asma shirazi

تبديلي موٽي رهي آهي؟

عاصمه شيرازي ليکڪ

عاصمه شيرازي

ڇا اها گهڙي اچي رهي آهي جڏهن سياستدان هڪ ڀيرو ٻيهر اسٽيبلشمينٽ کي اين آر او ڏئي رهيا آهن؟ ڇا هڪ ڀيرو ٻيهر تبديلي اشارن تي آهي؟ ڇا گيم ڦري وري ان ئي دائري ۾ داخل ٿي وئي آهي جتي 70 سالن کان هر ڀيري ايندي آهي؟

هي اهي سوال آهن جن جي چوڌاري گهٽ ۾گهٽ چئن مهينن کان بحث مباحثي جو  سلسلو هلي رهيو آهي، ڇا تبديل ٿيو آهي ۽ ڇا بدلجي رهيو  آهي؟  سياسي قوتون هڪ قدم اڳتي وڌي رهيون آهن يا طاقتور حلقا ٻه قدم پوئتي هٽيا آهن؟ اچو ته هڪ نظر وجهون ته گذريل چئن سالن ۾ ڇا ٿيو.

تبديلي جي لاءِ جهڙي طرح هوائن جي رخ موڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.  تاثر جي هن دور ۾ ميڊيا جي هٿيار کي هڪ طرفومحاذ تي استعمال ڪيو ويو.  هڪ صفحي جي طاقت جو ڀرپور اظهار ۽ هائيبرڊ دور جي هڪ خاص زاويي کان بيانيئي  جي جنگ کي آزمايو ويو، پرڏيهي لاڳاپن، معاشي پاليسين ۽ گهرو محاذ تي هڪ جهڙي حڪمت عمليءَ ملڪ کي جنهن ڪيفيت  ۾ مبتلا ڪري وڌو، ان جو نتيجو هاڻي  واضح ٿي چڪو آهي.

هاڻي، ساڍن ٽن سالن کان پوءِ وري  تبديليءَ جي اڻٽر هئڻ جو خيال. سياسي قوتن جي ڪٽ جوڙ مطابق پنهنجي وقت کان گهڻو اڳ جو هو.پينگهي ۾ ٻارڙي جي مستقبل  جو حال  ٻڌائيندڙ  سياسي پنڊت  اڳڪٿي ڪندي سمجهي رهيا هئا ته غير فطري نظام فطري طور ڊهي سگهي ٿو.

اها ڊڪ ڊوڙ تڏهن ​​اڃا به وڌيڪ دلچسپ ٿي وئي جڏهن پي ڊي ايم جڙي راس ٿي ۽ پوءِ وري ڀڄي ڀور به ٿي وئي.جڙندڙ ۽ بگڙندڙ اتحادن ۽ نظرياتي طور تي ورهايل پارٽين کي فقط هڪ ڳالهه سمجهه آئي ته  ”يا هاڻي يا وري ڪڏهن به نه“.

اپوزيشن پارٽيون جيڪي ڪڏهوڪو ڪُلهن ۽سهارن جي ڳولا ۾هيون سي پهريون ڀيرو ڪُلهن ۽ سهارن کي هٽي وڃڻ جي صلاح ڏيڻ لڳيون ڳالهه ڪُلهن جي ڏانهن اشارن کان اڳيان نڪري خلائي مخلوق ۽ پوءِ وري  اسٽيبلشمينٽ جي لاءِ کليل لفظن ۾ ٿيڻ لڳي.

ناڪامي، ناڪامي جي صدائن ۾ تبديلي آڻيندڙن کي پنهنجو فڪر  ٿيو ته عوام جي ناراضگي ۽ ڪاوڙ جو نشانو ڪٿي هو نه  بڻجي وڃن، تنهنڪري پهرين  ’دُوري‘ ۽ پوءِ ’مصروفيت‘ جو فارمولو اختيار ڪيو ويو. وقت جي ڦيٿي ابتو  ڦرڻ  شروع ڪيو، لڳو ته اسٽيبلشمينٽ رستو صاف ڪيو  عدليه اکيون وڇايون، ميڊيا ”مثبت“ رويو ڏيکاريو پر بدقسمتي چئو يا خوش قسمتي ڪو به طريقو ڪم نه آيو.

آخرڪار  ڳالهه ادارن تائين اچي پهتي ۽گهر کي گهر جي  ئي ڏيئي مان ئي لڳل باهه کان بچائڻ جي لاءِ ٻين  اسٽيڪ هولڊرن لاءِ دروازا کوليا ويا. پهريون ڀيرو، طاقتور قوتون مستقبل ۾ اداري جي بهترين مفادن ۾ هڪ قدم پوئتي هٽندي نظر آيون.

سياسي طاقتن جي اها ڪاميابي ضرور  آهي ته جدا جدا  پليٽ فارمن تي هئڻ جي باوجود يڪسوئي سان ادارن جي غير سياسي ڪردار تي لڳاتار  زور ڏينديون  رهيون. اپوزيشن جي، حڪومت کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪامياب ٿئي يا نه ٿئي، پر مخالف ڌر عوام ۽ خواص کي ”غلطي“ جي نشاندهي ڪرائڻ ۾ ڪافي حد تائين ڪامياب ٿي آهي.

هن وقت به بي اعتماديءَ واري رٿ جي ڪاميابي ۽ ناڪامي ٻنهي صورتن ۾ مخالف ڌر کي هڪ معاشي ۽ سياسي ايجنڊا تي متحد ٿيڻو پوندو. سياسي پارٽين ماضي جي غلطين مان ڇا سکيو آهي، ان جي امتحان جو مرحلو ڪپتان کانپوءِ واري ماحول ۾ ئي ڏسڻ لاءِ ملندو.

آصف زرداريءَ هن حڪومت جي پنهنجي ئي بار هيٺ ڊهڻ واري اڳ ڪٿي تڏهن ڪري ڇڏي هئي جڏهن هو  احتساب عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهيو هو، حالت اها آهي ته حڪومتي بينچن تي باقي رهجي ويل به نون رستن جي ڳولا ۾ آهن.

نديم افضل چن جي پيپلز پارٽيءَ ۾ واپسي به نظرياتي سياست جي بهرحال فتح آهي. هوڏانهن  طاقتور حلقن جي ”وچٿري روئي‘ جو پيغام عام ٿيو، هيڏانهن  پکين پنهنجي آکيرن جي واٽ ورتي. دٻاءُ ۽ خوف کان نجات حاصل ڪندڙ هاڻي ساڍن ٽن سالن جو حساب چڪائڻ چاهين ٿا.  نئين چونڊن ۾ جوڙ توڙ  جا موقعا ڳولي رهيا آهن.

ترين گروپ ۾ عليم خان جو شامل ٿيڻ  حتمي ناهي، پنجاب هجي يا وفاقي حڪومت کي  بي اعتمادي جي نه پر اعتماد جي ووٽ جي ضرورت پيش اچي سگهي ٿي. پنجاب ۾ به بلوچستان جي فارمولي يعني پي ٽي آءِ اندران ئي تبديليءَ جو امڪان آهي.

پيپلز پارٽيءَ جو لانگ مارچ دٻاءُ وڌائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي ۽ شايد پي ڊي ايم جي لانگ مارچ جو موڙ نه ئي نه اچي. پر مسئلي ۾ ’خطرناڪ‘ بڻيل وزيراعظم هاڻي ردعمل ڪهڙو  ڏيندو؟ ڪهڙو ڪارڊ استعمال ڪندو؟ حالتون ان کان اڳيان جي اڳڪٿي نٿيون ڪري سگهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *