ابراھيم ڪنڀر
حفيظ ڪنڀر جي آتم ڪھاڻي تي ٻڌل ڪتاب جنب ڪٿا مارڪيٽ ۾ آيل آھي، ھن ڪتاب ۾ حفيظ پاڻ لکيو آھي تہ ادبي تنقيد ڏکيو ترين مضمون ۽ ھر ڪنھن جي سمجھ کان مٿاھون آھي، انگريزي ادب ۾ انھي مضمون کي پڙھائڻ وارا بہ ڪي ڏاھا ۽ سينئير ترين استاد ھجن ٿا، ھاڻ اھو سڀ پڙھڻ کانپوءِ جيڪڏھن تنقيد ڪبي تہ ليکڪ وري انھي کان ڪو وڏو دليل ڏئي اسان واري ڳالھ تي پاڻي ڦيري ڇڏيندو،پر ڪنھن لکڻي،ڪھاڻي، شاعري، ناول، افسانوي مجموعي، يا آتم ڪٿا واري ڪتاب تي بنا تنقيد جي تبصرو ڪجي تہ اھو تبصرو نہ ڪتاب جو جائزو ھوندو.انھي جي ڪري جامي چانڊئي جي حوالي سان سندس موقف کان آئون بلڪل سھمت ناھيان، جامي گهڻ پڙھيو ماڻھو آھي ھن جو سياسي مضمون نگاري ۽ وڏن فورمز تي سنڌ جي معاملن تي چٽائي سان موقف رکڻ واري پاسي کي قطعي نظرانداز نٿو ڪري سگھجي.اھڙي ريت ذاتون تبديل ڪرڻ جي پويان احساس ڪمتري يا احساس محرومي جي ھجڻ جي حد تائين ڳالھ درست آھي پر ڪنھن جو نالو وٺڻ کي آئون مناسب نٿو سمجھان،بھرحال اھي ماڻھو مون کان وڌيڪ ليکڪ جا دوست آھن پاڻ ۾ ڄاڻين، پنھنجو ڇا؟
آتم ڪھاڻي ڀلوڙ صنف آھي اصل سوال انھي کي توڙ پڄائڻ، پنھنجي ڪھاڻي ۾ ٻين کي گڏ گڏ کڻي ھلڻ جو آھي، سنڌي ادب ۾ ڪجھ آتم مان کان شروع ٿي وري مان يعني سيلف پرزنٽيشن يا انائيت تي اچي ختم ٿئي ٿي،مثال طور منھنجو جنم ھتي ٿيو بس رڳو منھنجي ڄمڻ جي ئي دير ھئي، پوءِ سنڍ ٿيل مينھون ڍڪيون ٿي ويون، ويھڪي ويل ڍڳين جا اوھ ڀرجي آيا، وٺي جو قلم کي ھلايم تہ ليلان لهر ٿي وئي آسمان کي ٿوڻي اچي وئي، ادبي کيتر جا اھي ٽيٽھر سموري سنڌ ۾ آھن،انھي ٽيھٽھرازم جو شڪار رڳو اديب ناھن، شاعر، پاڻ تي دانشوري جو ٺپو ھڻائي پاڻ ھرتو ٿي ويل دانشور، صحافي، استاد مطلب ھڪڙي وڏي لانڍ آھي،مطلب تہ پاڻ کي پنھنجي اوسي پاسي اھڙا ڪيترائي ماڻھو ملي ويندا جن جي دماغ ۾ اها ڪلي کتل آهي ته ادبي آسمان جا جرڪندڙ ستارا بس اسان ئي آھيون، باقي ڌوڙ ڇائي آھي، جيڪڏھن اسان پنھنجي قلم کي ھڪ پاسي رکي ڇڏيون تہ آسمان زمين تي ڦھڪو اچي ڪندو، اصل ۾ انھن جي قلم جو بھترين ڪم ئي شلوار ۾ اڳٺ وجھڻ وارو ھجڻ گهرجي، فوشربازي۽ فنٽاگيري وارو اھو ڪلچر اصل ۾ اشرافيا جو پيدا ڪيل آھي، يعني پيداگيري ڪلچر آھي،ھاڻ ھرڪو انھي کي ڪاپي ڪرڻ ۾ لڳو پيو آھي، پر ھن ڪتاب ۾ اھڙو ڪجھ ناھي ليکڪ لو پروفائيل رھندي ھڪڙو تلخ سچ بيان ڪيو آھي جنھن ۾ ھن پاڻ کي ناھي بخشيو،انھي جي ڪري ٻين جي بخشش جو سوال ناھي پر تضادن سان ڀرپور ڳالھين جو وارو شايد اڃان ناھي آيو،
پنھنجي ڏکن، تڪليفن، اھنجن،گهر وارن جي دردن کي ئي نہ پرليکڪ پنھنجي غيرسنيجدگين، بدافعلائين. ھلڙ بازين،ھلڪڙائين، ٽرڙائين، رونشي بازين ۽ مشڪرين کي بيان ڪرڻ وارو ڏکيو ڪم ڪيو آھي، جيڪو بيان ڪرڻ جي لاءِ دل گڙدو کپي، آتم ڪٿا جي ھن ڪتاب اھا سمجھاڻي ڏني آھي تہ سچ پنھنجي ھئيت ۽ ماھيت ۾ پورو لکجي،غريب ھجڻ ڏوھ ناھي، غربت کي لڪائي پاڻ کي چئن واٽرن جو مالڪ سمجھڻ خراب آھي، انھي قسم جي تلخ سچ کي بيان ڪرڻ ھن ڪتاب جي پھرين خوبصورتي آھي، جيڪا اصل ۾ ٻين ليکڪن جي لاءِ ھڪڙي گائيڊ لائين آھي تہ پنھنجي جنم ڪٿا جي لاءِ پھريون شرط پنھنجي پوري سچ کي بيان ڪرڻ آھي، پر ھاڻ پاڻ وٽ جيڪي لطيف ثاني، اياز سوئم، فيض چھارم يا ٻہ ڪھاڻيون افسانا لکي پاڻ کي ڪرشن چندر، منٽو، راجندر سنگھ بيدي، قرت العين، عبداللہ حسين، چارلس ڊڪن کان ٿيندي جارج اورويل سمجھيو ويٺا آھن انھن کي اھا ڳالھ مشڪل سمجھ ۾ اچي.رڳو ادب شاعري جي ڳالھ ناھي اسان واري صحافتي شعبي سان بہ اھڙي جٺ آھي، اتي بہ ڪيترائي صحافي اوريانا فلاچي ٽو يا مارڪ ٽلي ٿري، شفيع جامي نقي، ضياالدين کان پاڻ گهٽ سمجھڻ جي لاءِ تيار ناھن،اڃا هڪڙو ڪلاس ٻيو به آهي جنهن ۾ ليکڪ سڀ ڪجهه ٻي ڪنھن کان لکائي وري پنھنجي نالي سان ڇپائي پوءِ پيو مشھوري ماڻڻ جا جتن ڪندو، آئون اهڙن ڪجهه اديبن پلس دانشورن کي سڃاڻان، هڪڙو ته دانشور مون کان سمورو ڪتاب ترجمو ڪرائي روڪ رقم ھڪ هزار رپيا ڏئي ڪتاب پنهنجي نالي ڇپرائي انهي جي مهورتي تقريب به ڪنهن وڏي هوٽل ۾ ڪرائي داد وٺي پاڻ تي پوسٽ ڊاڪ دانشوري جو ٺپو ھڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
حفيظ ڪنڀر زندگي جي ڪافي معاملن جيان ڪتاب ڇپرائڻ واري مسئلي ۾ انتھائي غير سنجيدہ رھيو آھي،جڏھن بہ ھن سان اھڙي ڪا ڳالھ ڪبي ھئي تہ ھا ڏسون ٿا، يار مسئلو ھي آھي، ھا سوچيون ٿا، انھي قسم جا ڪيئي عذر، ھيلا بھانا ڪري ڳالھ ٽاري ڇڏيندو ھو، پوءِ خبر ناھي ڪھڙو مڙس ماڙھو گڏيو جنھن کيس ڪتاب ڇپائڻ تي راضي ڪيو ،حفيظ آڳاٽو ريما سان گڏ مضمون نگاري مان بہ ھٿ ڪڍي فيس بُڪ واري ڀت سان بقول نياز پنھور جي مٿو ھڻڻ شروع ٿي ويو، مون ٻہ ٽي ڀيرا کيس فون تي سمجھايو تہ ميان تون لک، تون لک، ماڻھن کي تنھنجي لکڻي وڻي ٿي، عوام جي بيحد اصرار تي تون لک، ائين نہ ٿئي جو رائٽنگ ڊس فنڪشن جو شڪار ٿي وڃين، لکڻي ئي آھي جيڪا تنھنجي سڃاڻ آھي، ھن ھا ڪري منھنجي ڳالھ ھڪڙي ڪن مان ٻڌي انھي مان ئي ڪڍي ڇڏي، ٻي ڪن تائين پھچي ھا تہ شايد دماغ جي ڪنھن حصي کي ٽچ ڪري وڃي ھا، انھي قسم جا ٻہ ٽي فون ٿيا ،پوءِ شايد ھڪڙو ٻہ مضمون اخبار ۾ وري ڇپيا، وري فيس بوڪ جي ور چڙھي اجائي بحث بازي ۾ پئجي ويو، ڪنھن کي مڪ، ڪنھن کي لت ھڻي فيس بُڪ تان ڪڍي بلاڪ ڪري ڇڏيائين، مونکي ڪيترائي ڀيرا لڳو تہ ھمراھ کان لکڻ ڇڏائجي ويندو،پر ھن جيڪو پڙھيو آھي جيترو ھن جو مشاھدو آھي، جئين ھن گھاريو آھي يا جيڪو ڪجھ ھن لکيو آھي منھنجو اھو وھم گمان اجايو ھو. اصل ۾ انھي گيپ دوران ھن ٻہ ٽي ڪم ٻيا پئي ڪيا، ھڪڙو تہ پڙھڻ واري اسپيڊ وڌائيس، ٻيو فيس بُڪ تي لکڻ سان گڏ جھيڙا پئي ڪيا، ٽيون رلي سميت دنيا ۾ پئي رليو،جڏھن ھن فيس بُڪ تي يادگيريون لکڻ شروع ڪيون تہ واھ واھ ٿي وئي، ماڻھن کيس گهڻو پسند ڪيو، ھن جي انھي قسطوار لکڻين جو انتظار ٿيڻ لڳو، ھاڻ جڏھن ھي ڪتاب اچي ويو آھي تہ لڳي ٿو تہ انھي ڪامياب تجربي ۽ صاحب ڪتاب ٿيڻ واري چسڪي جي ڪري شايد انھي ڪم ۾ رڪاوٽ نہ اچي،شايد ھو وڌيڪ لکي،ھا بس لکندو رھي ليک سٺو آھي يا ناھي اھو فيصلو پڙھندڙن تي ڇڏي ڏي.
آتم ڪھاڻي واري ھن جنب ڪٿا مارڪيٽ ۾ڌوم مچائي ڇڏي آھي،پبلشر چوي ٿو ڪتاب مارڪيٽ ۾ ختم ٿي ويو آھي، ليکڪ چوي ٿو کيس ٻہ ٽي ڪاپيون مليون ۽ ورھائجي ويون، مون وڏي جاکوڙ کانپوءِ ڪتاب ھٿ ڪري ڌڻين جي امانت ڌڻين تائين پھچائي ڇڏي، ڪجھ دوست ڏک ۽ ڪاوڙ ۾ آھن تہ انھن کي ڪتاب ناھي ملي سگھيو،انھن جي ڪاوڙ ۽ ڏک ٻئي جائز آھن،آئون علم اقتصاديات جو شاگرد آھيان، مسئلو طلب ۽ رسد جو آھي، ھتي ڳالھ مارڪيٽ ايڪيولبرم واري نڪتي کان ڇڙھيل آھي، ايڪوليبريم اھو نڪتو آھي جتي سيلر ۽ بائير يعني وڪندڙ ۽ ّخريدار ٻئي ھڪ قيمت تي راضي ھجن ۽ ڪموڊٽي آرام سان نڪري وڃي، ھن ڪتاب جي لاءِ مسئلو اھو ٿي پيو آھي ھو خريدار وڌي ويا آھن، سيلر يعني پبشلر پرڪاش جي رڙ پئي پوي، ھاڻ تہ ماڻھن جي دانھن آھي تہ ادا پبشلر فون ئي نٿو کڻي.
آئون انھي راءِ جو آھيان تہ صاحب ڪتاب ٿيڻ ڪا راڪيٽ سائنس ڪونھي، حفيظ جون ڪھاڻيون ئي ايتريون لکيل آھن جيڪر انھن تي ٻڌل ڪتاب سھيڙجن تہ ٽي چار ڪتاب اچي سگھن ٿا، پر ھن ڏکي ڪم ۾ ھٿ وڌو يعني ھتي بہ ادبي کيتر جي ماناري ۾ کڙھو ھڻڻ يعني آتم ڪٿا جو ڪتاب آڻڻ وارو ڪم.اھڙي آتم ڪٿا جيڪا پھرين پنھنجي ذات کي ھٽ ڪري ٿي، اصل ۾ ھو پاڻ سان جڙيل يادگيريون جيڪي درديليون، تلخ، خراب آھن، انھن جي سچائي کي بيان ڪري ٿي پوءِ سماج سان جڙيل مختلف ڪردارن، سماجي، سياسي تحرڪ، حالتن ۽ واقعن سان جڙيل ڪھاڻي نما سلسلي کي بيان ڪري ٿو، وري بہ چوندس تہ ڪتاب لکڻ ڏکيو ڪم ناھي پر اھڙي آتم ڪھاڻي لکڻ ڏکيو ڪم آھي جيڪ اوھان جي پنھنجي، اوھان جي آس پاس رھندڙ ماڻھن يا اوھان جي معاشري جي سچ کي نروار ڪري ٿي، اصل ڏکيو ڪم اهڙي زندگي جيئڻ آهي جيڪا رڳو اوھان کي ڇهي نٿي گذري پر اوھان جي لئون لئون کي ڪانڊاري، ڪکي ۽ ڏنگيندي ٿي رھي مسلسل ڪيترائي سال انھي ۾ جئيڻو ٿو پوي، اھڙي زندگي جيڪا ڪينسر جي ڦٽن تي مئل انسان جي ھڏن جي ڪڙاڻ جھڙي آھي،ڦٽ گوشت ۾ڪنھن جانور جي ڪاڻيٺن جي کپجڻ ۽ سور جون سٽون اڀارڻ واري آھي،جيڪا زندگي بيمار ڌيءَ جي ساھ کي سولو ڪرڻ لاءِ ڪنھن ماءُ جي گيسي ڪڍڻ چنڊ کي ليلائڻ جھڙي اذيتناڪ آھي،جيڪا ڪنھن ماءُ جي خطرناڪ بيماري تي معصوم ٻارن جي بي وسي جي ننگي ناچ جھڙي آھي،جيڪا زندگي لولي لوڻ لپ نہ ھجڻ واري مفلسي جھڙي آھي، جيڪا گهر بدري، دربدري، مار موچڙي ۽ طعني مھڻي واري روزاني جي مشق واري آھي، زندگي جي انھي تلخ کي نسوري سچ جيان لفظن جو روپ ڏئي لکڻ ڏکيو پر حوصلي وارو ڪم آھي، انھي جي ڪري مون لکيو تہ ھي رڳو آتم ڪٿا ناھي پر دردنامو آھي، غربت نامو آھي،ڳوٺنامو،سماج نامو آھي، جنب ڪٿا ۾ رڳو درد بہ ناھي، پر جھيڙا آھن، محبتون آھن، رونشا آھن، رانديون آھن، چانڊوڪيون۽ چاڳلايون سڀ ڪجھ آھي. آھن، زندگي ڪٿي ڏاند گاڏي جي چاڪ مان نڪتل لوھي گانگھو آھي، ڪٿي مينھن جو مامو پشم جھڙو جيت آھي، ڪٿي رامون ڪولھي آھي ڪٿي گونگو ڪولھي ۽ انھي جو خوف آھي، جنب ڪٿا اڻپوري آتم ڪٿا آھي اڃان قصو ڪاليج تائين پھتو آھي، يونيورسٽيون، ٽي وي، ڊراما، نوڪريون، پڙھايون، ادب، شاعريون، سياست اڃان گهڻو قصو رھيل آھي.
روائيتي ڪتابن ۾ صفحا پورا ڪرڻ جي لاءِ پيش لفظ، ٻہ اکر، مھاڳ ليکڪ پاران فلاڻي پاران الاڻي پاران اڌ ڪتاب انھن پاران ھجي ٿو ھن ۾ اھڙو ڪجھ ناھي، سنڌي شاگرد تحريڪ کان شروع ٿي مور پروفيسر مٺا خان مري تي پورو ٿئي ٿو، ڪتاب جي پڇاڙڪي پاٺي تي سلجھيل استاد، ذاتي ۽ ادبي ليکڪ دوست سائين حسين ڪپري جون ساڍيون ٽيويھ سٽون لکيل آھن جيڪي پڙھندڙن جي سمجھاڻي جي لاءِ ڪافي آھن،سنڌي شاگرد تحريڪ، ايم آر ڊي، ڀٽو بادشاھ، ذھن سازي جا محرڪ، پليجي جا خواب، ھڪ ڏينھن جو ديشي، ڪاليج ۾ ڦڏا اھي ھن ڪتاب جا سياسي پاسا آھن،اصل ۾ اھي سمورا سياسي پاسا انھي وقت جي ڪامريڊن جي يادگيرين کي تازو ڪرڻ ۽ انھي جي نسل کي عبرت ۾ وجھڻ يا اتساھ پيدا ڪرڻ جي ڪافي آھن،اسان سياسي مضمون لکي لکي ٿڪجي پيا آھيون ڪير پڙھي ٿو الائي نٿو پڙھي پر جيڪڏھن سياسي ڳالھ نج نبار عوامي انداز، آکاڻي جي صورت ۾ بيان ڪجي انھي جي پڙھڻ جو مزو ئي پنھنجو آھي،
مون کي شبير نظاماڻي چيو تہ آئون ڪتاب ۾ ڪٿي ناھيان، جيڪڏھن آھيان تہ اڃان منھنجو پڇواڙو پيو ڌوئارجي، ڪتاب واري فھرست جي 53 عنوانن مان 40 ۾ آئون نہ ھوندي بہ آھيان،گھر ھجي، پاڙو ھجي، اسڪول ھجي، رستا ھجن، چانڊوڪيون ھجن، ماڳ مڪان ھجن، ريل ھجي،آئون ھر ھنڌ موجود آھيان، آئون ڪتاب ۽ ڪتاب آئون آھيان، اھو ڪتاب شبير آھي، سماج جا ڪردار ھن ڪتاب کان پاڻ کي الڳ ڪري نٿا سگھن. ڪچن گهرن ۾ پلجندڙ * ۽ وڏا ٿيندڙ ٻار، وڏيرڪي سماج ۾ رھندڙ، غربت ۾گھاريندڙ ھر ماڻھو جي ڪھاڻي تقريبن ھڪجھڙي آھي، ڪردار جا نالا بدليل آھن، ڪٿي سبجڪيٽ آبجيڪٽ آھي، ڪٿي آبجيڪٽ سبجيڪٽ آھي،جڏھن آئون چوان ٿو تہ ھن ڪتاب ۾ مون سميت اسان جي سماج جو ھر ماڻھو آھي تہ انھي مان مراد رڳو اھو ناھي جيڪوڪلفت، بک، ڏک، درد، لاچاري، بي وسي، دربدري جي لمحن مان گذريو ھجي، پر ميلن ملاکڙن تي ويندڙ ٻار، چانڊوڪين سان چاڳلايون ڪندڙ ، لڪ لڪوٽي، دري راند، ٽاپو راند، ڦر ڦر سونٽو راند ڪندڙ، معصوم ۽ بنا پئسي وارين خواھشن تائين رسائي نہ رکي سگھڻ سبب انھن ارمانن کي دل ۾ دفنائيندڙ سڀ جا سڀ ھن ڪتاب ۾ موجود آھن.لکڻي جو ڪمال پنھنجي جاءِ تي پر دردن جي عڪاسي ھئين ۾ ھٿ وجھڻ جھڙي آھي، سنڌي ۾ چوندا آھن تہ روئڻ ۽ ڏيڻ ھئين کان ھيٺ ھوندو آھي، مون ھن ڪتاب جي پھرين صفحن جذباتي ڪري ڇڏيو ھو انھي جي ڪري مون لکيو تہ اج سڪ متران دي وڌيري ھي، ڪيون دلڙي اداس گھڻيري ھي،جيڪڏھن سچ، بک، مفلسي، سماجي حالتن جي اپٽار، سياسي حالتن جي واقفڪاري،پنھنجي ذاتي تجربن، مشاھدن ۽ پنھنجي جائزي تي ٻڌل زندگي جي احوالن تي ڪير تنقيد ڪري ٿو تہ ڀلي ڪري انھي جو بنيادي حق آھي.
سماجي سائنس سماج ۾ رھندڙ انساني جي روين جي اڀياس جو نالو آھي، انھن روئين جي اپٽار ڪندڙ، انھن کي پرکيندڙ فردن يا گروھن کي سماجي سائنسدان چيو ويندو آھي، جيڪڏھن انھن روين کي پنھنجي لفظن جو روپ ڏئي ڪو ليکڪ ڪتاب لکي ويھي ٿو تہ انھي ڪتاب کي سماجي سائنس جو نمونو چيو ويندو آھي، سو جنب ڪٿا اصل ۾ پنھنجي ذات سان لاڳاپيل انساني روين جي ڪھاڻي آھي، ھي ڪتاب اوھان کي اوھان جي آس پاس رھندڙ ڪيترن اھڙن ماڻھن سان ملائي ٿو جن سان اوھان مليا تہ ڏھ ڀيرا ھوندا پر انھن جي اپٽار اوھان نہ ڪئي ھوندي، ناني ڪافرياڻي جيڪا منھنجي ناني ھئي حفيظ کان وڌيڪ آئون انھي سان ويجھو رھيو آھي، شايد آئون جڏھن انھي تي لکان تہ انھي جا قصا ڪھاڻيون وڌيڪ بيان ڪري سگھان، ڇاڪاڻ جو امان جون ڪجھ جھلڪون منھنجي زندگي ۾ جھلڪن ٿيون پر ناني جو سمورو وجود منھنجي اندر سمايل آھي، اھڙي ريت نانا انھي جو لپاٽون، ماما جمعي سان ڪيل ضد، مامي حنيفا سان ڪيل فرمائشون، مطلب اھو تہ اھي نانيون، نانا، ماما ماميون، ھر ڪردار ھر انسان سان جڙيل آھن، سو ڪتاب جي ذريعي اوهان پنهنجي چوڌاري رهندڙ هر اھڙي ڪردار سان وري وري ملي سگھو ٿا، اوھان کي فوري طور پنھنجي آس پاس رھندڙ يا گذاري ويندڙ اھي ڪردار ھڪدم ياد ايندا، مثال طور ڪنهن نابين خوددار پوڙھي سان، ڪنهن نوابي طبيعت جي پورهيت ماما الھ وسائي سان جيڪو هڪ ئي وقت نرم گرم ۽ مزاحيا گفتار جو مالڪ آھي، جنھن وٽ ٻارن سان محبت جو نرالو انداز آھي، وري جڏهن بگڙي ته وچ اڱڻ ۾ بيهي سموري پاڙي جو سک ڦٽائي ڇڏي وري اچي سيلون ريڊيو جا گانا ٻڌي دل وندرائي، ڪردار ئي نہ اسان ۾ جيڪا مذھبي سھپ جا اعلي گڻ ھئا جيڪي آھستي آھستي پيرا ڊاھيندا ٿا وڃن انھي جا سوين مثال اوھان جي آڏو ايندا، سنڌ ڪھڙي نہ ڀلي، پرامن، جنونيت کان پاڪ، مذھبي ھم آھنگي سان ڀرپور ھئي، سماج مذھبي بنيادن تي ورھايل نہ ھو، ھر ماڻھو مذھب کي پنھنجي ذات تائين محدود رکندو ھو،ھندن جي هولي، ڏياري يا ڪانوڙو سموري ڳوٺ جي لاءِ عيد جو ڏينھن ھوندو ھو، اسان سڀ انھن عيدن تي خوشيون ونڊڻ ورھائڻ واري سماج جي پيدوار آھيون،مذھب ۾ زور زبردستي يا جبر جو نالو نشان نہ ھو، ھا انھي دوران تبليغي جماعتن جا دورا شروع ٿي چڪا ھئا، جيڪي معاشري کي سياست کان پاڪ ڪرڻ جو ھٿرادو طريقو ھو،ھي ڪتاب اھڙن ڪيترن ڪردارن سان ملائي ٿو جيڪي پھرين انسان پوءِ مذھب مسلڪ کي مڃيندڙ رھيا آھن.ائين ڪتاب اوهان کي انهي وقت جي جمهوري جدوجهد ۽ انهن ڪامريڊن جي سياسي پورهئي جي گسن کان واقف ڪري ٿو جيڪي وڏيرڪي سماج ۾ رهندي طبقاتي جدوجهد ۾ مگن هئا، اهي ڪامريڊ جئين ته ڪتاب قلم علم جي بنياد تي دليل ڏئي ماڻهن کي قائل ڪرڻ جا عادي هئا،انقلاب جي انھن کي ڪا پڪ نہ ھئي پر سياست سندن رومانس ھو، انھي رومانس اھڙو نسل تيار ڪيو جيڪو ڪتاب لکي ٿو، ڪتاب پڙھي ٿو انھي کي پسند يا ناپسند ڪري ٿو،اھي ڪپڙا ڦاٽل ڪامريڊ اھڙا ھئا جو انھن جي دليلن جي خوف کان تر جا وڏيرا گس مٽائي ڇڏيندا هئا،ھن ڪتاب جي ھڪ ھڪ ڪردار تي ناول لکي سگھجي ٿو، ڊرامو ٺھي سگھي ٿو، ٻھراڙين ۾ يوپي سي پي جي آيل ڪيترن گھراڻن ڪئين پناھ ورتي ۽ اھي ڇوڪريون انھن ڳوٺن جون وڏيريون ٿي سنڌيت جي رنگ ۾ رنگجي ويون،سراپاءَ سنڌ نظر ايندڙ ماسي سوني جھڙا ڪيترائي ڪردار اڄ بہ موجود آھن جن کي ڪير پرکي اپٽاري پنھنجي پنھنجي ڪتابن جا موضوع بنائي سگھي ٿو، ڪتاب اوهان کي ميرپورخاص جھڙي پوئتي پيل شھر جي ھڪ اھڙي مور پروفيسر فلاسفر ۽ دانشور سائين مٺا خان مري سان ملائي ٿو، ڳوٺ جي جنگي دنيا ڪھڙي ھجي ٿي؟گھر جي جنگ، پاڙي جي جنگ، غربت جي جنگ، ملڪن جي جنگ ويندي پاڪ ڀارت جنگ ۾ ڳوٺاڻن جي گهاريل زندگي جو احوال ملي ٿو اهڙي ريت عالمي دنيا جون انهي وقت جون خبرون سادن لفظن ۾ بيان ڪيل آهن گهڻن کي ڪهڙي خبر ته ايران جو شاھ به ملڪ ڇڏڻ وقت ڪينسر جي مرض ۾ ورتل هو، خميني پنھنجي حامين کي ڪئين قتل ڪرايو، ھن ڪتاب ۾ انهي دور جي هڪ وڏي واقعي جو ذڪر رهجي ويو آهي، مونکي ياد ڀارتي وزيراعظم اندرا گانڌي جي قتل جي خبر حفيظ کي انتهائي ڏکارو ڪيو هو، انهي جي موت جي خبر اسان ڳوٺ کان ٻاهر ٻٻر جي وڻ هيٺ ريڊيو تان ٻڌي هئي حفيظ بي ڏينهن جي اخبارن مان اندرا گانڌي جي ننڍپڻ کان وٺي جنازي تائين جون سڀ تصويرون ڪٽي کوئنر سان هڪ ڪاپي تي هڪ البم جوڙيو هو، جنرل ضياء الحق جو جيڪو مٽي مان پتلو ٺاهيو ويو هو انهي کي مرچن جو ٻرڪو به ڏنو ويو هو اهو ڪم ماما جمعي ڪيو هو، انهي وقت رات جو وڏا وڏا بحث ٿيندا هئا انهي ۾ ڇنل کٽن تي ويٺل ڪنڀارڪا ٻار انگريزي ٻولي سکڻ جي ڪوشش ڪندا هئا هنن جي انگريزي اسان ننڍن جي کل گڏ وچڙ ٿي وينديون هيون.ڪتاب تي تبصرو لکڻ سولو ڪم ناھي پر ڪتاب کي ھضم ڪرڻ بہ اوکو آھي، ھن ڪتاب ڪجھ دوستن جي نڪ ۾ دم ڪيو ھوندو، چوچڙي، چڻنگ،ٽانڊو، دئو، اس، ڪاڙھو ڪنھن کي بہ سيڪي ساڙي زخمي ڪري سگھي ٿو، مون ڪليم ٻٽ کي چيو ھو تہ برنال وٺي رکو ڪم اچي ويندو پر ڪتاب پڙھڻ کانپوءِ واري صلاح اھا آھي تہ برنال اجايو ورتو اٿئو..ھي ڪتاب ھانون ٻاري نٿو ٺاري ٿو.