ابراھيم ڪنڀر
سموري ملڪ ۾ وزيراعظم خلاف بي اعتمادي جو گوڙ آھي، مخالف ڌر جون حڪومتي اتحادين سان غير معمولي قسم جون ملاقاتون ڏسندي حڪومتي ڌر کي لڳي رھيو آھي تہ عمران خان جي اقتداري ٻيڙي لوڏن ۾ آھي انھي جي ڪري ئي تہ ايم ڪيو ايم جي وفد کي لاھور ياترا ڪري اپوزيشن ليڊر شھباز شريف سان ملاقات ڪرڻي پئجي وئي، اسٽبلشمنٽ جي حوالي سان اھو باور ڪرايو پيو وڃي تہ ھو اڻ ڌري ٿي چڪي آھي پر ايم ڪيو ايم جڏھن لاھور جا چڪر ڏي ٿي ق ليگ جڏھن ڪافي ٿڌي نظر اچي ٿي، فنڪشنل ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسي ٿي، باپ پارٽي جا ميمبر حڪومت کي اکيون ڏيکارين ٿا تہ پوءِ وري ٻيا شڪ پون ٿا.
حڪومت عددي اعتبار کان قومي اسيمبلي توڙي پنجاب اسيمبلي ۾ اڪثريت ۾ آھي پر حڪومت عددن کان وڌيڪ انھن ادن تي اعتبار ڪندي آھي جيڪي حڪومت ۾ کيس وٺي آيا يا وري کيس ھيستائين بي اعتمادي رٿ واري امتحان کان آجو ڪندا آيا آھن،حڪومت کي سھوليتڪاري ڏيندڙ مقتدر حلقن ھيستائين تہ خانصاحب کي خاطري ڪرائي تہ ڪنھن ۾ جرئت ناھي تہ ھو بي اعتمادي رٿ آڻي اوھان کي ھٽائي سگھي، جيڪڏھن اپوزيشن اھڙي ھمت ڪري بہ وڌي تہ انھي رٿ جو حشر اھڙو ٿيندو جيڪو صادق سنجراڻي خلاف سينيٽ ۾ آيل بي اعتمادي رٿ جو ٿيو.
مخالف ڌر کي بہ پڪ ھئي تہ پارليامينٽ اندر ڪا بہ ڪوشش ڪامياب نہ ٿي سگھي انھي جي ڪري نواز شريف، مريم نواز ۽ مولانا فضل الرحمان کان وٺي گهڻا سياستدان اھو چوندا رھيا تہ اسٽبلشمينٽ جي مرضي کان سواءِ بي اعتمادي رٿ آڻڻ ممڪن ئي ناھي، ھتي ھڪ سوال اڌورو ٿا ڇڏيون جيڪڏھن مقتدر حلقن جي آشيرواد کان سواءِ بي اعتمادي رٿ نٿي اچي سگھي تہ پوءِ ھا اپوزيشن جو انھي تي اتفاق ڪئين ٿيو آھي؟ ھاڻ سوا سال پراڻي فارمولا تي سموري اپوزيشن گڏ ڪئين ٿي آھي، ھاڻ مريم نواز ڪئين ٿي چوي تہ صورتحال ئي اھڙي ٿي چڪي آھي جو بي اعتمادي رٿ ضروري ٿي پئي آھي ھاڻ مولانا فضل الرحمان صاحب ڪئين ٿو چوي تہ اسان کي ڪو اشارو ناھي، يا ويندي باپ پارٽي وارا بہ چئي رھيا آھن تہ کين ملندڙ اشارا بند ٿي ويا آھن.
18 فيبروري کان قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿي رھيو آھي، بي اعتمادي رٿ وارو معاملو اڃان لٽڪيل آھي، لٽڪيل مان مراد تہ اڃان ڪا بہ شي واضع ناھي، بي اعتمادي رٿ ڪٿي اچڻي آھي، قومي اسيمبلي ۾ اچڻي آھي تہ پھرين ڪنھن جي خلاف اچڻي آھي؟ وزيراعظم جي خلاف يا اسپيڪر جي خلاف؟ قومي اسيمبلي کان اڳ پنھنجي اڪثريت ظاھر ڪرڻ جي لاءِ ڇا پنجاب اسيمبلي ۾ انھي جو ڊيمو ڏنو ويندو؟ يا مٿيون ايوان سينيٽ آف پاڪستان جتي مخالف ڌر کي اڪثريت آھي اتي صادق سنجراڻي کان شروعات ٿيندي؟ اھي سمورا معاملا في الحال ڳجھا رکيا ويا آھن، سمورا پتا مخالف ڌر جي اعلي قيادت پنھنجي سيني سان لڳائي رکيا آھن انھي جي ڪري سيڪنڊ قيادت جي بہ اھم اڳواڻن کي خبر ناھي تہ سياسي ديڳ ۾ ڇا پچي رھيو آھي.
ھيستائين رڳو ٻہ شيون واضع ٿيون آھن، ھڪڙي اھا تہ ٻاھر ھل ھنگامو، شور شرابو، جلسو ريليون ڪڍڻ کان اڳ ايوان اندر آئيني آپشن کي استعمال ڪجي ٻي شي اھا واضع آھي تہ جيڪا اسان اڳ ۾ لکي آھي تہ اپوزيشن کي پڪ ٿي چڪي آھي تہ عمران خان کي آڱر پڪڙي ھلائيندڙ ھاڻ ٿڪجي سائيڊ وٺي ويھي رھيا آھن، ھتي انھي شي جو ذڪر ڪرڻ بہ ضروري آھي تہ نواز شريف کي ھٽائڻ جي لاءِ عمران خان جي ذريعي جيڪو ڌرڻو ھڻي پارليامينٽ سميت ٻين ادارن جي بي توقيري ڪرائي وئي ھئي انھي آپشن تي غور في الوقت ملتوي ڪيو ويو آھي، جيڪڏھن ائين ٿيو تہ اھو عوامي سمنڊ ھوندو جيڪو حڪومت جي خلاف نہ ھوندو اھو حڪومت آڻيندڙن جي خلاف بہ ھوندو، عين ممڪن آھي تہ انھي تحريڪ يا جلسن ڌرڻن کان بچڻ جي لاءِ مقتدر حلقا ھڪ پاسي ٿي ويا آھن ۽ سياسي ڌرين کي چيو ويو آھي تہ اوھان جيڪي ڪري سگھو ٿا اھو ڪريو اسان وچ ۾ نہ اينداسين. پاڻ پھرين ڳالھ ڪئين ايوانن ۾ عددي اڪثريت جي،مخالف ڌر جيڪي سرگرميون ڪري رھي آھي انھي مان ظاھر آھي تہ ٿوري گهڻي محنت کان پوءِ ھاڻوڪي اڪثريت اقليت ۾ تبديل ٿي ويندي اقليت اڪثريت تي غالب اچي ويندي،انگ اکرن وارو ٿلھو حساب ھتي ئي ڪري ٿا وٺون،پنجاب اسيمبلي 371 ميمبرن تي ٻڌل آھي، جنھن ۾ حڪومت ۽ سندس اتحادين وٽ 195 ميمبر آھن، اپوزيشن جن ۾ نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي کي ملائي 172 ميمبر آھن، پنجاب ۾ بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي جي لاءِ اپوزيشن کي رڳو 14 وڌيڪ ميمبر گهربل آھن، پنجاب جي وڏ وزارت جي لاءِ سادي اڪثريت 186 ميمبرن جي ٿئي ٿي، بي اعتمادي رٿ جي لاءِ جيڪڏھن اپوزيشن 186 ميمبر ھڪ ٻہ وڌيڪ ئي سھي کڻي وئي تہ بوزدار صاحب وري گهر سنڀاليندو،اھي 14 يا سورنھن ميمبر ڪٿان ايندا؟ انھي جي خاطري ڪنھن ڪرائي آھي اھو سوال پنجاب اسيمبلي يا قومي اسميبلي جي لاءِ بہ ساڳيو آھي،ھتي پاڻ جھانگير ترين جي خاموشي کي معني خير خاموشي وٺون ٿا،ڇاڪاڻ جو ويجھي ماضي ۾ جھانگير ترين جو آخري بيان اھو آيو ھو تہ ھو تحريڪ انصاف ۽ عمران خان سان گڏ آھي پر ھاڻوڪي سرگرمين ۾ اھڙو ڪو بيان سامھون نہ آيو آھي،جيستائين قومي اسيمبلي جو سوال آھي تہ 342 ميمبرن جي ايوان مان حڪومت وٽ ڇڪي تاڻي 180 ميمبر آھن، وزيراعظم ٿيڻ يا بي اعتمادي رٿ ڪامياب ڪرڻ جي لاءِ 171 ووٽ گهربل ھوندا آھن ايوان ۾ اپوزيشن وٽ 162 ووٽ آھن، بي اعتمادي رٿ جي لاءِ اپوزيشن کي رڳو 10 واڌو ووٽ گهربل آھن، ھتي بہ ايم ڪيو ايم، ق ليگ، باپ جيڪڏھن عمران سان وفاداري نڀائي بہ وڃن تہ تحريڪ انصاف ۾ ويٺل ۽ نواز ليگ ڏانھن نھاريندڙ ڏھاڪو ميمبر ڪمال ڪري سگھن ٿا، جھانگير ترين گروپ سرپرائز ڏئي سگھي ٿو،سينيٽ ۾ دلاور خان جي نام نھاد گروپ کي ڪڍي ڇڏجي پوءِ بہ اپوزيشن وث اڪثريت آھي، ھڪ ئي ڏينھن ۾ صادق سنجراڻي کي گهر ڀيڙو ڪري سگھجي ٿو،اپوزيشن جنھن کي جزيات طئي ڪرڻ چئي رھي آھي انھي ۾ اھو پاسو بہ ڏسي رھي آھي تہ عمران خان جي خلاف جيڪڏھن بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿي تہ ڇھ مھينا تہ کيس ملي ويندا ڇاڪاڻ جو آئيني طور ڇھن مھينن اندر سندس خلاف ڪا بي اعتمادي رٿ نٿي آڻي سگھجي انھن ڇھن مھينن ۾ حڪومت اپوزيشن سان ڪھڙو حشر ڪري سگھي ٿي؟ ڪنھن کي ڪنھن جيل ۾ نٿي وجهي سگھي؟ انھي کان سواءِ بي اعتمادي رٿ ۾ ق ليگ ۽ ايم ڪيو ايم کي راضي ڪرڻ جا بہ مسئلا آھن، ٻنھي جا مفاد الڳ الڳ پارٽين سان جڙيل آھي، پنجاب ۾ نواز ليگ ۽ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي اڪثريت آھي، شفاف اليڪشن ٿئي تہ ٻئي پارٽيون ٻنھي صوبن ۾ اڪثريتي پارٽيون اينديون، انھن کي مستقبل جي لاءِ ڪافي ڪجھ گهرجي، شايد ٻئي پارٽيون يعني ق ليگ ۽ ايم ڪيو ايم ٻنھي وڏين پارٽين کي گارنٽيئر بنائڻ جي ڪوشش ۾ آھن، اپوزيشن جي آڏو اھا بہ رڪاوٽ آھي تہ قومي اسيمبلي ۾ جيڪڏھن اسپيڪر جي موجودگي ۾ عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ آئي تہ ھڪ ٻن ووٽن تان ھو سمورو کيل بگاڙي سگھي ٿو، ھن تي الزام آھي تہ ھن بلن جي منظوري ۾ اھڙو ڪم اڳ ۾ بہ ڪيو آھي، اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر ايوان جا نگھبان ٿيڻ بدران عمران خان ۽ سندس پارٽي جا نگھبان ٿيا آھن، عين ممڪن آھي تہ پھرين اسپيڪر جي ڪرسي خالي ڪرائي وڃي، اسپيڪر کي ھٽائڻ کانپوءِ عمران خان وٽ وزيراعظم رھڻ جو اخلاقي جواز بہ نہ رھندو،البتہ اھا مشق ڊگھي ھجڻ جي ڪري اپوزيشن ٿي سگھي ٿو تہ اھو نہ بہ سوچيندي ھجي.
بي اعتمادي جي رٿ جي لاءِ اپوزيشن جي سرگرمين وزيراعظم ۽ سندس ٽيم کي مونجھائي وڌو آھي، اڃان ڪالھ جي ڳالھ آھي وزيراعظم پنھنجي اتحادين سان ملاقات ڪرڻ پسند نہ ڪندو ھو اڄ سندس اولاد جي ھڪڙي معمولي خاطري تي منجھس ساھ پئجي رھيو آھي ٻيو وزيراعظم کي اھا تہ خبر آھي تہ تحريڪ انصاف جي اليڪشن ۾ سوڀ ڪئين ٿي آھي، کيس حڪومت ڪئين ملي آھي اھا حڪومت ڪئين ھلندي رھي آھي، وزيراعظم کي انھي حڪومت ۾ رھندي عوام تي اعتبار ۽ اعتماد جا سوين موقعا مليا جيڪي ھن وڃائي ڇڏيا انھي جي ڪري ھن وقت سندس منھن جو پنو لٿل آھي، ھن جي اقتداري ٻيڙي جا اڪثر سوار ھتان ھتان جا آھن اھي وري بہ ڪنھن نہ ڪنھن پوزيشن تي ئي ھوندا، اصل ۾ خطرو انھن کي آھي جيڪي خانصاحب جي ويجھو آھن.بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان ايندڙ ھفتي ئي شايد ڪا تاريخ سامھون اچي بہ وڃي، پر انھي کان اڳ بہ مخالف ڌر کي گهڻا مامرا نبيرڻا آھن، انھي جي لاءِ مولانا صاحب چئي رھيو آھي تہ جزيات طئي ڪري رھيا آھيون، جز اھي آھن تہ جيڪڏھن رٿ ڪامياب ٿي وئي تہ پوءِ ڇا ٿيندو؟ پوءِ وزيراعظم ڪير ٿيندو؟ حڪومت پيپلز پارٽي کي ڏيڻي آھي؟ نواز ليگ کي ڏيڻي آھي، پي ڊي ايم مان ڪو ٻيو ماڻھو وزيراعظم ٿيندو؟ اھا حڪومت ڪيترن ڏينھن جي ھوندي؟ ڇاڪاڻ جو نواز ليگ جو مطالبو آھي تہ فوري اليڪشن ڪرائي وڃي، پيپلز پارٽي جو خيال آھي تہ فوري اليڪشن بدران پارليامينٽ جو مدو پورو ڪيو وڃي،اھو انتھائي اھم سوال آھي، جيڪڏھن ڪجھ عرصي جي لاءِ نئين حڪومت اچي ٿي تہ انھي ۾ اپوزيشن ليڊر ڪير ھوندو؟ لازمي آھي تحريڪ انصاف جو سربراھ عمران خان ئي اپوزيشن ليڊر ٿيڻ پسند ڪندو، آئيني اعتبار کان اپوزيشن ليڊر کي جيڪي ڪم ڪرڻا آھن اھي ھو پوءِ ايندڙ وزيراعظم سان گڏ ويھي ڪندو يا نہ ڪندو ؟ نگران حڪومت جي جوڙجڪ ۾ قائد ايوان ۽ مخالف ڌر جي قائد جو آئيني ڪردار آھي، ٻي صورت ۾ ڪميٽي کي ڪم ڪرڻو آھي اھي سمورا مونجھارا آھن جيڪي ايندڙ ڏينھن ۾ حل ٿيڻا آھن،پر ھيستائين وزيراعظم ھائوس، راولپنڊي، اسلام آباد کان لاھور تائين ٿيندڙ اجلاسن ۾ طئي ٿي چڪو آھي تہ عمران خان حڪومت ڪري دنگ ڪئي، اقتدار سندس مٺ ۾ پيل واري ھو جيڪا واري وھي چڪي آھي