علي محمد ميمڻ
ملڪ تي ڪرڪيٽ جي اڳوڻي عالمي چيمپئن ۽ هاڻوڪير وزير اعظم عمران خان جي حڪمرانيءَ جو پهريون سال مڪمل ٿيو ۽ سندس سرڪار جو بنا ڪنهن رڪاوٽ جي پنهنجي اقتدار جو ٻيو سال پڻ ڌام ڌوم سان شروع ٿي چڪو آهي. تبديلي واري سرڪار جي ملڪ جي وفاق ۽ چئن مان ٽن صوبن تي حڪمراني ۽ ملڪ جي سمورن طاقت وارن مرڪزن جي غير مشروط حمايت حاصل هئڻ جي باوجود، ملڪ اڳتي وڌڻ بجاء لڳاتار پٺتي وڃي رهيو آهي. ملڪ اڃا تائين خوشين وارين خبرن ۽ خوشخبرين کان لڳاتار محروم۽ عوام هٿين خالي ۽ بدحال آهن. تنهن بابت سرڪار وٽ نه ڪو جواب آهي ۽ نه ئي ، حساب ڪتاب ڏيڻ لاءِ تيار آهن. پارليامينٽ جي ايوانن ۾عوام جي نمائندن ۽ اڳواڻن جي ڳالهائڻ ۽ سوال پڇڻ وارن کي ملڪ دشمن ۽ بدامني پکيڙڻ جي تهمتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ملڪ جا جيلَ، حڪومت مخالفن، سياسي اڳواڻن ۽ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي چونڊيل معزز نمائندن سان ڀرجي رهيا آهن. ملڪ ۽ عوام جي سمورن طبقن ۾ هاڻي هن ڳالهه تي اتفاق ٿي چڪو آهي ته، تبديليءَ واري سرڪار تي ويساهه ڪرڻ ۽ ڪا خير جي اميد رکڻ ”ٻٻرن کان ٻير گهرڻ“ برابر آهي. سرڪار جي مخالف ڌرين جون ڳالهيون ته کڻي نه به ٻڌجن پر سرڪار نامدار جا پنهنجا وزير، اڳواڻ ۽ اسيمبلي ميمبر پڻ ماڻهن کان منهن لڪائيندا وتن.جن جون پنهنجون وزارتون ۽ نوڪريون داءُ تي لڳل آهن. سرڪار نامدار، پنهنجي پراڻي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جو ختم نه ٿيندڙ انعام وصول ڪرڻ ۾ ڏينهن رات مصروف، ملڪ ۽ عوام جي اثاثن جي ڀيل ڪرڻ وارو سلسلو جاري آهي. آمريڪا جي صدر ٽرمپ سان هر ملاقات ۽ سمورا ڀاڪر، اسان جي ملڪ لاءِ نوان ورلڊ ڪپ ۽ ڪشميرين لاءِ وڄن ۽ واڄٽن ۾ تبديل ٿي رهيا آهن.ملڪ جي مست سرڪار، بابت ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته،ملڪ جي تاريخ ۽ آئين، قانون ۽ ضابطن جي پاڻ کي جوابدار ۽ پابند ئي نٿي سمجهي.حڪمران پنهنجي حڪومت کي نادر شاهه وانگر رڻ پٽ ۾ ڳاڙهي ڪنوار وانگر هٿ آيل تحفو سمجهي مزا ماڻي رهيا آهن. ٻئي پاسي، سنڌ جي سورمن جي اهڙي ڪردار تي دنيا حيران آهي ته جيڪي سنڌ جي حوالي سان هوشو، هيمو ۽ قومي سپاهي هئڻ جون ڳالهيون ڪندا هئا. تن کي ڪراچيء کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ واري ڏوهه سان سهمت هئڻ ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊيل ايوان جي هنگامي اجلاس ۾ ملڪي ۽ عالمي ميڊيا جي سامهون پڻ اهڙو اقرار ڪرڻ ۽ سنڌ کي ورهائيندڙن ۽ وڍيندڙن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ويهڻ وارو هنر ڪيئن آيو؟. تنهن تي سموري قوم اڃا حيران ۽ ڳڻتيءَ ۾ئي ورتل هئي ته وري ساڳيو لڪاءُ تازو قومي اسيمبلي جي هاڻوڪي اجلاس ۾ پڻ سامهون آيو آهي. جنهن ۾ ملڪ جي صوبن کي وڍڻ ۽ سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ وارن ڪاتن ۽ ڪهاڙن وارا ساڳيا بل، ساڳيون ڌريون کڻي اچي پهتيون آهن،جنهن ۾ سندن سهولت ڪار پڻ ساڳيا چنيسر ئي نظر آيا آهن. يعني پنهنجي وڍئي جو ويڄ نه طبيب ! جي ڳالهه ڪجي رڳو سنڌ صوبي جي ته به هتي سنڌ جي وحدت ۽ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ واري معاملي تي گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ سمورين ڌرين جي ڪردار ۽ عمل جا اڇا ۽ ڪارا پڌرا ٿي ويا. جنهن ۾ لڄ واري ڳالهه اها ته، سنڌ جي ورهاڱي واري معاملي خلاف اٿي بيهڻ بجاء سنڌ جي چونڊيل مانائتي ايوان ۽ قومي راڄ ۾ ڪنڌ جهڪائي ويهي رهيا. واهه چنيسر واهه، ملڪ جي اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي باندي سربراهه آصف علي زرداري جو جمهوريت جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان جاري ڪيل بيان ۾ اهو چوڻ غور طلب ۽ ڳمبيرتا وارو آهي ته، ملڪ ۾ اڄ جمهوريت يرغمال ۽ پارليامينٽ بي اختيار آهي، بااختيار پارليامينٽ ئي جمهوريت جو حقيقي چهرو آهي. رڳو جمهوريت ملڪي سلامتي جي ضمانت آهي ۽ طاقت جو سرچشمو صرف عوام آهي. يقينن، ملڪ جي اعلي عهدن تي رهڻ ۽ ملڪ جي هڪ وڏي جمهوري جماعت جي صدر جي حيثيت ۾ اوهان کي بنا ڪنهن فيصلي جي قيد خانن ۾ ڀوڳنائون ڀوڳيندي ڏسي، ملڪ جي سمورن جمهوريت پسندن ۽ انسان دوست ساڃهه وندن سميت اوهان سان همدردي ڪرڻ کانسواء رهي نٿو سگهجي.اسين اهو سمجهڻ تي مجبور آهيون ته ذوالفقار علي ڀٽو، محترما بينظير ڀٽو وانگر اوهان پڻ ساڳي تحريڪي جماعت جا هڪ سنڌي اڳواڻ ئي آهيو. جنهن سبب اوهان اڃا گهڻيون تڪليفون سهڻ تي مجبور آهيو. پر پنهنجي همت ۽ حوصلي ۽ اميدن جا ڏيئا روشن رکڻ لاءِ اوهان کي جس هجي. ملڪ جي سياست ، اقتدار ۽ اختيارن واري دنيا ۾ هن ڀيري دلچسپ ڳالهه اها پيدا ٿي آهي ته، ملڪ جي ٻن وڏين جماعتن مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي قيادت ۽ اسيمبلي ميمبرن سان جيلَ ڀرجڻ باوجود پهريون ڀيرو حڪومت جي من جون مرادون پوريون نه ٿي رهيون آهن ۽ هن وقت تائين ڪنهن به جماعت ۾ ڪو فارورڊ بلاڪ ٺاهڻ يا اسيمبلي ميمبرن جي تعداد يا گروپ ڌار ڪرڻ ۾ لڳاتار ناڪامي ٿي آهي. اهڙي صورتحال ۾ هر قسم جا ظلم، دٻا$، ڪيسن ۾ پيشيون ۽ قيد خانن ۽ جيلن ۾ تڪليفون ڏسڻ باوجود جيڪڏهن انهن جماعتن جي اسيمبلي ميمبرن پنهنجي ضمير تي بيهڻ ۽ ڏکيو سکيو ٿورڙو وقت گذاري وٺجي، نيٺ ته صبح ٿيندو واري اميد تي قائم رهڻ جي عمل سان ماڻهن ۾ پنهنجي اڳواڻن تي ويساهه رکيو آهي ۽ نااميدي واري صورتحال ۾ اميد پيدا ٿي آهي. جڏهن ته ملڪ ۾ تبديلي تي ويساهه ۽ ٿيندڙ ويساهه گهاتين جي حوالي سان بلوچ قوم پرست اڳواڻ اختر مينگل جي ڪوئيٽا ۾ ڪيل تازي پريس ڪانفرنس ۾ سندس چوڻ هو ته هتي حڪومتون ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ سياستدانن جي وس ۾ ناهي. بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير اختر مينگل جو وڌيڪ اهو پڻ چوڻ هو ته ملڪ ۾ تبديلي آڻڻ جا خواهشمند تبديلي لاءِ ڪنهن کان به نه پڇندا ..!!.؟