Najam Sethi

جنرل باجواه جي ڊبل گيم جا مقصد ۽ نتيجا

ليکڪ نجم سيٺي

نجم سيٺي

ھاڻي تھ اھا ڳالھھ ھر ھنڌ پھچي وئي آھي، جنرل قمر جاويد باجواه ھڪ ئي وقت ”ٻٽي گيم“کيڏي رھيو ھو،ان سچ کي وائکو ڪندي پرويزالاھي ۽ مونس الاھي جو چوڻ آھي تھ گذريل مارچ ۾ بي اعتمادي واري رٿ کي ناڪام ڪرڻ جي لاءِ آرمي چيف ھنن کي عين وقت تي عمران خان جي ساٿ ڏيڻ جو مشورو ڏنو ھو،ان وچ ۾ھن پي ڊي ايم کي بھ يقين ڏياريو ھو تھ هو ”غير جانبدار“ آهي ۽ تحريڪ انصاف کان مايوس ٿي ويو آھي،ھنن پاران  آيل اتحادين تي دٻاءُ وجهي ووٽ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندو پر ڳالھھ ان کان ڪجھھ اڳتي جي آھي،

پي ڊي ايم جا ذريعا تسليم ڪن ٿا تھ  جنرل باجواه کين بي اعتمادي واري رٿ واپس وٺڻ لاءِ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جنھن جي  بدلي ۾ عمران خان قومي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏيندو، پر هنن مٿس يا عمران جي واعدي تي اعتبار نه ھو. ٻئي طرف بي اعتمادي واري ووٽ جي نتيجي کانپوءِ عمران خان محسوس ڪيو ته جنرل باجواه کيس دوکي ۾ رکيو آهي. عمران خان کيس برطرف ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني. ان ڪري وزيراعظم کي اهڙو ڪو قدم کڻڻ کان روڪڻ لاءِ رات وچ ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ کي ايس او ايس موڪليو ويو ھو.

اهو رڳو عمران خان نھ آهي جنهن جنرل باجواه تي ”ڊبل گيم“ کيڏڻ جو الزام لڳايو آهي. پي ڊي ايم وٽ بھ لڳائڻ جي لاءِ الزام آهن. 2021 جي آخر ۾ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد کي آءِ ايس آءِ جي قيادت کان هٽائي ڪور ڪمانڊر پشاور نامزد ڪرڻ کانپوءِ عمران خان ۽ جنرل باجواه جي وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي. پي ڊي ايم تحريڪ انصاف جي حڪومت خلاف بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪري ڇڏي،پي ڊي ايم جا ذريعا اھو  اعتراف ڪن ٿا ته اها اڳڀرائي جنرل باجواه جي اکين جي اشارن کانسواءِ ممڪن نه هئي.

پر اها ڪا اهڙي سادي ڳالهه نه هئي. پي ڊي ايم کي بي اعتمادي رٿ آڻڻ ۾ چار مهينا لڳي ويا. ان جو هڪ ئي سبب هو ته جنرل باجواه مختلف بهانن تحت گرين سگنل ڏيڻ ۾ احتياط کان ڪم و ٺي رهيو هو. جنرل کين ٻڌايو ته ھو ريڪوڊڪ ۽ آءِ ايم ايف جي معاملن تي فڪرمند آهي. هو چاهي ٿو  ته موڪلاڻي ڪرڻ کان اڳ تحريڪ انصاف  حڪومت انهن تي صحيح ڪري ڇڏي. ڇو ته اهي معاملا  چونڊن ٿيڻ جي صورت ۾ دير ٿيڻ جا متحمل نه ٿا ٿي سگهن، ان وچ ۾ هو اميد ڪري رهيو هو ته عمران خان تي دٻاءُ وجهي  ذاتي خواهشون پوريون ڪري سگھندو.

ڊبل گيم کيڏڻ جي پويان سندس مقصد عمران خان کان پنهنجي مدي ۾ هڪ ٻي واڌ حاصل ڪرڻ هو. يا جيڪڏهن هو ان ۾ ناڪام ٿئي ته پوءِ هن کي پي ڊي ايم کان پنهنجي لاءِ خاطري وٺڻي هئي، پر جڏهن هن کي محسوس ٿيو ته عمران خان تھ نومبر 2022ع ۾ جنرل فيض حميد کي ايندڙ آرمي چيف بڻائڻ جو ارادو رکي ٿو، تڏهن هن نواز شريف ۽ آصف زرداري سان رومانس شروع ڪري ڇڏيو.ٻنھي تجربيڪار  سياستدانن کيس يقين ڏياريو ته جيڪڏهن جنرل سندن مقصد پورو ڪري ٿو  ته هو سندس خواهش پوري ڪندا.

جنرل باجواه پاران عين وقت تي چوڌري جي حمايت جو رخ  عمران ڏانهن موڙڻ جي ڪوشش  اھو پيغام ڏيڻ ھو تھ  جيئن عمران خان کيل کي سمجھندي کيس عهدي تان نه هٽائي. هن ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف جي ٻين اتحادين کي اھا صلاح نه ڏني، ڇاڪاڻ ته هن اهو به نه پئي چاهيو ته پي ڊي ايم جو ھن جي ”غير جانبدار“ ھئڻ تان اعتماد کڄي وڃي. ھن چاهيو پئي ته عمران خان قومي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي ته جيئن هو تازين چونڊن کي ڪنٽرول ڪندي پي ڊي ايم کي اقتدار ۾ وٺي اچي۽ ان جي بدلي ۾ سندس مدي ۾ ٻيو ڀيرو واڌ ٿئي. پر نه تھ عمران خان ۽ نه ئي شريف ڀائرن سندس صلاح قبول ڪئي. حڪومت تبديل ٿي ۽ اپريل 2022 ۾ هڪ نئون منظرنامو سامهون آيو. جنرل باجواه نئين حڪومت کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته فوري طور تي عام چونڊون ڪرايون وڃن. ممڪن آهي ته سندس ڳالهه مڃي وڃي ها جيڪڏهن عمران خان 25 مئي تي پارليامينٽ جو گهيراءُ ڪرڻ جي ڌمڪي نه ڏئي ها. انهن حالتن ۾، پي ڊي ايم محسوس ڪيو ته خان جي خطري کي منهن ڏيڻ بجاءِپوئتي هٽڻ هڪ انتهائي منفي تاثر پيدا ڪندو، جيڪو چونڊن ۾ غلط اثر وجھندو. ان ڪري نواز شريف اڳتي وڌيو ۽ جنرل باجواه ۽ عمران خان ٻنهي جي سامهون مزاحمت لاءِ پاڻ کي تيار ڪيو.

مدد نه ڪرڻ تي عمران خان هاڻي جنرل باجواه خلاف جنگ جي رستي تي هليو ويو، معاملا تڏهن خراب ٿيا جڏهن عام طور تي سياست ۾ فوجي مداخلت خلاف ۽ خاص طور تي جنرل باجواه جي سازشن خلاف سول سوسائٽي ۽ حاضر سروس ۽ رٽائرڊ فوجي آفيسرن جي صفن مان واضح ردعمل ظاهر ٿيڻ لڳو. نتيجي ۾ فوج جي سينيئر ڪمانڊرن ملاقات ڪئي ۽ هڪ سادي ايجنڊا تي اتفاق ڪيو ته فوجي قيادت سياسي ميدان تان هٽي ويندي ۽ ”غير جانبدار“ ٿي ويندي، مارشل لا ڪڏهن به لاڳو نه ڪيو ويندو ۽ جنرل باجواه جي ملازمت ۾وڌيڪ  واڌ نه ڪئي ويندي. ھي اھو وقت ھو جڏھن  جنرل باجواه صدر عارف علوي جي معرفت عمران خان سامھون  هڪ نئون فارمولو پيش ڪيو،پي ڊي ايم 29 نومبر کان اڳ چونڊن جو اعلان ڪري ۽ جنرل باجواه کي نگران دور جي صدارت ڪرڻ ۽ معاشي استحڪام برقرار رکڻ لاءِ 6 مهينن جي واڌ ڏني وڃي. عمران خان ان فارمولي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ تيار هو. ڇو ته هن کي يقين هو ته هو ايندڙ چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيندو ۽ ڇهن مهينن بعد پنهنجي ماڻهو کي آرمي چيف مقرر ڪندو پر پي ڊي ايم جنرل باجواه کي ٻيو مدو  ڏيڻ لاءِ تيار نه هئي.

اهو فارمولو مڪمل طور تي رد ڪيو ويو. جنرل باجواه جو رويو ڌمڪين وارو ٿيندو ويو، نواز شريف پوئتي نه هٽيو. سندس دليل هو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) آءِ ايم ايف جي سخت پاليسين تي عمل ڪرڻ لاءِ اهم سياسي سرمايو لڳايو آهي، جيڪڏهن مارچ ۾ چونڊون ٿيون ته ھنن کي شڪست ملي ويندي.   جنرل باجواه هاڻي حڪمت عملي تبديل ڪندي  اصرار ڪيو ته جنرل اظهر عباس ۽ ساحر شمشاد، جيڪي سندس ويجهو هئا ۽ عمران خان ڏانهن مائل هئا، انهن کي ترتيبوار  چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي عهدي تي مقرر ڪيو وڃي. جيڪڏهن نه تھ ھو  دفاع واري وزارت ڏانهن سمري نه موڪليندو.

نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر سخت موقف اختيار ڪري ورتو. جنرل باجواه کي ٻڌايو ويو ته جيڪڏهن هو جنرل عاصم منير جو نالو نه موڪليندو ته وزيراعظم صرف سينيئر ترين جنرل عاصم منير جون خدمتون برقرار رکندو ۽ کيس آرمي چيف مقرر ڪندو. نومبر جي آخري هفتي ۾ تڪرار واضح هو. آخرڪار جنرل باجواه پوئتي ھٽي ويو،  جنرل عاصم منير کي آرمي چيف ۽ جنرل شمشاد کي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جو چيئرمين بڻايو ويو.

جنرل باجواه جي آخري خواهش هئي ته هو عوام جي نظرن کان غائب ٿي وڃي. تنهن ڪري چوڌرين کي گذارش ڪئي وئي تھ اھي عمران خان ۽ تحريڪ انصاف کان واعدو ڪرائين ته تحريڪ انصاف جا ٽرولز ھن جي ۽ ھن جي خاندان کي پريشان  نه ڪندا.

جيتوڻيڪ جنرل باجواه خلاف ٽرولنگ عارضي طور بند ٿي وئي  پر عمران خان معاف ڪرڻ جي موڊ ۾ ناهي ۽ نه ئي اھو آزاد ميڊيا  وسارڻ لاءِ تيار آهي، جيڪو چئن سالن کان جنرل جي ظلم جو شڪار  رهيو آهي. اهڙيءَ طرح سندس ڪرپشن ۽ سياسي ڌانڌلي جا قصا گردش ۾ آهن.

۽ حقيقت اها آهي ته گذريل ڇهن سالن جي عدم استحڪام ۽ آئين جي ڀڃڪڙي ۾ جنرل قمر جاويد باجواه جي ڪردار کي  وساري ۽  معاف نٿو ڪري سگھجي.

خود غرضيءَ جي طلبگارن لاءِ ھڪ نصيحت  وارو سبق قائم ٿيڻ گھرجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *