pervez hoodbhoy

تعليم تي اهڙو حملو ته جنرل ضياءَ به نه ڪيو هو…

پرويز هود ڀائي چونڊمواد ليکڪ

پرويز علي هود ٻائي

پاڪستانيو! خبردار ٿيو!…، عمران خان جي حڪومت پاڪستان ۾ تعليمي نظام تي جيڪو حملو ڪرڻ وڃي رهي آهي، ان جو مثال ماضيءَ ۾ بلڪل به نه ٿو ملي، سنگل نيشنل ڪريڪيولم ( سي اين ايس ) جي نالي تي جيڪو هڪ ڪرو قومي نصاب لاڳو ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، ان متعلق ته جنرل ضيا جي مذهبي جنوني آمريت ۾ به ڪڏهن نه سوچيو ويو هو، انهن تبديلين تي عمل ايندڙ سال کان شروع ٿيڻ وار آهي.

ظاهري طور تي ته ملڪ جي سمورن تعليمي ادارن ۾ هڪ ڪرو تعليمي نظام هڪ سٺو قدم آهي، ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته ملڪ ۾ هڪڙي تعليمي نظام بعد ملڪ ۾ طبقاتي تعليمي نظام جي حوالي سان جيڪا نفرت آهي اها ختم ٿي ويندي، جنهن ڪري وقت گزرڻ سان گڏوگڏ ملڪ جي امير ترين ماڻهن جي ٻارن لاءِ خانگي اسڪولن ۽ غريب عوام جي ٻارن لاءِ سرڪاري اسڪولن وچ ۾فرق ختم ٿي ويندو.

اهڙي صورتحال ۾ اهو سوال ٿو اڀري ته ڇا ملڪ جي سمورن تعليمي ادارن ۾ اهڙو تعليمي نظام بهتر نه آهي جيڪو شاگردن کي هڪ ئي معيار تي تعليم ڏئي..،؟

ظاهري طور تي انهيءَ انتهائي سٺي ۽ سهڻي سوچ کي هاءِ جيڪ ڪيو ويو آهي، ۽ ان جي روح کي انتهائي بدترين نموني چٿي مليا ميٽ ڪيو ويو آهي، جنهن بعد ان جو مقصد ئي فوت ٿي ويو آهي، ان جو بنيادي سبب اهو آهي ته جن ماڻهن جي هٿن ۾ هن ملڪ جي واڳ آهي اهي ماڻهو هن ملڪ کي پنهنجي اڳواڻ ( عمران خان ) وانگر هن ملڪ جي مدرسه اسٽبلشمينٽ کي خوش ڪرڻ چاهين ٿا.

2016ع – 2017ع ۾ عمران خان کي ان لاءِ سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو هو جڏهن هُن مولانا سميع الحق جي مدرسي کي ڪروڙين روپين جي امداد ڪئي هُئي، ياد رهي ته مولانا سميع الحق جيڪو پنهنجي هڪ ڪارڪن جي هٿان انتهائي پراسرار نموني قتل ڪيو ويو هو، اهو طالبان جو ابا جي هو.

هن وقت تائين ملڪ جي تعليمي نظام ۾ ايس اين سي منصوبي تحت جيڪي تبديليون ڪيون ويون آهن، انهن جي تفصيلن کي جيڪڏهن اوهان هڪ نظر ڏسندا ته اوهان کا ڇرڪ نڪري ويندو. پنجين جماعت تائين جيڪي به تبديليون ڪيون ويون آهن، انهن ۾ مذهبي تبديليون ايتري قدر تي ڪيون ويون آهن جو انهن جو ماضيءَ ۾ ڪو مثال نه ٿو  ملي، اوهان جيڪيڏهن ملڪ جي مدرسن تي ٻن وڏن تعليمي نظامن تنظيم المدارس ۽ رابطه المدارس سان پنجين درجي تي تعليمي نظام کي ڀيٽيندا ته اوهان جي پيرن هيٺيان زمين نڪري ويندي جو ٻنهي ڪورسن ۾ مذهبي حوالي سان تمام گهڻي تعليمي هڪ جهڙائي آهي.

ايندڙ دور ۾ اسڪولن ۾ به مدرسن وانگر رٽي بازيءَ تي زور ڏنو ويندو، اسڪولن ۾ جيئن ته استاد مذهبي تعليم نه ڏئي سگهندا تنهنڪري اسڪولن ۾ به قاري حضرات ۽ قران جي حافظن جي هڪ فوج ظفر موج ڀرتي ڪئي ويندي ان بعد ملڪ جي تعليمي ماحول تي ڪهڙو اثر پوندو ۽ ٻارن جي حفاظت ڪيئن ممڪن بنائي سگهبي اهو هڪ الڳ سوال آهي.

سڄي ملڪ ۾ گڏيل تعليمي نظام کي ٽن مفروضن تي ترتيب ڏنو پيو وڃي، جيڪي هن ريت آهن.

پهريون مفروضو: اها ڳالهه بلڪل به غلط آهي ته پاڪستان جي اسڪولن ۾ مختلف تعليمي نظامن جي ڪري تعليم جي معيار ۾ فرق آهي، جاگرافي، معاشرتي علم، ۽ سائنس جهڙا سيڪيولر مضمون سڀني اسڪولن ۾ پڙهايا وڃن ٿا، انهن ۾ رڳو ترجيحن ۽ تفصيلن جو فرق هوندو آهي. دنيا ۾ ست براعظم آهن ۽ آڪيسيجن جا ٻه ائٽم ۽ هئڊروجن جو هڪ ائٽم ملي ڪري پاڻي ٺاهيندا آهن، اهو سڀني کي پڙهايو ويندو آهي.

ٻيو مفروضو:اهو تاثر به غلط آهي ته ٻارن کي مذهبي بنائڻ سان ايڇي سن ڪاليج ۽ محلي جي اسڪول جا شاگرد هڪ ئي سطح تي اچي ويندا، محمود ۽ اياز هڪ ئي صف ۾ اچي بيهندا، جڏهن ته نماز بعد هو ، هوندائي غلام – آقا هيا. اهڙي طريقي سان امير ۽ غريب جي ٻارن وچ ۾ فرق ختم نه ٿيندو.جيستائين اسڪولن ۾ سٺو فرنيچر، مناسب انتظامي ۽ تدريسي ڍانچو، معياري ڪتاب، تربيت يافته استاد، ۽ انٽر نيٽ جي سهولت موجود نه هوندي. اهي سمورا وسيلا ڪٿان پيدا ٿيندا، ان جو اندازو اوهان پاڻ ئي لڳايو ڇو جو في الحال پي ٽي آءِ جي حڪومت دفاع کان سواءِ هر شعبي جي بجيٽ گهٽائي رهي آهي.

ٽيون مفروضو:

اهو تصور به انتهائي غلط آهي ته ڪو جديد اسڪولن ۽ مدرسن جي وچ ۾ موجود فرق کي ختم ڪري سگهجي ٿو، جديد تعليم جو بنياد ئي تنقيد تي آهي، جديد تعليم جي سلسلي ۾ ڪاميابيءَ جو بنيادي ذريعو آهي ئي اهو ته شاگرد مسئلا حل ڪري سگهن ٿا يا نه، جڏهن ته مدرسي ۾ شاگردن کان رڳو اها ئي توقع ڪئي ويندي آهي ته هو  رڳو مذهب جي تعليم تي عمل ڪري ۽ پنهنجي آخرت سنواري، ان وٽ نه تنقيد جو علم هوندو آهي ۽ نه ئي اهميت. اها ڳالهه به درست آهي ته هاڻي مدرسن ۾ ڪمپيوٽر، سائنس ۽ سماجيات جا ٻيا مضمون به پڙهايا وڃن ٿا، جيڪي آمريڪا جي دٻاءَ بعد شروع ڪيا ويا آهن جو مدرسن تي اهو الزم هيو ته اتان دهشتگرديءَ جي تعليم ڏني وڃي ٿي.

مدرسن ۾ سيڪيولر ۽ مذهبي مضبون هڪ ئي طريقي سان پڙهايا وڃن ٿا، جڏهن ته منطق بلڪل به غائب آهي، مدرسن ۾ جيڪا تعليم ڏني وڃي ٿي ان ۾ آمراڻو عنصر غالب آهي.

پهرئين کان پنجين درجي تائين ايس اين سي جي دستاويز ۾ جيڪي سيڪيولر مضمون پڙهائڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي، انهن ۾ انگريزي، جنرل ناليج، جنرل سائنس، رياضي ۽ معاشرتي علمن جي باري ۾ چيو ويو آهي، جيڪا ڳالهه به اڌوري نموني ڪيل آهي، انهن مضمونن کي ڪهڙي نموني ۽ ڪيئن پڙهايو ويندو انهن متعلق ڪا ٺوس رٿابندي نه آهي.

ملڪ جي نصاب ۾ هاڻي وڏيون تبديليون اچي رهيون آهن، پنجاب حڪومت ڪاليج ۽ يونيورسٽي سطح تي قرآن حفظ ڪرڻ لازمي قرار ڏنو آهي، اهو امتحان پاس ڪرڻ کان سواءِ ڪنهن کي به بي، بي ايس، سي، ايم اي، ايم ايس سي، ايم بي ايس ايس، ايم فل، يا پي ايڇ ڊي جي ڊگري ملي نه سگهندي. ملڪ ۾  مذهبي تعليم لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان اهڙا شرط ته جنرل ضيا جي دور م به لاڳو نه ڪيا ويا هئا. اسيءَ جي ڏهاڪي ۾ يونيورسٽيءَ جي پروفيسر جي نوڪريءَ لاءِ دعاءِ قنوط يا امير المومنين جا نالا يا ڪجهه دعائون پڙهايون وينديون هيون پر شاگرد اهڙن سوالن جي جواب ڏيڻ کان سواءِ به پاس ٿي ويندا هيا پر هاڻي ائين نه ٿيندو.

ايران، بنگلاديش ۽ هندستان جي گهٽ صلاحيتن وارن شاگردن جي مقابلي ۾ به پاڪستان جو شاگرد سائنس ۽ رياضيءَ جي مضمونن ۾ انتهائي گهٽ ڪارڪردگي ڏيکاري سگهي ٿو. ۽ ان کان به وڏي افسوس جي ڳالهه اها آهي ته، اسان جو شاگرد پنهنجي خيالن جو اظهار نه ته اردوءَ ۾ بيان ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي وري انگريزي ۾، جڏهن ته انهن لاءِ ڪتاب پڙهڻ ته ماضي بعيد جي ڳالهه ٿي وئي آهي.

ٻئي طرف تحريڪ انصاف جون حڪومتي پاليسيون ان ڳالهه ۾ به بلڪل خاموش آهن ته شاگردن کي هنري تعليم ڪهڙي نموني ڏني وڃي ۽ انهن جي هنرن ۾ ڪهڙي نموني ترقي ٿئي. ملڪ ۾ ٽيڪنيڪل ۽ ووڪيشنل تعليم جو معيار ايترو ته خراب آهي جو جڏهن انهن مان پاس ٿي نڪتل شاگردن کي جڏهن ڪا خانگي ڪمپني نوڪري ڏئي ٿي ته ان کي وري نئين سري سان ٽرينگ ڪرائي ٿي وڃي.

ارڙيهين ترميم جو فائدو وٺندي صوبن کي گهرجي ته ان رجعتي منصوبي کي رد ڪن جيڪو هن وقت اسلام آباد تي قابض رجعتي نظريه دان لاڳو ڪرائن چاهين ٿا، ٻي صورت ۾ پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ هڪ مذاق بڻجي ويندو ۽ عرب ملڪن کان به پوئتي رهجي ويندو.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے