سليم صافي

تحريڪ طالبان پاڪستان جو نئون جنم ڪيئن ٿيو ؟

اوهانجو موقف سليم صافي ليکڪ

سليم صافي

اسلام آباد ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان پاران آپگهاتي حملي کانپوءِ ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه هجڻ گهرجي ته دهشتگردي جي باهه رڳو خيبر پختونخواهه تائين محدود نه رهندي بلڪھ جيڪڏهن حڪومت ۽ رياستي ادارن  سنجيدگي جو مظاھرو نه ڪيو تھ خدا نھ ڪري پر  پوءِ اسان کي ٻيهر 2014 جهڙا منظر ڏسڻا لاءِ ملندا.

سبب صاف ظاهر آهي ته اسان جي پاليسي سازن ادارن افغان ۽ پاڪستاني طالبان بابت مفروضن ۽ خواهشن جي بنياد تي پاليسي ٺاهي هئي ۽ پوءِ رياستي مشينري کي استعمال ڪندي ساڄي ڌر جي پارٽين، پي ٽي آءِ ۽ دفاعي تجزيي نگارن ذريعي ان کي ايتري قدر هٿي وٺرائي وئي جو هر پاڪستاني ان مفروضي  تي يقين ڪرڻ شروع ڪيو.اهو مفروضو هي ھو ته افغان ۽ پاڪستاني طالبان جو پاڻ ۾ ڪو به تعلق ناهي. ٽي ٽي پي کي ”را“ ۽ افغان انٽيليجنس تخليق ڪيو آھي.

ڪجهه ماڻهو  ان کي آمريڪا جي کاتي ۾ وجهي رهيا هئا (جيتوڻيڪ ٽي ٽي پي جا سمورا امير آمريڪي ڊرون حملن ۾ نشانو بڻيا ھئا) ۽ اهو بھ تھ جڏھن افغانستان ۾ طالبان کي ڪاميابي حاصل ٿيندي تھ  ٽي ٽي پي جهڙيون تنظيمون پاڻمرادو ختم ٿي وينديون.اهو ئي سبب آهي ته افغانستان ۾ طالبان جي ڪاميابي تي دنيا ۾ واحد ملڪ پاڪستان ۾ جشن ملهايو ويو، ان وقت جي وزيراعظم عمران خان  فرمايو ھو  ته افغانين غلامي جون زنجيرون ٽوڙي ڇڏيون. پاڪستاني ميڊيا ڪابل تي جشن ملھائڻ جي لاءِ اھڙي طرح ڪاھي آيو جھڙي طرح آمريڪي حملي بعد مغربي ميڊيا  فاتح واري انداز ۾ وڃي نڪتو ھو.

ٻي غلطي اها آهي ته اسان جا پاليسي ساز نھ تھ  ڪنهن مسئلي جو اصل ڪارڻ ڳوليندا آهن ۽ نھ ئي ان  جي پاڙ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ ٽي ٽي پي جي سلسلي ۾ بھ اهو ئي ٿيو آهي.ملٽري آپرشن جي ذريعي  ٽي ٽي پي کي وقتي  طور تي دٻايو ويو يا افغانستان ڌڪيو ويو،پر ھتي اھو جملو تڪيھ ڪلام بڻجي ويو تھ  ”اسان دهشتگردن جي چيلھھ ڀڃي ڇڏي آهي“

پر ٽي ٽي پي کي اصل نقصان آمريڪي ڊرونز پھچايو ھو  ۽ فوجي آپريشن دوران انهن جي قيادت کي نشانو نه بڻايو ويو.مولانا نيڪ محمد، بيت الله محسود، حڪيم الله محسود ۽ مولانا فضل الله ڊرون حملن ۾ نشانو بڻيا.

فضا ۾ ڊرونز جي موجودگيءَ سبب تحريڪ طالبان پاڪستان جي قيادت جا رابطا ختم ٿيا ۽ پاڻ ۾ گڏجڻ ڏکيو ٿي پيو هو، پر آمريڪا جي واپسي کانپوءِ ڊرونز جو خطرو ختم ٿي ويو، سوال ھي آهي ته گذريل هڪ سال دوران ٽي ٽي پي ٻيھر ايتري قوت سان ڪٿان نمودار ٿي؟ ان جا سبب هن ريت آهن.

(1)پھريون،افغاني ۽ پاڪستاني طالبان هڪجهڙا عقيدا ۽ نظريا رکن ٿا. سندن جهاد ۽ قتال جو  تصور ساڳيو آهي. پاڪستاني طالبان هٿيار  افغان طالبان جي حمايت ۾ کنيو ھو انھن جي اڳواڻن کي پنھنجو اڳواڻ سمجھڻ ٿا. جڏهن هنن ڏٺو ته طالبان هٿياربند جدوجهد ذريعي آمريڪا ۽ نيٽو جهڙين طاقتن کي شڪست ڏني آهي ته قدرتي طور پاڪستاني طالبان ۽ ٻين مذهبي قوتن جو حوصلو بلند ٿي ويو آهي.

(2)ٻيو ، گذريل سالن دوران تحريڪ طالبان پاڪستان ڪيترن ئي ڌڙن ۾ ورڇجي وئي آھي، عبدالولي عرف خالد خراساني جي قيادت ۾ جماعت الاحرار جي نالي سان هڪ الڳ گروهه قائم ڪيو ويو آهي. حافظ سعيد (ڪرم ايجنسي جو) وغيره داعش ۾ ھليا ويا وغيره وغيره.  مفتي نور ولي هڪ قبائلي محسود بھ آهي ۽ هڪ پڙهيل لکيل ۽ ذهين مفتي به آهي، تنهن ڪري هن جي امير ٿيڻ کان پوءِ نه رڳو هن سمورن گروهن کي ٻيهر متحد ڪيو بلڪھ  ڪيترن ئي نون گروپن کي به ٽي ٽي پي ۾ شامل ڪيو.انھن نور ولي جي بيعت ڪئي.ٻئي پاسي عمران خان جي سموري حڪومت ۾ ان مسئلي تي ڪو ڌيان نھ ڏنو ويو،جيتوڻيڪ گذريل سال شايد ئي ڪو ڏينھن ھجي جو ٽي ٽي پي خيبر پختونخواھ ۾ ڪا ڪارروائي نھ ڪئي ھجي،

(3)ٽئين ڳالھھ ھي آھي تھ ،اسان جي پاليسي سازن  ۽ مفروضا گھڙيندڙن پاڪستانين کي يقين ڏياريو هو ته ٽي ٽي پي کي حامد ڪرزئي ۽ اشرف غني جي حڪومتن جي حمايت حاصل آهي، پر حقيقت اها هئي ته ٽي ٽي پي جا لڳ ڀڳ چار هزار ڪارڪن جن ۾ باجوڙ جو مولوي فقير محمد جهڙو اهم اڳواڻ به شامل هو. افغان جيلن ۾ قيد هئا ۽ جڏهن افغان طالبان اتي جيل ٽوڙيا ته اهي ماڻهو به آزاد ٿي ويا ۽ وري ٽي ٽي پي جي صفن ۾ شامل ٿي ويا.

(4)چوٿون،گذريل سالن دوران پاڪستاني طالبان ڪنڙ، نورستان، پڪتيا، ننگرهار ۽ خوست صوبن جي غارن ۽ جبلن ۾ پناهه ورتي هئي، پر طالبان جي فتح جي صورت ۾ انهن کي سڄي افغانستان تائين رسائي حاصل ٿي وئي. ، اهي گڏ ويٺا. هاڻي اهي گڏ ويهندا ۽ صلاح مشورا ڪري سگهن ٿا ،رٿابندي ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته هاڻي اهي وڏي تعداد ۾ قبائلي ضلعن ۽ سوات جهڙن علائقن ڏانهن لڏي آيا آهن.

(5) پنجون سبب،ٽي ٽي پي جا ڪارڪن يا همدرد پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ سليپر سيلز  جي صورت ۾ موجود هئا، پر قيادت سان رابطو نه ٿيڻ سبب اهي خاموش رهيا. افغانستان ۾ طالبان جي فتح کان پوءِ هو به افغانستان هليا ويا ۽ پنهنجي تنظيم سان ٻيهر سرگرم ٿيا.

(6) ڇھين ڳالھھ ،آمريڪين جي واپسيءَ کانپوءِ ٽي ٽي پي جا وسيلا به تمام گهڻو وڌي ويا ۽ آمريڪي،   جيڪي جديد هٿيار ڇڏي ويا سي به سندن هٿ  پئجي ويا، ڇاڪاڻ ته جن علائقن ۾ ٽي ٽي پي موجود هئي يا مزاحمت ڪري رهي هئي، ان جو مال غنيمت ٽي ٽي پي جي حصي ۾ اچي ويو.

افغانستان مان آمريڪي فوج جي واپسي ۽ اتي طالبان جي اسلامي امارت قائم ٿيڻ کانپوءِ ٽي ٽي پي جي معاملي ۾ تمام گهڻي تدبر ۽ ڏاهپ جي ضرورت هئي، پر عمران خان جي حڪومت ۾ تمام گهڻي تڪڙ  ڪئي وئي هئي، ڊي جي آءِ ايس آءِ جي سطح تي ٽي ٽي پي سان سڌي ريت ڳالهيون ٿيون جن ۾ ساڻن اھڙا واعدا ڪيا ويا جن کي پورو ڪرڻ ناممڪن هو. حڪومت جي تبديلي کانپوءِ به اهو الميو رهيو ته تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڳالهين جو معاملو ڪور ڪمانڊر پشاور جي هٿ ۾ رهيو ۽ پختونخواهه حڪومت جي حوالي رھيو ۽ وفاقي حڪومت ان حوالي سان تماشو ڏسندي رهي.

اڃا تائين حڪومتي شخصيتن جهڙوڪ وزيراعظم، پرڏيهي وزير ۽ مولانا فضل الرحمان ۽ صوبائي حڪومت جي ان معاملي ۾ دلچسپي نه هجڻ برابر آهي، جنهن جو تازو مثال بنون ۾ سي ٽي ڊي سينٽر جو آهي. اتي سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار ۽ ٻيا ڪيترائي قيدي يرغمال بڻيل هئا. مختصر اهو ته اسان جا حڪمران ۽ سياسي طبقا ان معاملي کي تمام بنھھ سطحي طرح سان  وٺي رهيا آهن، بلڪه امن امان جو معاملو سمجھي  فوج ۽ پوليس تي ڇڏي ڏنو آهي، پر منھنجي نظر ۾ اھو ھڪ ڳنڀير معاملو آھي جيڪو وڏي سياسي ۽ سفارتي ڪوششن ۽ مختلف حڪومتن ۽ ادارن  وچ ۾ هم آهنگي جو گھرجائو آھي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے