ابراھيم ڪنڀر

تحريڪ هاڻي ٻہ رخي دٻاءُ جو شڪارآھي!

ابراھيم ڪنڀر اوهانجو موقف ليکڪ

ابراھيم ڪنڀر

حڪومت دٻاءُ جو شڪار آھي تہ اپوزيشن وري مونجھارن جو شڪار ھجڻ باوجود اتحاد قائم رکيو اچي، حڪومت کي اصل مالڪن چئي ڇڏيو آھي تہ ملڪ کي پرڏيھي خطرو آھي اندروني صورتحال کي بھتر ڪريو، انھي جي لاءِ محمد علي دراني کي پھرين اپوزيشن ليڊر ميان شھباز شريف وٽ موڪليو ويو تہ گذريل رات ھن لڪي لڪي وڃي مولانا فضل الرحمان کي راضي ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي، پي ڊي ايم ۾ مختلف الخيال پارٽين جي اختلاف راءِ جي ڪري استعيفائن يا سينيٽ جي اليڪشن واري معاملي تي مونجھارو انھي جي ڪري برقرار آھي جو پيپلز پارٽي سمجھي ٿي تہ مولانا فضل الرحمان واري واٽ سان انتشار وڌيڪ پکڙي سگھي ٿو، سسٽم جو حصو رھي ڪجھ ڪرڻ سان ڪجھ نہ ڪجھ رليف وٺي سگھجي ٿو،ٻي طرف حڪومت آھي جيڪا ضد ۽ انا کي قطعي ڇڏڻ جي لاءِ تيار ناھي، حڪومت اپوزيشن جي خلاف جارحاڻي پاليسي اختيار ڪئي آھي جڏھن تہ حڪومت جا اتحادي وري ٻي رستي تي نظر اچن ٿا.
موجودہ سياسي صورتحال جو جيڪڏھن ڇيد ڪجي تہ صورتحال بلڪل نارمل ناھي، غالب جو شعر آھي تہ بنا ھي شھ ڪا مصاحب ڦري ھي اتراتا، يا وري ڀرم کل جائي ظالم تيري قامت درازي ڪا، اگراس طرہ پر پيچ و خم ڪا پيچ خم نڪلي، اھا صورتحال عمران خان جي حڪومت سان ٻن سالن جي ھئي، انھي جي ڪري اتاراتا پيا ڦرندا ھئا ۽ قد بہ وڏو ڪريو پيا ھلندا ھئا پر گذريل ٻن مھينن کان صورتحال انھي کان ڪجھ مختلف انھي جي ڪري آھي جو کين اھو چيو ويو آھي تہ اسان کي خوار ڪرڻ بند ڪريو اسان ھاڻ اپوزيشن جي انھي طنز، نعري، اعلانن مان تنگ ٿي وياآھيون، جيڪڏھن ڪير حڪومت جي وزيرن ۽ ترجمانن جي ڳالھ کي نسورو سچ سمجھي اعتبار ڪري ويھي تہ پي ڊي ايم جو اتحاد ناڪام ٿي ويو انھي جو بيانيو چٽ ٿي چڪو،، پي ڊي ايم ۾ ڏڦيڙ پئجي ويو، پي ڊي ايم ٽڪرا ٽڪرا ۽ نواز ليگ جو موقف رد ٿي چڪو يا عوام پي ڊي ايم کي رد ڪري چڪو آھي تہ اھا سوچ آمراڻي سوچ آھي جئين تہ انھن جو عوام جي نبض تي ھٿ نہ ھوندو آھي انھي جي ڪري کين عوام جي ويچارن جي بہ خبر گھٽ ھوندي آھي يا وري انھي طاقت جي گھوماٽين ۾ ھوندا آھن انھي جي ڪري کين پاڻ کان ٿورو پري جي صورتحال جو ادراڪ نہ ٿيندو آھي، عمران خان بہ پنھنجي اندر اھڙي ئي ھڪ آمر کي ويھاريو ويٺو آھي جيڪو سمجھي ٿو تہ مان باس آھيان انھي جي ڪري ھر وقت آئون ئي ٺيڪ آھيان، پر حقيقت ۾ ائين بلڪل ناھي پي ڊي ايم جي تحريڪ رڳو حڪومت نہ پر حڪومت کي ٺاھيندڙ ۽ ھلائيندڙن کي مڏو ڪري وڌو آھي، انھي جي ڪري انھن حڪومت جي غير مشروط حمايت تان پھرين مرحلي ۾ ھٿ کنيو، ٻي مرحلي ۾ حڪومت کي پاڻ سڌارڻ، معاملا بھتر ڪرڻ، سياسي استحڪام جي لاءِ ڪوششون ڪرڻ ۽ حڪومتي ڪارڪردگي بھتر ڪرڻ جي لاءِ ھدايتون ڏنيون،بلڪہ گرينڊ ڊائلاگ جي واٽ بہ انھن ڏسي جنھن کي عمران خان سنجيدھ وٺڻ بدران پاڻ کي ڪل مختيار وزيراعظم سمجھڻ شروع ڪيو آھي.
ويجھي ماضي ۾ انھي قسم جي وزيراعظمن ۾ محمد خان جوڻيجو، مير ظفر اللھ جمالي جانالا اچن ٿا انھن سان ڇا ٿيو؟ ٻيو تہ ٺھيو ووٽ جي پرچي جي ذريعي ايندڙ وزيراعظم جڏھن ٿورو بہ ڳاڙھي لڪير کان ھن پاسي ٽپيا تہ انھن سان بہ گھٽ حشر نہ ٿيو جنھن جو آخري مثال ميان نواز شريف آھي، چوڻ جو مقصد تہ رڳو حڪومت ئي نہ پر اسٽبلشمينٽ تي بہ موجودہ غير يقيني جي صورتحال جي ڪري وڏو فرق پيوآھي، جڏھن مقتدر حلقن جي تجويزن کي حڪومت غير سنجيدگي سان وٺي تہ پوءِ اھو بہ سمجھڻ سولو آھي تہ انھن وٽ ٻيا ڪھڙا طريقا ٿي سگھن ٿا، اپوزيشن پارٽين، انھن جي اتحاد يا انھن جي تحريڪ تي اچڻ کان اڳ ۾ حڪومت جي موجودھ صورتحال تي ڳالھايون ٿا. جڏھن حڪومت گرينڊ ڊائلاگ جي واٽ وٺڻ کان نابري واري تہ ٻہ ٽي ڪم ٿيا، شيخ رشيد احمد ملڪ جي اھم وزارت جو قلمدان سنڀالي ويھي رھيو، جيڪو وزيراعظم کي قطعي طور جوابدہ ناھي ھن کي جن وزير ڪيو آھي انھن جي آڏو جوابدہ آھي، وزيراعظم جي سربراھي ۾ اتحادي حڪومت ۾ تحريڪ انصاف بطور پارٽي اڪيلائي جو شڪار ٿي چڪي آھي، تحريڪ انصاف وٽ قومي اسيمبلي ۾ پنھنجا 156 ميمبر آھن، ڇاڪاڻ جو جي ڊي اي جنھن جو سربراھ پير صاحب پاڳارو آھي انھي جي ڪوشش آھي تہ حڪومت ۽ اپوزيشن ھڪ ميز تي ويھي ڳالھيون ڪن، جنھن مفاھمت جي حڪومت منڪر رھندي اچي، ايم ڪيو ايم آدمشماري جي معاملي تي حڪومت سان اختلاف رکي اڄڪلھ پيپلز پارٽي سان ڳالھين جا پيچ اڙائي رھي آھي، ق ليگ جا چوڌري اڳ ۾ ئي حڪومت سان ناراض رھيا آھن ھاڻ چوڌري شجاعت حسين بہ انھي تي ڳالھائڻ شروع ڪيو آھي تہ حڪومت ھر معاملي ۾ ضد ڏيکارڻ بدران اپوزيشن جي تجويزن تي غور ويچار ڪري، اھڙي ريت باپ پارٽي وارن انھن ڏينھن ۾ ڪابينا ۾ پنھنجو حصو گهرڻ شروع ڪيو آھي جڏھن مقرريون ئي مٿان مٿان ٿي رھيون آھن.حڪومتي مرضي جي ابتڙ جي ڊي اي ڳالھين تي زور ڏئي رھي آھي، جي ڊي اي وارا تسليم ڪن ٿا تہ ملڪ ۾مھانگائي جي صورتحال ابتر آھي، گرفتاريون انتقامي ڪارروائي آھي، انھي صورتحال ۾ حڪومت ۾ رڳواڪيلي پارٽي بڻجي ٿي تحريڪ انصاف جيڪا سموري صورتحال کي پنھنجي اک سان ڏسي رھي آھي، انھي اک سان جيڪو ڪجھ نظر اچي رھيو آھي اھوٻي ڪنھن کي ڏسڻ ۾نٿو اچي،مٿان وري جيڪي مٿي ويٺل آھن انھن بہ حڪومت کي پنھنجا معاملا پاڻ سنڀالڻ جو چيو آھي تہ انھي صورتحال ۾ حڪمرانن جي ڪاوڙ غصو اجايو ڪونھي، ٽي وي شوز ۾ وزيرن مشيرن جو سڀاءُ انھن جي خيالن ئي نہ پر انھن جي صورتحال جي بھتر انداز ۾ عڪاسي ڪري رھيو آھي.صورتحال ڪٿي دنگ ڪندي انھي کي في الحال ڇڏيون ٿا پر حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيندڙ اپوزيشن جو ڪجھ ذڪر ٿي وڃي، پي ڊي ايم جو سربراھ مولانا فضل الرحمان آھي جنھن کي جان،مال توڙي سندس سياست کي ڌڪي ڪرڻ جو چئن پاسن کان ڪوششون ٿي رھيون آھن، مولاا محمد خان شيراني جي سربراھي ۾ چئن باغين جو ٽولو تيار ڪري انھن کان پارٽي اندر بغاوت ڪرائي وئي انھي ڌچڪي سان مولانا فضل الرحمان جي پارٽي تي بلوچستان ۾ اثر پوي ٿو پر بلوچستان جي صوبي جي حڪومت ۽ سياست ۾ وڌ ۾ وڌ مداخلت آھي انھي جي ڪري مولانا في الوقت ان کي ايترو سنجيدہ نہ پيو وٺي، مولانا کي نيب جو نوٽس جاري ڪرائي انھي جي ميڊيا ٽرائيل سان گڏ انھي کي مالي طور نقصان رسائڻ جي ڪوشش ٿي رھي آھي، ساڳي وقت مولانا فضل الرحمان جي جان کي خطرو ھجڻ جوا علان گهرو وزير ذريعي ڪرائڻ بہ مولانا کي سرگرميون محدود ڪرڻ جو پيغام ڏيڻ برابر آھي،ھڪ طرف مولانا فضل الرحمان کي جان جو خطرو آھي ٻي طرف ساڳي حڪومت مولانا جي سيڪيورٽي تي مقرر ٿيل ٻن پوليس اھلڪارن کي بہ واپس وٺي ڇڏيو آھي، اھا تہ ٿي مولانا فضل الرحمان جي حد تائين ڳالھ، ھاڻ اچو ٿا پوري پي ڊي ايم جي سياست تي، پي ڊي ايم مختلف 11 تنظيمن جو اتحاد آھي جيڪي تنظيمون ڪنھن بہ اليڪشن ۾ ھڪٻئي جي خلاف اميدوار بيھاري انھي ۾ حصو وٺنديون آھن، پراھو اتحاد ھن حڪومت انھن جي آڻيندڙ يا سياست يا حڪومت ۾ مداخلت جي خلاف وجود ۾ آيو آھي انھي جي ڪري اتحاد برقرار آھي پر ڪجھ معاملن تي انھي ۾ اختلاف راءِ ضرور آھي، اھو اختلاف ضمني چونڊن يا سينيٽ جي چونڊن جي حوالي سان آھي، ٻيو تہ ٽائيمنگ اھم آھي، مولانا فضل الرحمان جو خيال آھي تہ ماڻھو وٺي اسلام آباد ۾ ڌرڻو ھڻي بظاھر ۽ پس منظر ۾ ويٺل حاڪمن جي نڪ ۾ دم ڪري ڏجي، مولانا فضل الرحمان وٽ ايترو اسٽريٽ پاور آھي جو ڪجھ ڏينھن جي لاءِ ھو جتي چاھي انھي قسم جو شو ڪري سگھي ٿو، پر پيپلز پارٽي يا نواز ليگ کي انھي ڳالھ جي خبر آھي تہ جيڪا ڌر سندن سامھون آھي اھا ھڪ ڌرڻي يا احتجاج ريلي يا تحريڪ سان آڻ مڃڻ، پنھنجي غلطي تسليم ڪرڻ يا انھي کي سڌارڻ تي يقين ئي نٿي رکي، انھن طئي ڪري ڇڏيو آھي تہ حاڪم انھن کي رھڻو آھي، انھي روش جي ڪري ھن ملڪ اندر انھي معاملي تي انھي کان بہ وڏي تحريڪ ھلڻي آھي،پر اڃان تائين سياسي پارٽيون انھي جي ھمت ساري نہ پيون سگھن.
خير اھو اڳيان ھلي ٿيڻوآھي پر في الحال مولانا انھي خيال جو آھي تہ ٻيڙا ساڙي نڪرجي، جڏھن تہ پيپلز پارٽي جو خيال آھي تہ ھنن سسٽم ۾ رھي انھن سان ارڙھين ترميم جھڙي ويڙھ ڪجي، ٻيو تہ موجودھ سسٽم ۾ پيپلز پارٽي اسٽيڪ ھولڊر آھي، يعني سينيٽ جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي تحريڪ انصاف کانپوءِ ٻيو نمبر پارٽي ٿي سامھون ايندي، اپوزيشن ليڊر انھن جو ھوندو. انھي سان گڏ اھا ڳالھ بہ ڪجھ قدر درست آھي تہ سيينيٽ چونڊن جي بائڪاٽ جي صورت ۾ تحريڪ انصاف سينيٽ ۾ ٻہ ڀاڱي ٽي اڪثريت ڪامياب ڪري ويندي، انھي صورت ۾ سينيٽ مان ڪنھن بہ قسم جي آئيني ترميم پاس ڪرائڻ جو خطرو ارڙھين ترميم کي ٿي سگھي ٿو، نواز ليگ پارليامينٽ ۾ سگھ رکندڙ ٻي پارٽي آھي،انھي جي ڪري انھي بہ پيپلزپارٽي جي موقف کان پنھنجو رخ تبديل ڪيو ۽ رڳو ٻنھي پارٽين نہ پر سموري پي ڊي ايم اتفاق ڪري ورتو آھي تہ سينيٽ جي چونڊن ۾ حصو ورتو ويندو، سينيٽ جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ تائين پي ڊي ايم اتفاق راءِ سان حڪومت خلاف بي اعتمادي جي رٿ جو آپشن بہ استعمال ڪري سگھن ٿا جڏھن تہ سينيٽ چونڊن کان اڳ يا پوءِ قومي اسيمبلي مان استعيفائن وارو آپشن ڪنھن مھل بہ استعمال ڪري سگھجي ٿو، پر پي ڊي ايم وري بہ سمورن اختلافن جي باوجود قائم دائم آھي، سينيٽ چونڊن ۾ دل تي پٿر رکي حصو وٺڻ سميت اتحاد قائم رکي مقتدر قوتن خلاف ويڙھ جاري رکڻ واري جو ھڪ نڪتي تي اتفاق ڪرڻ واري پي ڊي ايم جو فيصلو بہ حڪومت جي لاءِ ڪا خوشي جي خبر ناھي،حڪومت تي ٻہ طرفو دٻاءُ برقرار آھي،برقرار جاري رھندو.جيستائين حڪومت اھا دانھن ڪندي رھي تہ پي ڊي ايم ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار آھي تيستائين پڪ سمجھي وڃي تہ حڪومت دٻاءُ ۾ آھي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *