سنڌ صوبي ۾ سردارن ۽ وڏيرن جي وڌندڙ ظلمن ۽ ماڻهن سان ٿيندڙ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ واري حالت بابت تمام گهڻا اڻوڻندڙ واقعا ۽ سانحا منظر عام تي اچي رهيا آهن. ملڪ جي ميڊيا ، اسيمبلين جي ايوانن، شهرين ۽ ڳوٺاڻن جي مجلسن ۽ ميڙاڪن ۾ اهي معاملا هن وقت تمام گهڻو بحث هيٺ آهن. ملڪ ۾ ۽ سنڌ صوبي ۾ سرداري، جاگيرداري ۽ وڏيرڪي اڏوهي کاڌل نظام جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل نتيجا، ظلم ۽ قهر جڏهن وڏي پيماني تي منظر عام تي اچن ٿا ته، سموري انساني آبادي ۾ اذيت ۽ تڪليف جو احساس وڌي وڃي ٿو ۽ ماڻهن ۾ ان ناسور، سماجي ڪينسر جي پکڙجڻ جو احساس ۽ هل هنگامو وڌي وڃي ٿو.
اهڙي ريت، ڪراچي جي ٻهراڙي واري علائقي ملير ۽ جنگشاهي ۾ ٿيل تازي نظام جوکئي واري ڏکوئيندر قتل واري سانحي تي سمورن دردمندن جون اکيون لڙڪن سان ڀرجي ٿيون اچن ۽ ظالم سردارن جي مڪروهه چهرن کان ڪراهت ۽ ڌڪار محسوس ٿيڻ لڳي ٿي. عوام انهن سانحن ۽ ڪارن ڪمن کان نجات لاءِ پنهنجي ناپسنديدگي، احتجاجي ردعمل وارو رستو پڻ اختيار ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا. اهڙي ريت، ملير ۾ نوجوان ناظم جوکئي جي قتل ۽ قمبر جي ڳوٺ خيرپور جوسو ۾ مسمات فهميده سيال جي قتل وارن واقعن ۽ ان کان علاوه سنڌ جي مختلف ضلعن ۽ بلوچستان جي قبائلي ۽ سرداري سماج جي بدڪردارين تي سنڌ ۽ بلوچستان جي سماج ۽ عوام جي احتجاج دانهن ۽ فريادن تي اهڙي قسم جاڪيس آخرڪار انصاف حاصل ڪرڻ ۽ قانون جي حڪمراني لاڳو ڪرڻ لاءِ عدالتن ۾ آندا وڃن ٿا، جتي ظالم ۽ مظلوم هڪٻئي جي آمهون سامهون اچي عدالتن ۾ پيش ٿي رهيا آهن. عدالتن ۽ معزز ججن ذريعي انصاف حاصل ڪرڻ ۽ داد رسي لاءِ ڇڏڻا پون ٿا ڇاڪاڻ جو قانون جي عملداري ۽ انصاف حاصل ڪرڻ وارا اهي ئي قانوني رستا آهن.
سنڌ ۽ بلوچستان جو سماج ۽ انهن ٻنهي صوبن جا ماڻهو هڪ ئي قسم جي عذاب کي منهن ڏئي رهيا آهن، جتي عوام جي حقن ۽ آزادين، تعليم، ترقي، خوشين ۽ غمن تي انهن علائقن جا سردار، جاگيردار، وڏيرا ۽ ٻيون طاقتور ڌريون اثر انداز آهن ۽ هنن طرفان ماڻهن جي سماجي ۽ معاشرتي ترقي ۾ رڪاوٽون ۽ بريڪ لڳائي رکيا ويا آهن.
سنڌ ۽ بلوچستان جي سماج ۾ ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه جي ضرور ڇنڊ ڇاڻ ٿيڻ گهرجي ته سموري سماج، معاشري ۽ عوامي زندگيءَ کي زهريلو بنائيندڙ معاملن جي تهه ۽ بنيادن کي ضرور جانچڻ گهرجي ته اهي ڪهڙا سبب آهن جيڪي لڳاتار سماج کي زهريلو بنائي رهيا آهن ۽ زهر واري پيداوار ڏئي رهيا آهن. يقينن، اها کليل ۽ واضح حقيقت آهي ته، سرداري ۽ وڏيرڪي ڏاڍ ، ڏهڪاءُ ۽ ظلمن جي جاري رهڻ وارو بنيادي سبب انهن ظالمن جي جاگيرداري ۽ هزارين ايڪڙن تي مشتمل زمينداري ئي آهي جنهن مان هنن کي اڻ ڳڻيو خزانو ، خوشحالي ۽ مال غنيمت هٿ ايندو ٿو رهي جنهن جي آڌار تي هو ڪابه به محنت ۽ مشقت ڪرڻ کانسواءِ هارين، زرعي مزدورن ۽ پورهيتن جي رت ست کي نپوڙي لکپتي، ڪروڙ پتي ۽ ارب پتي بڻيل آهن. اهي شاهوڪار بڻيل سردار ۽ وڏيرا پنهنجي انهي عياشي وارين زندگين کي برقرار رکڻ لاءِ اهي سڀ اڇا ۽ ڪارا ڪم پڻ ڪرڻ لڳندا آهن جيڪي ملير ۽ جنگ شاهي ۾جوکين جي سردارن ڪيا يا گهوٽڪي، جيڪب آباد، خيرپور، سانگهڙ سميت سموري سنڌ جي اتر، لاڙ، وچولي، ڪوهستان ۽ ٿرپارڪر جي علائقن جا سردار ۽ ارباب پڻ ڪندا رهن ٿا. اهي سردار ۽ وڏيرا پنهنجي ظلمن ۽ قبضن کي برقرار رکڻ لاءِ هر دور جي حڪومتن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ پڻ جتن ڪندا رهن ٿا. ڪڏهن هو مسلم ليگ ۾ هوندا آهن ته ڪڏهن پيپلز پارٽي، قاف ليگ، تحريڪ انصاف ۽ ايتري حد تائين جو ايم ڪيو ايم جهڙي جماعت ۾ پڻ وڃي داخل ٿيندا آهن ۽ انهن جماعتن کي پنهنجي ڪمن ۽ ڪرتوتن کي جاري رکڻ يا لڪائڻ لاءِ ڍال يا چادر وجهڻ وارا ڪردار ادا ڪرائڻ لڳندا آهن. اهڙيءَ ريت هو دور بدلجڻ سان گڏ پاڻ به سانڍي وانگر پنهنجا رنگ بدلائڻ ۾ دير نه ڪندا آهن ۽ رات جي پيٽ ۾ جماعتون بدلائي هر ايندڙ نئين حڪومت جا وڃي سلامي ٿيندا آهن.
دنيا ۾ عوام جون چونڊيل حڪومتون پنهنجن ملڪن جي عوام جي خوشحالي، معاشرن ۽ سماج جي ترقي ۽ بهتري لاءِ ڪم ڪنديون رهن ٿيون ۽ پنهنجي ملڪ جي زرعي زمينن، معدنيات ۽ هر قسم جي وسيلن کي اجتماعي خوشحالي ۽ بهتري لاءِ ڪتب ۽ آڻڻ لاءِ ڪاوشون ڪنديون رهن ٿيون. اسانجي ملڪ ۾اها افسوسناڪ صورتحال رائج آهي جتي ملڪ جون سموريون زرعي زمينون، وسيلا ۽ قدرت جا خزانا صرف ڪجهه جاگيردارن، وڏيرن ۽ سرمائيدارن يا ڪامورن جي خاندانن ۾ ورهايل آهن. اسان جي ملڪ ۾ اسلامي ۽ شرعي قانون به تمام گهڻو عجيب آهن جنهن ۾ جاگيرداري ۽ وسيلن جي اڻبرابري واري نظام کي اسلامي ۽ شرعي سرشتو قرار ڏنو ويو آهي. ملڪ ۾ عوام جي پهرين چونڊيل حڪومت ۽ قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ 1972ع ۾ ڪيل زرعي سڌارن ، جاگيرن ۽ وڏين زميندارين جي ڪيل خاتمي، سردارن ۽ جاگيردارن جي خلاف منظور ڪيل قانون ۽ آئين منظور ڪندڙ عوام جي مقبول حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو ۽ ان قومي ڏوهه ۾ ملوث آمر جنرل ضياءُ جي آمريت ۾ ملڪ ۾ ٿيل زرعي سڌارن، سرداري ۽ جاگيرداري جي ٿيل خاتمي واري قانون ۽ آئين کي منسوخ ڪرايو ويو ۽ عوام جي محبوب ليڊر وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي سندس عوام دوستي، عوام کي طاقت جو سرچشمو قرار ڏيڻ جي سزا ڏني وئي ۽ کيس بي گناهه، بنا ڪنهن ڏوهه جي ڦاسي ڏياري وئي. ملڪ جي شريعت عدالت طرفان زرعي سڌارن کي غير اسلامي قرار ڏيڻ خلاف ملڪ جي قانوندانن طرفان داخل ڪيل نظرثاني واري اپيل هن وقت به سپريم ڪورٽ ۾ موجود آهي ۽ سپريم ڪورٽ جو مشهور وڪيل عابد حسن منٽو ان جي وڪالت يا پوئيواري ڪري رهيو آهي، ڪجهه عرصو اڳ، هڪ ليکڪ جي ملڪ جي نامور دانشور ، سياستدان عابد حسن منٽو ايڊووڪيٽ سان سندس آفيس ۾ ان معاملي تي مزدور ليڊر منظور احمد رضي سان گڏ هڪ دوري دوران ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ هن اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري جي عدالت ۾ اهو ڪيس موجود هئڻ بابت پڻ ذڪر ڪيو .پر اڃا تائين ان آئيني معاملي تي فيصلي جو انتظار آهي.
بيشڪ ! سنڌ صوبي جي سجاڳ عوام ۽ عام ماڻهن ۾ هن وقت صوبي جي سرداري ۽ وڏيرڪي ظالماڻي نظام خلاف تمام گهڻو تاءُ ۽ ڪاوڙ پکڙيل آهي، جنهن جي ڪري ملڪ جي سول سوسائٽي ۽ ساڃهه وند پڻ ان معاملي جو نوٽيس وٺي رهيا آهن ۽ صوبي جي ننڍن ۽ وڏن شهرن ۾ فڪري ويهڪون، ميڙاڪا ۽ ڪانفرنسون پڻ ٿي رهيون آهن. سنڌ جي اخبارن، ٽي وي چينلن ۽ سوشل ميڊيا جي ادارن ۽ مرڪزن پڻ ان قسم جي صورتحال جي تپش تمام گهڻي محسوس ڪئي پئي وڃي. يقينن، انهن سمورين ڳڻتين، پريشانين، فڪري ۽ علمي بحثن جو مسئلن جي حل وارو اثرائتو ۽ لاڀائتو نتيجو ضرور نڪرڻ گهرجي ۽ جاگيرداري، سرداري ۽ وڏيرڪي نظام جو خاتمو ٿيڻ گهرجي. ٻي صورت ۾ اهڙي قسم جا سانحا، حادثا ۽ واقعا ٿيندا رهندا ۽ اهڙي قسم جا عوامي ردعمل ۽ ميڙاڪا ٿيندا رهندا ۽ وري ڪنهن وقت اهڙي قسم جي ٻين واقعن جا انومان ۽ امڪان برقرار رهندا.يقينن، اهي مسئلا تيستائين ختم نه ٿيندا جيستائين انهن جو قانون ۽ آئين موجب”کوهن ۾ مئل ڪتا پيل رهندا تيستائين انهن کوهن جو پاڻي ڪڏهن به پاڪ ۽ صاف ٿي نه سگهندو“.