪيترائي سياسي ڪنڌ ڪپجي وڃن ها.

ڪاش هي ڌرڻو امن سان ختم ٿي وڃي ۽ موالانا وزير اعظم جي استعفى وارو شرط ختم ڪري جمهوري آزادين وارا شرط تسليم ڪرائي تاريخ ۾ سرخرو ٿي وڃي، ٻئي پاسي عمران خان کي پڻ ان ڌرڻي مان سبق سکڻ گهرجي، کيس احتساب ۽ انتقام جي سرڪش گهوڙي تان لهي عوام جي فلاح ۽ بهبود جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ پارليامينٽ جي اندر سياسي ايڪي ۽ اتفاق سان قانون سازيءَ جي عمل کي شروع ڪرڻ گهرجي. صدارتي آرڊيننس جي فيڪٽري بند ڪرڻ گهرجي، نيب قانونن تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ گهرجي، ڪشمير تي هڪ متفقه پاليسي جوڙڻ لاءِ حڪومت ۽ مخالف ڌر تي مشتمل ڪميٽي جوڙڻ گهرجي، ميڊيا تي مڙهيل پابنديون ختم ڪرڻ گهرجن.

حڪومت کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته حڪومت اڪيلي سر رياست جي گاڏي نه ٿي هلائي سگهي ان کي مخالف ڌر جي ضرورت ضرور پوندي. نواز شريف سزايافته سهي انسان ته آهي، آصف زرداري بدنام ئي سهي بيمار ته آهي انهن کي طبي سهولتون نه ڏيڻ ظلم آهي، حڪومت پنهنجو رويو تبديل نه ڪيو ته ان جو هلڻ مشڪل ٿي ويندو. اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته حڪومت، ڪرڪيٽ راند نه آهي جتي اوهان سڀني رانديگرن سان وڙهي کٽي وڃو، حڪومتي راند ۾ جيترا وڌيڪ اتحادي هوندا اوترو ئي راند کٽڻ ۾ آساني ٿيندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *