ابراھيم ڪنڀر

بي اعتمادي رٿ جي ناڪامي جو آپشن موجود آهي

ابراھيم ڪنڀر اوهانجو موقف ليکڪ

ابراھيم ڪنڀر

ملڪي سياست ۾ ھر طرف ھلچل متل آھي، پيپلز پارٽي جي ڪراچي کان نڪتل لانگ مارچ پنجاب جي حدن اندر داخل ٿي چڪو آھي جيڪو آھستي آھستي اسلام آباد ڏانھن اچي رھيو آھي،تحريڪ انصاف پنھنجي حامين، ساٿين، ڪارڪنن ۽ ھمدردن سميت گھوٽڪي کان ڪراچي تائين احتجاجي مارچ ڪري رھي آھي،تازو ترقي پسند پارٽي ڌوم ڌام سان ھر سال جيان يوم مادر وطن ملھايو ويو، قومي عوامي تحريڪ جا جلسا جاري آھن، عوامي تحريڪ سميت ٻين تنظيمن جا مختلف معاملن تي احتجاج ھلندڙ آھن، ملڪ اندر عمومي طور ۽ سنڌ اندر خصوصي طور احتجاجي ھل ھنگامو برپا آھي،وفاق ۽ سنڌ سرڪار جا حڪمران ھڪٻئي جي آمھون سامھون آھن، سنڌ ۾ سياسي تحرڪ، عوامي نوعيت جي ھلچل ھلي رھي آھي ٻي پاسي لاھور وري ڊرائنگ روم سياست جو مرڪز بڻيل آھي، چوڌري شجاعت حسين ۽ سندس پنج ميمبرن واري پارٽي وڏي اھميت ڪري چڪي آھي، پاڻ اڳ ۾ بہ انھي جو ذڪر ڪري چڪا آھيون تہ ھڪڙيون ملاقاتون بظاھر ٿي رھيون آھن،ٻيا اھم معاملا لنڊن ۾ طئي ٿي رھيا آھن..
پاڪستاني سياست اٿل پٿل، ھڪ قدم اڳتي ٻہ قدم پوئتي،بيوفاقي، بي اصولي،دوکيبازي جو سنگم آھي، ڪنھن کي ڪٿي ۽ ڪنھن مھل ڪجھ ھڙ حاصل ٿئي ٿو؟ ڪير ڪٿي پنھنجي سياسي ساک، ويساھ يا ڪرسي وڃائي ٿو ويھي، ڪير ڪنھن مھل اقتدار ۾ اچي ٿو، ڪير نڪري ٿو، نھي جي ڪا بہ خبر نٿي پوي، مطلب تہ پاڪستاني سياست ۾ ڪجھ بہ حرف آخر ڪا ناھي، بي اصولي، دوکيبازي، ويساھ گھاتي، ڌانڌلي، فراڊ کي ھتان جي سياست ۾ ڪٿي بہ فل اسٽاپ ناھي.جھڙي ريت ھر شي يا عمل جا ٻہ پاسا يعني مثبت ۽ منفي ھوندا آھن ائين ھن وقت جيڪو تحرڪ يا سياسي سرگرميون نظر اچي رھيون آھن اھي ڪٿي دنگ ڪن ٿيون، انھن مان ڇا ھڙ حاصل ٿيندو، انھي تي آخري راءِ نٿي ڏئي سگھجي ڇو جو سموري راند ڪنھن مھل بہ پاسو بدلائي سگھي ٿي.
روڊن تي ٿيندڙ اپوزيشن جي مارچ يا لاھور جي سياسي سرگرمين جو مرڪز يا محور وزيراعظم عمران خان کي آئيني انداز سان حڪومت مان ڪڍي گهر ڀيڙو ڪرڻ آھي، پر اھو لازمي ناھي تہ سياسي ڌريون جيڪو چاھين اھو بلڪل ائين ئي ٿئي،يا تجزئي نگار جيڪو تجزيو پيش ڪندا ھجن اھي سڀ درست ثابت ٿين، پاڪستاني سياست پاڪستاني چونڊ نتيجن جو عڪاس ئي آھي، جئين چونڊن جا نتيجا ايندي ايندي ھڪدم رڪجي ويندا آھن، آر ٽي ايس سسٽم ويھي رھندو آھي، وري ڊگھي وقفي کانپوءِ اليڪشني نتيجا اڳ آيل نتيجن جي ابتڙ اچڻ شروع ٿيندا آھن.ڪڏھن ڪڏھن سياست ۾ اھڙا موڙ ايندا آھن جو سوچجي ھڪ ڳالھ ٿي نتيجو ٻيو اچي ٿو.
تازو حڪومت جيڪو رليف پيڪيج ڏنو آھي اھو دير آيد درست آيد جي مثل آھي، پر ديوار جي ٻي پاسي ڏسندڙ وزيراعظم کي اھي سمورا اعلان اپوزيشن جي سرگرمين کان اڳ شروع ڪرڻ گهرجن ھا، چوڌري شجاعت جي عيادت تي ٺٺوليون ڪندڙ وزيراعظم پاڻ انھي وٽ ھلي ويو آھي، حڪومت جي ھر وزير صلاحڪار کي خبر پئجي چڪي آھي تہ ھاڻ راند آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آھي،پاڻ تہ مرڪزي گادي جي شھر ۾ ويھي جيڪو لڪاءُ ڏسندا آھيون،يا وري جيڪو ڪجھ خابرو حلقن کان ٻڌندا آھيون يا جيڪي ھلڪا ڦلڪا پنھنجا ذريعا آھن انھن وٽان جيڪا معلومات ملندي آھي انھي کي اکرن جو روپ ڏئي پڙھندڙن جي آڏو پيش ڪري ڇڏيندا آھيون پر ملڪي نظام، حڪومت کان ويندي سياست بصر جي کل جيان آھن ھڪ کل لاھيو تہ ٻي پوءِ ٽي چوٿين ائين کل تي کل چڙھيل آھي.
جنھن سياست ۾ غير سياسي قوتن جو ھٿ پاڙ يعني گراس روٽس سطح تائين پيل ھجي اتي ڪنھن بہ وقت ڪنھن بہ قسم جي ڊرامائي تبديلي جو امڪان موجود ھوندو آھي،ملڪي تاريخ انھي سان ڀري پئي آھي،ڪٿان شروع ڪجي؟ پرويز مشرف جي نگراني ۾ ڪرايل چونڊن ۾ ق ليگ کي حڪومت جوڙڻ جيتري اڪثريت حاصل نہ ھئي، پرويز مشرف مخدوم امين فھيم سان انھي شرط تي مليو تہ بينظير ڀٽو کان الڳ ٿي اچي حڪومت ڪر، معاملا ھلندا رھيا،تان جو اوچتو پيپلز پارٽي مان ھڪ گروپ پيٽرياٽ جي نالي نڪتو مشرف پنھنجي جوڙيل ق ليگ جي حڪومت ٺاھڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، اڃان ڪالھ ڪالھوڻي ڳالھ آھي،قومي اسيمبلي ۾ 180 سيٽون رکندڙ تحريڪ انصاف ۽ اتحادي ھيڏي اڪثريت جي باوجود عبدالحفيظ شيخ کي سينيٽر چونڊرائي نہ سگھيا، يوسف رضا گيلاني کيس شڪست ڏئي ڇڏي،صادق ۽ امين قرار ڏنل وزيراعظم کي خبر آھي تہ سندس پارٽي مان ڪنھن يوسف رضا گيلاني کي ووٽ ڪيو آھي، انھن جي خلاف جيڪڏھن ڪارروائي ٿئي ٿي تہ عمران خان حڪومت ھڪ ڏينھن نہ ھلي سگھندي،اپوزيشن جي سينيٽ ۾ اڪثريت ھئي، صادق سنجراڻي جي خلاف اڪثريت رکندڙ مخالف ڌر بي اعتمادي رٿ آندي وئي اڪثريت ھجڻ جي باوجود نظر نہ ايندڙ ھٿ صادق سنجراڻي کي بچائي ويو،آخري مثال سينيٽ ۾ اڪثريت جي باوجود يوسف رضا گيلاني جي سينيٽ چئرمين طور شڪست ھئي.
ھاڻ اڄ جي صورتحال تي ٿا ڳالھايون، وزيراعظم عمران خان پوڻن چئن سالن اندر عوام جي مفاد بدران جن جا بہ مفاد پورا ڪيا، سندس حڪومت جون غريب ڪش پاليسيون عوام مٿان ڏمر ٿي ظاھر ٿيون، سياسي پارٽين ڪنھن نہ ڪنھن طور طريقي سان عمران خان کي ڍر ڏني، سندس سھوليتڪار بڻيون انھي جي باوجود سندس ڪارگذاري بھتر نہ ٿي ۽ ھاڻ مخالف ڌر انھي تي اتفاق ڪيو آھي تہ وزيراعظم جي خلاف مارچ بہ ٿيندا تہ سندس خلاف بي اعتمادي رٿ آندي ويندي، ھن وقت سموري ملڪ اندر اھا ڳالھ ھُلي وئي آھي تہ عمران خان ويو، حڪومت بس اجھو وئي، خان جا ڏينھن پورا ٿي ويا، بظاھر سموريون سياسي سرگرميون انھي جي لاءِ آھن پر انھي جو منفي پاسو اھو آھي تہ ممڪن آھي اھو سڀ ڪجھ نہ ٿئي، عين ممڪن آھي تہ سياسي دولابيون ٻہ چاپڙايون ، سياسي منافقيون رنگ لائين ۽ عمران خان انھي ڌڪ مان چڙھي وڃي، بي اعتمادي رٿ اچي نہ سگھي يا اچي تہ ناڪام ٿي وڃي،پاڻ سياست کي انھي پاسي کي امڪان کان ٻاھر نٿا ڪري سگھون ڇاڪاڻ جو ائين ٿيندو رھيو آھي، سياسي محنت ھميشہ زيان ٿيندي رھي آھي.عمران خان جي اقتدار ۾ اچڻ شرط اسان ھنن صفحن تي اھو ئي لکيو ھو تہ سندس سياست، حڪمراني يا ڪرسي جي حاصلات تي ڪنھن کي ڪو بہ اعتراض نہ ھجي ھا جيڪڏھن ھو سگھارين قوتن بدران عوام تي اعتماد ڪري ھا، ھو امپائر جي آڱر بدران ووٽ تي يقين ڪري ھا، ھو پنھنجي پروگرام، پنھنجي منشور تي يقين ڪري عوام کي انھي تي قائل ڪري ھا تہ کيس سليڪٽڊ ھجڻ جا طعنا بہ نہ ملن ھا نہ وري پوڻن چئن سالن ۾ سندس پلئہ اھي ناڪاميون پون ھا نہ وري ملڪ جي معيشت کان وٺي اندروني توڙي پرڏيھي مقام تي ھي بي توقيري بہ نہ ٿئي ھا.
وزيراعظم کي ھٽائڻ جي لاءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس سڏائڻ جي لاءَ رڪيوزيشن جمع ٿيڻ واري آھي، اپوزيشن ميمبرن جو گهربل انگ حاصل ڪرڻ جي دعوا بہ ڪري رھي آھي،سموريون تياريون ھجڻ جي باوجود ھڪڙي نڪتي ۾ سموري ڳالھ اٽڪي سگھي ٿي، عوام تہ سياستدانن تي اعتبار ڪرڻ جي لاءِ تيار آھي پر سوال اھو آھي تہ سياستدانن جو ھڪ ٻئي تي اعتبار ڪيترو آھي؟ نواز ليگ ق ليگ کان ووٽ وٺي ٿي پر ق ليگ جي قيادت تي نواز ليگ ڪھڙي منجھ حساب اعتبار ڪري ڇاڪاڻ جو نواز ليگ جي تڏا ويڙھ ڪرڻ جي خواھش رکي ق ليگ اقتدار جا وڏا مزا ماڻيا، جنرل پرويز مشرف جي ٻانھن تي پنجاب تي حڪمراني ڪئي آھي، .آصف علي زرداري وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ جي لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪري رھيو آھي پر نواز ليگ کي مري معاھدو نہ وسريو آھي، جيڪي سياسي واعدا وفا نہ ٿي سگھيا انھن جو ڇا ٿيندو؟سينيٽ چونڊن ۾ ميان رضا رباني بدران صادق سنجراڻي جي حمايت وارو عمل ڪير ٿو وساري سگھي ؟ آصف علي زرداري پي ڊي ايم مان ٻاھر نڪري اپوزيشن جي تحريڪ کي ڇيھون ڇيھون ڪري ڇڏيو، ھاڻ بہ اھي شڪ شبھا موجود آھن تہ آصف علي زرداري 23 مارچ واري اپوزيشن جي اعلاڻيل لانگ مارچ کي ڪائونٽر ڪرڻ جي لاءِ بي اعتمادي جي رٿ واري حڪمت جوڙي آھي، ڪنھن پراڻي جيالي تہ اھو بہ چيو تہ آصف علي زرداري سموري پي ڊي ايم کي پنھنجي مارچ واري آخري جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ جو چوندو، عين ممڪن آھي تہ ڊيل جي مند ۾ پيپلز پارٽي کي ڪو ٽاسڪ ئي الڳ مليو ھجي، پيپلز پارٽي جي ھونئن بہ 2023ع جي چونڊن تي نظر آھي، کين اميد آھي يا ڏياري وئي آھي تہ انھن چونڊن ۾ اوھان اقتدار ماڻي سگھو ٿا. اسان جڏھن چئون ٿا تہ بي اعتمادي رٿ يا وزيراعظم کي ھٽائڻ جون ڪوششون ناڪام ٿيڻ جو امڪان بہ موجود آھي تہ انھي جو مطلب اھو ئي آھي تہ سياست ۾ ڪنھن مھل بہ پاسو بدلجي سگھي ٿو ملڪي معاشي صورتحال خراب آھي، حڪومت جي چاھڻ وارا ھاڻ حڪومت کي اکين جو ڪنڊو بڻجي پيا آھن.
بي اعتمادي رٿ کان اڳ ۽ رٿ کانپوءِ ٻہ الڳ الڳ سياسي منظرناما نظر اچي رھيا آھن، مسلم ليگ نواز جو موقف آھي تہ بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي جي صورت ۾ ضروري قانونسازي ڪري فوري عام چونڊن جو اعلان ڪيو وڃي، جڏھن تہ پيپلز پارٽي بظاھر چئي رھي آھي تہ چونڊن جو اعلان ڪيو وڃي پر کين وري ڏيڍ سال جو موقعو ملي وڃي ٿو تہ اھو سندن فائدي ۾ آھي نقصان ۾ ناھي،،ميان نواز شريف پرويز الااھي جي پنجاب ۾ وڏ وزارت تي راضي نہ آھي، چوڌري شجاعت حسين بہ اھا ڳالھ ڪري رھيو آھي،سڀ صوبائي حڪومتون جيڪڏھن ھڪ صفحي تي پھچي وڃن پر خيبرپختونخواھ ۾ تہ وري بہ تحريڪ انصاف جي حڪومت ھوندي انھي کي ڪھڙي خاني ۾ رکيو ويندو.
انھي کانپوءِ اھم ڳالھ انھن قوتن جي آھي جيڪي ھڪ پارٽي کانپوءِ ٻي پارٽي جي مٿي تي ھٿ رکنديون آھن، سگھارين قوتن جن جي غير جابنداري بہ ھڪ قسم جي جانبداري ھوندي آھي اھي انھن سياسي قوتن کي سگھارو، آزاد ڇو ڏسڻ چاھينديون جيڪي پارليامينٽ، جمھوريت، آئين يا قانون جي حڪمراني سان گڏ اھا ڳالھ ڪن تہ سمورن ادارن کي آئين جي ڏنل دائري ۾ ڪم ڪرڻ گهرجي، اھي مقتدر حلقا ڇو چاھيندا تہ عوام بااختيار ھجي، عوام کي سموريون سھوليتون ملنديون رھن، عوام جي لاءِ بجلي سستي ھجي، عوام جي روڊ رستا ٺھيل ھجن، عوام سکيو ھوندو تہ پوءِ رياستي ادارن جا خرچ گھٽائڻا پوندا آھن انھي جي ڪري، سياسي بي اعتمادي، سياسي دوکيبازي، سگھارين قوتن جي انا ۽ ٻين محرڪن کي ملائي جيڪڏھن غور ڪجي تہ مايوسي بہ پيدا ٿئي ٿي تہ جيڪڏھن بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿي وئي تہ پوءِ ڇا ٿيندو؟

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *