علي محمد ميمڻ
سنڌ جي ون يونٽ جي خلاف جدوجهد ۽ 4 مارچ واري شاگردن جي حقن جي جدوجهد ۽ ڪالاباغ ڊئم خلاف تحريڪن بابت ڪراچي جي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ۾ تازو ٻه شاندار قسم جا ميڙاڪا منعقد ٿيا، جيڪي تمام گهڻي معلومات ۽ گهڻ پاسائين تجربن ۽ بحثن سان ڀرپور هئا. جنهن مان هڪ”دي انٽيلڪچوئلس فورم (ٽي آءِ ايف) “سنڌ جي ممتاز دانشورن جي تنظيم طرفان 4 مارچ 2021ع تي منعقد ڪيل تقريب ۽ ٻيو ميڙاڪو سنڌ گريجوئيٽس ايسوسئيشن طرفان ڪجهه ڏينهن اڳ ون يونٽ ۽ ڪالاباغ ڊئم خلاف جدوجهد جي ڪردارن ۽ پنهنجن اڳواڻن ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ۽ بخش علي لاکي جي مان ۾ ڪوٺايل روح رهاڻ شامل آهن. جنهن جي صدارت سگا جي چيرمين رفيق احمد جعفري ڪئي. هن ميڙاڪي ۾سگا ۽ سنڌ جي قومي معاملن واري جدوجهد جي مشهور ڪردار شمشير الحيدري جو خاص طور تي ذڪر ڪيو ويو. هنن ٻنهي ميڙاڪن ۽ اجلاسن ۾ سنڌ جي سياسي جدوجهد ۽ مختلف دورن جي تحريڪن جي تاريخ ۽ سنڌ جي سورمن ۽ هيروز جي ڪارنامن ۽ جدوجهد جا ڪيترا ئي باب پيش ڪيا ويا.سنڌ جي اها خوشقسمتي آهي جو هتي موجود وفاقي جماعتن ۽ سنڌ جي قوم پرست جماعتن، ترقي پسند ۽ سوشلسٽ تحريڪن کان علاوهه شاگردن جي تنظيمن جون تحريڪون ۽ جدوجهد پڻ سنڌ جي ماحول کي سجاڳ ۽ سرگرم رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون رهيون آهن، اهڙي ريت اهي سمورا باب سنڌ جي جديد دور جي تاريخ جا حصا آهن، جيڪي وقت سان گڏ ڪتابن جي صورت ۾ سهيڙجي رهيا آهن.
سنڌ جي شاگردن جي 4 مارچ واري جدوجهد جي تاريخي ڏينهن جي مناسبت سان ”دي انٽيلڪچوئلس فورم (ٽي آءِ ايف) “ جي ميڙاڪي جو خاص مهمان يوسف لغاري ۽ ميڙاڪي جو صدر مسعود نوراني هو. پروفيسر اعجاز قريشي ۽ سيد غلام شاهه 4 مارچ 1967ع واري شاگرد تحريڪ تي تفيصيلي روشني وڌي. محترمه مهتاب اڪبر راشدي طرفان پنهنجي خطاب ۾ 4 مارچ واري شاگردن جي تحريڪ کي اتفاقي ۽ جذباتي سببن ڪري پيدا ٿيل واقعو قرار ڏنو. شاگردن جي تحريڪ جو هيرو ۽ خاص مهمان يوسف لغاري جو ان موقعي تي پنهنجي تفصيلي خطاب ۾ چوڻ هو ته، اسين جيڪڏهن تاريخ جو ذڪر ڪريون ٿا ته اسان کي پنهنجي تاريخ ضرور درست ڪرڻ گهرجي. 4 مارچ واري شاگردن جي تحريڪ حادثاتي يا اتفاقي نه هئي ۽ نه ئي اها شاگردن جي ڪنهن جذباتي عمل جو نتيجو هئي. اها سنڌ سان ٿيندڙ سمورين زيادتين ۽ حق تلفين جو هڪ ردعمل هئي. هن تحريڪ تي هن کان اڳ سنڌ ۾ ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن، ماروئڙا شاگرد تنظيم ۽ ٻين تنظيمن جي جدوجهد ۽ تحريڪن جا اثر هئا. اهوئي سبب آهي جو سنڌ يونيورسٽي ۽ حيدرآباد جي شاگردن جي تڪليف ۽ جدوجهد سموري سنڌ ۾ پکڙي ويئي. جنهن کي انهن سمورن سياسي حوالن جي حمايت ۽ مدد حاصل ٿي.
سنڌ جي ون يونٽ واري هلچل جو منظر نامو بيان ڪندي يوسف لغاري جو چوڻ هو ته، 1950 کان 1967ع تائين سنڌ ۾ ڪو به سنڌي آفيسر نه هو. جنرل ايوب خان واري آمراڻي دور ۾ سنڌ يونيورسٽي کي ڪراچي کان نيڪالي ڏياري حيدرآباد منتقل ڪيو ويو ۽ ڪراچي کي سنڌين کان خالي ڪرائڻ واري مهم هلندڙ هئي ان بعد حيدرآباد کي پڻ سنڌين کان خالي ڪرائڻ لاءِ ڪيترا ئي منصوبا هلندڙ هئا. ون يونٽ خلاف سموري سنڌ ۾ سخت بي چيني واري صورتحال هئي. انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ مسلم ليگ کانسواءِ ڪابه سياسي جماعت موجود نه هئي ۽ نه ئي گهڻيون اخبارون يا سنڌي ٽي وي چينل ئي موجود هئا. اهڙي صورتحال ۾ون يونٽ خلاف هلندڙ هلچل ۽ ترقي پسند ۽ قوم پرست جماعتن ۽ شاگردن جي جدوجهد جو ئي تسلسل هو. يوسف لغاري جو چوڻ هو ته، سخت قسم جي حالتن ۾ مختلف هم خيال ۽ تحريڪي دوست ۽ ساٿي پنهنجي سمجهه موجب رٿابنديون ڪري جدوجهد ڪرڻ ۽ پنهنجي خيالن جو پرچار ڪرڻ جا طريقا ڪڍندا رهندا هئاسين. انهن ڏينهن ۾ شمشيرالحيدري ۽ آئون پنهنجي ڪلهن تي بيلچا ۽ ٽيڪم کڻي حيدرآباد جي پڪي قلعي ۾ سنڌ جي سورمي هوشو شيدي جي قبر ڳولهڻ لاءِ وڃي پهتاسين ۽ کوٽائيون ۽ صفايون ڪري هڪ جاءِ کي هوشو جي قبر وارو مقام پڻ قرار ڏيئي ڇڏيو. جنهن سان اسان جو مقصد سنڌ جي تاريخي ماڳ پڪي قلعي کي پڻ خالي ڪرائي تاريخ جو ورثو محفوظ ڪرڻ هو. پر ان دور جي انتظاميا اسان کي هندستان جو ايجنٽ قرار ڏيئي اتان نيڪالي ڏئي ڇڏي. اهڙي ريت، اهڙي قسم جا پرچارڪ ڪم ۽ مهمون شمشير الحيدري ۽ ٻين دوستن سان گڏجي ڪندا هئاسين. جنهن ۾ رمضان جي مهيني ۾ جاڳي وارن جي روپ ۾ دهل ۽ دف کڻي حيدرآباد شهر جي گهٽين ۾ گهمي گهرن ۽ دڪانن جي ڀتين تي پنهنجن تحريڪن بابت نقطا ۽ مطالبا لکي عوام لاءِ آگاهي مهمون پڻ هلائيندا هئاسين. اهڙي ريت، سنڌ جي حالتن ۽ جدوجهد جي پس منظر مان 4 مارچ 1967ع واري شاگردن جي تحريڪ پڻ ڦٽي نڪتي هئي. اسان کي گهرجي ته پنهنجي تاريخ کي درست ڪريون ۽ پنهنجي تاريخ کي حقيقتن ۽ تاريخي واقعن ۽ ڄاڻ موجب لکيو ۽ تيار ڪيو وڃي جو اها تاريخ اسان جي نسلن جي ميراث ۽ حقن جي حاصلات لاءِ لازمي ۽ سگهاري بنياد مهيا ڪري ٿي.يوسف لغاري جو چوڻ هو ته، ملڪ ۾ قومن جي جدوجهد جي نئين حاصلات ۾ 1973ع وارو آئين ۽ آئين جي 18هين ترميم ۽ ان ۾ ڏنل صوبن جي خودمختياري ۽ حقن کي وڏي اهميت حاصل آهي، جنهن جي حفاظت ڪرڻ ۽ پنهنجي تاريخ درست ڪرڻ تمام ضروري آهي.ميڙاڪي کي خطاب ڪندڙ شخصيتن ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي، سيد غلام شاهه، پروفيسر اعجاز قريشي، ميڊم مهتاب اڪبر راشدي، ڊاڪٽر اسحاق بلوچ، غلام نبي مورائي، ثمر حيدر جتوئي، مظهر راهوجو، يونس مهر ۽ ٻيا شامل هئا. سنڌ جي شاگرد تحريڪ 4 مارچ جي هن اهم ميڙاڪي ۾ شاگردن جي تحريڪ جي هيرو ۽ سنڌ جي اڳوڻي ايڊووڪيٽ جنرل يوسف لغاري ۽ بلوچستان جي قوم پرست اڳواڻ ۽ دانشور ڊاڪٽر اسحاق بلوچ جي خطاب سموري ايوان کي تمام گهڻو متاثر ڪيو. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي 4 مارچ 1967 ع واري جدوجهد کي ان دور جي محنتي شاگردن ۽ پنهنجي ساک ۽ مان مرتبي وارن ۽ باڪردار اڳواڻن جي جدوجهد ۽ سچائي واري جدوجهد قرار ڏنو، ڊاڪٽر قادر مگسي جو چوڻ هو ته، ذوالفقار علي ڀٽو جي عوامي شخصيت ۽ سياست، يقينن سموري ملڪ ۽ ملڪ جي عوام تي تمام گهڻا اثر وڌا آهن سندس چوڻ هو ته، ملڪ ۾ رياست ۽ قومن ۽ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ڇڪتاڻ عروج تي آهي. هن، سنڌ جي پٺتي ڌڪجڻ ۽ سماجي ۽ سياسي مسئلن ۽ مصيبتن جو وڏو سبب پيرن، وڏيرن ۽ جاگيردارن کي قرار ڏنو، جيڪي سنڌ جي سماج کي ڪينسر وانگر کائي رهيا آهن.بلوچستان جي قوم پرست اڳواڻ ۽ دانشور ڊاڪٽر اسحاق بلوچ جو چوڻ هو ته، ملڪ ۾ وفاق ۽ صوبن جي ڇڪتاڻ، رياست صوبن ۾ رياستي ادارن جي وڌندڙ عمل دخل واري حالت ۾ صوبن کي خودمختياري مهيا ڪندڙ ۽ پنهنجي وسيلن ۽ زمينن جا آئيني طور تي حق مهيا ڪندڙ آئين جي 18 ترميم کي تمام وڏو ڪارنامو قرار ڏنو ۽ ان ڏس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي جدوجهد ۽ صوبائي خودمختياي واري حق جي حاصلات تي شاندار نموني خراج تحسين پيش ڪيو ۽ اپيل ڪئي ته آئين جي 18 ترميم۽ ان موجب صوبائي خودمختياري ۽ پنهنجي صوبن جي وسيلن ، حقن جو بچاء ڪرڻ گهرجي. سندس اهو پڻ چوڻ هو ته، وفاق ۽ صوبن ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾سنڌ ۽ بلوچستان هڪ ٻئي جا فطري اتحادي آهن ۽ هنن جا هڪٻئي سان تاريخي لاڳاپا پڻ آهن، تنهن ڪري گڏيل جدوجهد ۽ سهڪار کي مضبوط ڪرڻ گهرجي.هن موقعي تي 4 مارچ واري شاگردن جي جدوجهد جي تاريخ تي ٻڌل پروفيسر اعجاز قريشي جي تازو شايع ٿيل ڪتاب جو پڻ تقريرن ۾ ذڪر ٿيندو رهيو ۽ ايوان ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته جديد سنڌ جي جدوجهد، قومي تحريڪن ۽ ان جي حاصلات ۽ نقصانن جي تاريخ ضرور لکرائڻ گهرجي . ائين نه ٿيو ته سنڌ جا ايندڙ نسل پنهنجي تاريخ کي وساري ڇڏيندا.