ڪراچيءَ ۾ طوفاني برساتن سبب عجيب ڪيفيت هئي، شهر هڪ درياءَ جو ڏيک ڏئي رهيو هو، شهري ان ڳالهه تي ته متفق هئا ته پوئين ڪيترن ئي ڏهاڪن کانپوءِ برسات گهڻي ٿي آھي، پر ان تي حيرت ۾ هئا ته پاڻي آخر نيڪال ڇو نٿو ٿئي، ڇاڪاڻ ته هن ڀيري انهن هنڌن تي 10 ڏينهن گذرڻ باوجود به پاڻي بيٺل آھي، جتان اڳ رات جو برسات پوڻ بعد صبح جو نيڪال ٿي ويندو هو، ٻيو ته ٺھيو اهي نالا به وهي آيا جيڪي برساتن ۾ معولي اٿلندا هئا، جڏھن ته تازو اين ڊي ايم اي وارن انهن جي صفائي ڪري سندن ڪليئرنس ڏني هئي ته اهي مڪمل طور نيڪال لاءِ اپڊيٽ آھن. پر خبر تڏھن پئي جڏھن اهي وهڻ کان جواب ڏئي ويا، جنهن بعد شهر جو جيڪو حال ٿيو، اهو جڳ ڏٺو، هاڻ پاڻ اڄوڪي ڪالم ڏانهن اچون ٿا.
گڊ گورننس جو ذڪر نڪرندي ئي هر ڪنهن جو ڌيان سنڌ حڪومت ڏانهن هليو وڃي ٿو، ڄڻ ته اهو لفظ رڳو ان لاءِ ئي مخصوص ٿيل هجي، ڇاڪاڻ ته گذريل پنجن ۽ خاص طور تي موجوده تحريڪ انصاف جي حڪومت جي شروعاتي ٻن ورهين دوران ان جو ورجاءُ رڳو سنڌ لاءِ استعمال ٿيو آھي، باقي وفاقي سرڪار سميت پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان لاءِ ان کي ڪتب آڻڻ جي ضرورت شايد ان ڪري محسوس ناهي ٿي جو اتي کير سان روڊ ڌوتا پيا وڃن، هر ماڻھو خوشحال زندگي پيو گهاري، بي آر ٽي سميت سمورا ترقياتي ڪم وقت سر مڪمل پيا ٿين، واپارين کي به ڪا شڪايت ناهي، وزير ، مشير اهليت کي اوليت پيا ڏين، سرائيڪين کي سمورا حق مليل آھن، سندن صوبو پڻ ٺھي ويو، هر ڪو سک سان رهي پيو، مطلب ته گورننس جو مسئلو رڳو سنڌ ۾ آھي.
اڳ به چيو هو ۽ هاڻي به چئون ٿا ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ٻين صوبائي حڪومتن جيان سنڌ حڪومت ۾ به اوڻايون آھن، پر جنهن نموني سان هڪ صوبي ۽ ان جي حڪومت جو مخصوص سوچ آڌار گهيرو تنگ ڪيو ويو آھي، ان سان پيپلز پارٽي جون همدرديون گهٽجڻ بدران وڌي رهيون آھن، اهو ئي سبب آھي ته اها سمورين خرابين باوجود سنڌ مان کٽي اچي ٿي، انهي ڪري چيو ويندو آھي ته تنقيد براءِ تنقيد نه پر تنقيد براءِ اصلاح ٿيڻ گهرجي.
ڏٺو وڃي ته هن وقت گورننس سموري پاڪستان جو مسئلو بڻيل آھي، برساتن جيڪو حشر سنڌ جو ڪيو آھي، پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي کي ڏسي اندازو ٿئي ٿو ته اتي به حالتون ڪي مختلف ناهن. توهان سنڌ کي گورننس جي حوالي سان وڌيڪ بگڙيل صوبو قرار ڏئي سگهو ٿا، پر ڇا ان جو مطلب اهو وٺجي ته ٻيا صوبا بس پاڻ ٺيڪ ٿي ويندا، اچو ته سنڌ کي سڌاريون، اهو انصاف ناهي، اهڙو عمل ئي عدم توازن پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿو. حيرت آھي ته جن کي پاڻ گورننس جي ضرورت آھي، اهي ئي سنڌ تي الزام لڳائيندي مشورا ڏيڻ ۾ مصروف آھن، پهريان ته هنن واقعي سنڌ حڪومت بابت سنجيده ۽ جواب طلب سوال اٿاريا هئا، جن سان ڌرتي واسين پڻ اتفاق ڪيو هو، پر جڏھن ان کي بنياد بڻائي ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو ته پوءِ خبر پئي ته هڪ تير ۾ ٻه شڪار ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آھي، جئين 1996ع دوران مير مرتضي ڀٽي کي قتل ڪري سنڌ کي مستقبل جي هڪ اهم ملڪي سطح جي اڳواڻ کان محروم ڪيو ويو ۽ ساڳئي وقت بينظير ڀٽو جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري مخصوص سوچ ڏيکاري وئي، ان ڪري منهنجي ناقص راءِ ۾ ھن وقت به اهڙي ئي اسڪرپٽ تي عمل ٿي رهيو آھي، جيڪا خطرناڪ راند آھي، جنهن ۾ ڪجهه به ٿئي سنڌ جي ماڻھن کي سوچي سمجهي قدم کڻڻ گهرجن ۽ اهي اهو ضرور ڏسن ته پيپلز پارٽي جي مخالفت کي بنياد بڻائي "حدف” ڪهڙو حاصل ڪيو پيو وڃي، ٿي سگهي ٿو ته منهنجي اها سوچ ڪنهن کي غلط به لڳي، پر ماضيءَ جا تجربا تلخ رهيا آھن. انهيءَ ڪري چئون ٿا ته گورننس جي نالي تي سنڌ جي نمائنده پارٽيءَ جي حڪومت ۽ ڪراچي شهر وڃائي نه ويهون.
گڊ گورننس ۽ بيڊ گورننس جي واويلا ۾ سياسي پارٽين جو ڳالهائڻ ته سمجهه ۾ پئي آيو، هن ڀيري عدالتن به گورننس تي رمارڪس ڏنا، جن کي ٻڌندي ائين پئي لڳو ته ڪو سياستدان پنهنجي مخالفن خلاف ڳالهائي رهيو آھي، پر اسان جا فيس بڪ وارا دانشور جيئن اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري جي رمارڪس تي خوش ٿيندا هئا، ائين اهي موجوده ججن جي رمارڪس تي به خوشي وچان ڪپڙن ۾ نه پيا ماپن، جن تي جيڪڏھن ڪو تنقيدي تبصرو ڪجي ٿو ته توهين عدالت ليکي وڃي ٿي.انهي ڪري چڱا ڀلا ماڻھو سوين اختلافن باوجود عدليه جي گورننس تي ڳالهائي نٿا سگهن ته 45 هزار ڪيس رولڙي جو شڪار هجڻ ڪهڙي گورننس آھي يا ناليواري اداڪاره عتيقه اوڍو کي شراب جي ٻن بوتلن واري ڪيس ۾ نون سالن کانپوءِ ڪيس مان باعزت بري ڪرڻ کي ڇا سمجهجي؟. ميڊيا جي انگن اکرن موجب ان معمولي نوعيت جي ڪيس جون 210 عدالتي پيشيون ٿيون، ان دوران 16 جج تبديل ٿيا، اها گڊگورنس اتي ختم نٿي ٿئي. اسماءِ نواب نالي ڪراچيءَ جي 16 سالن جي نياڻي کي جيل ۾ گهاريل 22 سالن جو حساب ڪير ڏيندو، جنهن کي 1997ع دوران ماءُ، پيءُ جي قتل ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي، پر 2019 ع ۾ ڪيس ثابت نه ٿيڻ تي کيس بري ڪيو ويو. ڇا ان کي گڊگورننس چئبو آھي ته ڪو به فيصلو اچڻ تي ان جي ڪاپي حاصل ڪرڻ لاءِ رشوت ڏيڻي پوي يا پٽيشن داخل ڪرڻ مهل واسطيدار سيڪشن ۾ هر هڪ عدالتي ملازم جي مُٺ گرم ڪرڻي پئي؟.. چيف جسٽس صاحب جي رمارڪس تي خوش ٿيڻ وارا، ڇا اهو ٻڌائندا ته ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او کي هڪ منٽ به بجلي بند نه ڪرڻ جو جيڪو حڪم ڏنو ويو هو، ان جي لتاڙ تي سندس خلاف توهين عدالت جو ڪو ڪيس داخل ٿيو؟..ڇاڪاڻ ته سياستدانن، ڪامورن ۽ عام ماڻھن تي توهين عدالت جو قانون فوري طور حرڪت ۾ اچي ٿو.
سنڌ ۾ گورننس جي معاملي تي صفا ڪاوڙيل عدالت سڳوري کان بي حد احترام سان قوم اهو به پڇڻ جو حق رکي ٿي ته ڀٽو ڪيس ۽ اصغر خان ڪيس ورهين کان پيل آھن، اهي ڇو نٿا هلايا وڃن؟..اڳوڻي آمر پر ويز مشرف کي ڪهڙي آڌار تي ڇوٽ ڏني وئي، جئين نواز شريف کي عدالت آڏو سرينڊر ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي، سندس لاءِ ڪو اهڙو عدالتي حڪم ڇو نٿو اچي؟ جنهن هڪ جمهوري حڪومت ڪيرائي پر افسوس ته ڪجهه ججن سندس اهڙي غير قانوني قدم کي نظريئه ضرورت هيٺ تحفظ ڏنو. عوام ته گڊگورننس ڏسڻ لاءِ انهن فيصلن تي به عمل جو منتظر آھي، جيڪي طاقتور ڌرين طرفان ڪراچي ۾قائم ڪيل شادي هالن، سينما گهرن ۽ شاپنگ مالن کي ڊاهڻ لاءِ حڪم ڏنا ويا هئا.
مٿي بيان ڪيل صوتحال مان خبر پئي ٿي ته گڊگورننس رڳو سنڌ نه پر سموري پاڪستان جو مسئلو بڻيل آھي، انهيءَ ڪري اسان کي سنڌ حڪومت جي گورننس سان گڏوگڏ وفاقي سرڪار ۽ ٽن ٻين صوبائي حڪومتن سميت مانواري عدالتي نظام جي گورننس تي به نظر رکڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ائين جيڪڏھن گٽر ۽ نالا بند هجڻ يا قدرتي طور وڌيڪ پيل برساتن سبب شهر وفاق حوالي ڪرڻ جون ڳالهيون ٿيون ته اها گڊگورننس نه پر ٻي سوچ جو تسلسل هوندي، جيڪا ڪڏھن گورنر راڄ، ڪڏھن ڪراچيءَ کي وفاق حوالي ڪرڻ، ڪڏھن سنڌ کي ٽوڙي مهاجر صوبو ٺاهڻ ته وري ڪڏھن ڪراچيءَ کي حد کان وڌيڪ بااختيار مڪاني نظام ڏيڻ جو مطالبو ڪيو وڃي ٿو، جنهن جو سڌو سنئون مطلب ڪراچيءَ تي قبضو ڪرڻ جي سوچ ئي آھي، هن وقت انهيءَ مخصوص سوچ کي سمجهڻ جي سخت ضرورت آھي.
اچو ته ڪراچيءَ جي وارثي ڪيون ۽ سنڌ حڪومت تي گڊ گورننس لاءِ دٻاءُ وجهون، ان حوالي سان مانواري عدالت سڳوريءَ کي پڻ اپيل ڪنداسين ته ججن بدران فيصلا ڳالهائن ته ڀلو ٿيندو، ڇاڪاڻ ته ان کي ئي گڊگورننس چئبو آھي.