Ali Memon

جمهوريت جو انتقام ۽ جمهوري نظارو

علي محمد ميمڻ ليکڪ

علي محمد ميمڻ

محترمه بينظير ڀٽو جي قول موجب ”جمهوريت ئي بهترين انتقام آهي“، يقينن، اڄ اسان کي پنهنجي ملڪ ۽ پارليامينٽ ۾ غير جمهوري قوتن خلاف جمهوريت جي انتقام وارا بيشمار نظارا ڏسڻ جا وري موقعا ملي رهيا آهن. دنيا جي رانديگرن ۽ عالمي اسٽاڪ مارڪيٽ جي سيڙپڪارن ذريعي اسانجي ملڪ ۾ آندل سونامي ۽ انتقامي ذهنيت رکندڙ ريٽائر ڪپتان کي آڻي ملڪ جو مالڪ بنائڻ وارو عمل يقينن اسان جي ملڪ  جي سياسي سرشتي کي  کاٽ هڻڻ وارو هڪ وڏو واقعو هو، جنهن سان جمهوري سرشتي کي تبديل ڪرڻ ۽ عوامي قوتن کي ڪاٺ ۾ وجهڻ ۽ جيلن ڀرڻ واريون ظالماڻيون ڪارروائيون ۽ ڪيل وارداتون آخرڪار قانون قدرت جي پڪڙ ۾ اچڻ شروع ٿي ويون آهن. ملڪ جي ڪروڙين تحريڪي ۽ سجاڳ عوام جي ڪر موڙي ملڪ ۾ نڪري پوڻ ۽ مارچ برپا ڪرڻ جا آخرڪار نتيجا ظاهر ٿيڻ لڳا آهن ۽ ملڪ جو سياسي وايو منڊل وڏي پيماني تي اٿل پٿل جو شڪار ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي.

سونامي جون سمنڊ ڏانهن واپس لهندڙ موجن وانگر، سونامي جماعت جي پڻ واپسي وارو  عمل پڻ شروع ٿي ويو آهي ۽ سيلابي ريلي وانگر، ڇانيل سيلاب ۽ ٻوڏ جو ملڪ تان لهڻ وارو سلسلو پڻ شروع ٿي چڪو آهي.سونامي سرڪار ۽ رانديگرن واري حڪومت هن وقت وڏن لوڏن ۾ نظر اچي رهي آهي. ساڍا ٽي سال اڳ لاڏ ڪوڏ سان آندل وزير اعظم ۽ رانديگر واري سرڪار واري ڪپتان عمران خان خلاف آخرڪار پارليامان ۾بي اعتمادي واري رٿ پيش ٿي وئي آهي ۽ ايوان ۾پيش ڪيل بي اعتمادي واري رٿ تي آئين مطابق بحث ۽ ووٽنگ لاءِ  ايوان ۾موجود مخالف ڌر جي 161 قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي اڪثريتي ووٽ سان وزير اعظم خلاف بي اعتمادي واري رٿ کي بحث ۽ راءِ شماري ڪرڻ لاءِ منظور ڪري ورتو.  اهڙي ريت، ٻن ڏينهن جي وقفي بعد 31 مارچ تي قومي اسيمبلي جو اجلاس ٻيهر ٿيڻ وڃي رهيو آهي جنهن ۾وزير اعظم عمران خان جي قسمت جو فيصلو ڪيو ويندو. وزير اعظم عمران خان ۽ سندس سونامي سرڪار جي قسمت جو فيصلو ته پارليامان ۾موجود قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي اڪثريت سان ئي ٿيڻو آهي پر پارليامان کان ٻاهر ملڪ جي ميدانن، شهرن ، ٻهراڙين ۽ روڊ رستن تي پڻ ماحول تمام گهڻو گرم آهي.

هڪ پاسي، حڪمران پنهنجيون ڪرسيون بچائڻ لاءِ سرگرم آهن ۽ ملڪ کي ڏي وٺ واري بازار ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ويو آهي ته ٻئي پاسي حڪومت مخالف ڌرين تي مشتمل جماعتن جون سرگرميون ايتريون ته وڌيل آهن جو هو سرڪار جي هرپاسي کان ناڪابندي ڪري رهيون آهن، قومي اسيمبلي ۾ وزير اعظم خلاف بي اعتمادي جي رٿ کي پيش ڪرڻ بعد اوچتو پنجاب اسيمبلي ۾ وڏي وزير عثمان بوزدار خلاف پڻ بي اعتمادي واري رٿ پيش ڪري ڇڏي. جنهن جي نتيجي ۾ پنجاب اسيمبلي کي ٽوڙڻ واري حڪومتي امڪاني ڪارروائي کي وقت کان اڳ ئي روڪي ڇڏيو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ وزير اعظم عمران خان طرفان وفاق ۽ صوبي ۾ پنهنجيون حڪومتون بچائڻ لاءِ وڏي وزير عثمان بوزدار کان استعيفيٰ وٺي اتحادي مسلم ليگ ق جي اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي کي پنجاب جو وزير اعلي نامزد ڪرڻ تي مجبور ٿيڻو پئجي ويو آهي. هوڏانهن، حڪومت جي اتحادي ڌرين جي قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي هڪ وڏي تعداد مخالف اتحاد سان شامل ٿي وئي آهي ۽ پارليامان ۾ وزير اعظم جي حامي ميمبرن جي تعداد ايتري ته گهٽ ٿي وئي آهي جو وزير اعظم کي ٻيهر اعتماد جو وٺڻ به مشڪل ٿي ويو آهي. جڏهن ته سامهون آيل انگ اکرن موجب، قومي اسيمبلي واري ايوان ۾ مخالف ڌر جي اتحاد کي حڪومتي اتحاد تي سرسي حاصل ٿيندي نظر اچي رهي آهي.

وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي واري رٿ جي حامين ۾ واڌ ۽ حڪومت جي اتحادين ۾ تقسيم واضح ٿي اڀري آئي آهي. وزير اعظم طرفان  ق ليگ اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي کي پنجاب جو وڏو وزير نامزد ڪرڻ سان ق ليگ ۾ ئي اختلاف ۽ ورهاست سامهون اچي وئي آهي، هن جماعت جي قومي اسيمبلي جي چئن ميمبرن مان ٽي ميمبر وزير اعظم عمران خان جي حمايت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن.، اهڙي ريت پنجاب واري صوبائي اسيمبلي ۾ حڪمران جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف پڻ ڪيترن کي ڌڙن ۾ ورهايل آهي ۽ جڏهن ته پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي جماعتن جي اسيمبلي ميمبرن جي تعداد به لڳ ڀڳ حڪمران جماعت جي ويجهو ئي نظر اچي رهي آهي. اهڙي قسم جي ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾پنجاب ۾ پي ٽي آءِ اتحاد جي حڪومت جو برقرار رهڻ ۽ انهيءَ ايوان مان اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي جو استعيفيٰ ڏئي وزير اعلي لاءِ اڪثريت وارو ووٽ وٺڻ پڻ هڪ وڏي آزمائش بڻجي ويو آهي.

وفاقي حڪومت جي گذريل چئن سالن دوران ناقص ۽ تڪراري ڪارڪردگي سبب وڌندڙ غير مقبوليت ڪري اتحادي جماعتن جي هڪ تعداد جو مخالف ڌر جي جماعتن واري اتحاد سان شامل ٿي وڃڻ اهڙا وڏا واقعا ٿيا آهن . جنهن بعد وزير اعظم جو بي اعتماد واري رٿ کان بچي نڪرڻ ڏينهون ڏينهن مشڪلاتن جو شڪار ٿيڻ کان وڌي ناممڪن ٿيڻ طرف تيزي سان وڌي رهيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ اتحادين جي درج رڪارڊ موجب   وزيراعظم يا حڪومتي اتحاد جي ميمبرن جو تعداد صرف 172 ميمبرن تي وڃي بيٺو آهي ۽ مخالف ڌر جي اتحاد جي ميمبرن جو ظاهري تعداد وڌي 169 ٿي ويو آهي، جڏهن ته حڪمران جماعت جي باغي گهٽ ۾ گهٽ 24 ميمبرن جا ووٽ اصل فيصلو ڪرڻ واري حيثيت اختيار ڪري ويا آهن. جيڪڏهن باغي 24 ميمبرن مان صرف 4 ميمبر به مخالف ڌر سان ووٽ ڪن ٿا ته وزير اعظم پنهنجي اڪثريت وڃائي ويهندو ۽ بي اعتمادي جي رٿ اڪثريت سان منظور ٿي ويندي. پر جيڪڏهن وزير اعظم خلاف ووٽ ڏيندڙ باغي ميمبرن جو تعداد 10 ۽ ان کان به وڌيڪ ٿئي ٿو ته پوءِ وزير اعظم ۽ ان جي حڪومت خلاف هر لحاظ کان صورتحال هاڃيڪار ۽ عبرتناڪ پڻ ٿي سگهي ٿي.

ملڪ ۾ ٿيندڙ ڄاڻايل سياسي اٿل پٿل يقينن سالن جي سياسي تحريڪ ۽ محنت جو حاصل آهي جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪردار پاڪستان جي نوجوان قيادت بلاول ڀٽو زرداري چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي جو واضح طور تي نمايان ۽ نروار ٿي سامهون آيو آهي. هن نوجوان قيادت پنهنجي ننڍي عمر ۽ گهٽ تجربن جي باوجود 2018ع واري ملڪ ۾ ٿيل عام چونڊن جي نتيجن موجب سندس جماعت کي پنجاب ۽ ملڪ جي ٻين صوبن  مان ختم ڪرڻ لاءِ هلايل خاص مهم جو شڪار ٿيڻ  جي باوجود پنهنجا جذبا سهيڙي هوش ۽ هواس قائم رکيا ۽ جمهوريت دشمن قوتن لاءِ جمهوريت جو انتقام  پارليامان ۾ وٺڻ جو اعلان ڪيو ۽ مسلم ليگ نواز، جي يو آءِ ۽ عوامي نيشنل پارٽي سميت هاڻوڪي پي ڊي ايم ۾ شامل ٻين جماعتن طرفان عام چونڊن جي نتيجن جو بائيڪاٽ ڪرڻ ۽ اليڪشن جي چوري خلاف احتجاج ڪرڻ ۽ پارليامان ۾ پنهنجن عهدن جو قسم نه کڻڻ واري اظهار کي رد ڪيو ۽ سڀني متاثر ڌرين کي جدوجهد جو مرڪز پارليامينٽ جي ايوانن کي بنائڻ واري پنهنجي سوچ کي مڃرايو، اڳتي هلي آل پارٽيز ڪانفرنس منعقد ڪئي ۽ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) قائم ڪئي پر اکين پور اتحادين طرفان اتحاد جي باني جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي کي پارليامان مان استعيفيٰ نه ڏيڻ تي بيدردي سان ڌڪي ڌار ڪيو ويو پر ان جي باوجود  ذوالفقار علي ڀٽو جي ڏوهٽي ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي قابل فخر فرزند ۽ نئين دور جي نوجوان ليڊر مايوس ٿيڻ بجاءِ عوام ۾ ويساهه رکيو ۽ پنهنجي جدوجهد جاري رکي. اڳتي هلي پارليامان  ۾ پارليماني جماعتن جو اتحاد قائم ڪيو ۽ آخري معرڪي ۾ 27 فيبروري کان 8 مارچ 2022 دوران هلايل عوامي هلچل ۽ عوامي مارچ سان سموري ملڪ کي لوڏي ڇڏيو آهي.

اڄ سموري ملڪ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سموري جمهوري تحريڪ جي قيادت ڪري رهي آهي. تمام گهڻي اچرج واري ڳالهه هئي ته، نئين پارليامينٽ جي پهرين ئي اجلاس ۾ پهريون ڀيرو چونڊجي ايندڙ پارليمينٽرين ۽ ليڊر بلاول ڀٽو طرفان وزير اعظم عمران کي سليڪٽڊ قرار ڏنو ۽ انهيءَ کي ثابت پڻ ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ گڏيل مخالف ڌر طرفان پارليامان ۾ وزير اعظم خلاف بي اعتمادي واري رٿ جي منظوري واري سيمي فائنل کٽڻ واري ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ۽ هاڻي 31 مارچ تي قومي اسيمبلي ۾ شروع ٿيندڙ فائنل ٽيسٽ ميچ ۾ ڪپتان واري سرڪار جي قسمت جو فيصلو پڻ ٿيڻ وڃي رهيو آهي. هن پارلياماني  ميگا دنگل ۽ سياسي ملاکڙي جو نتيجو ڇا ٿيندو ؟ بس ٿورڙو انتظار !!.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *